ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

 ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو

ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو

 پروفيسر آمنه خميساڻي

پروفيسر آمنه خميساڻي

 شيخ اياز

شيخ اياز

 رشيد احمد لاشاري

رشيد احمد لاشاري

ڊاڪٽر الياس عِشقِي

ڊاڪٽر الياس عِشقِي

پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي

پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي

ٻانهون خان شيخ

ٻانهون خان شيخ

معمور يوسفاڻي

معمور يوسفاڻي

مولوي غلام مصطفيٰ دادوي

مولوي غلام مصطفيٰ دادوي

محمد حسين ڪاشف

محمد حسين ڪاشف

رسول بخش پليجو

رسول بخش پليجو

پروفيسر مرليڌر جيٽلي

پروفيسر مرليڌر جيٽلي

ڊاڪٽر موتي پرڪاش

ڊاڪٽر موتي پرڪاش

عبدالغفور الستي

عبدالغفور الستي

رشيد ڀٽي

رشيد ڀٽي

سراج

سراج

ڊاڪٽر تنوير عباسي

ڊاڪٽر تنوير عباسي

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

آغا سليم

آغا سليم

محمد سومار شيخ

محمد سومار شيخ

امداد علي سرائي

امداد علي سرائي

ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي

ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي

ممتاز مرزا

ممتاز مرزا

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍو

ڊاڪٽر شاهنواز سوڍو

درِشهوار سيد

درِشهوار سيد

هيرو ٺڪر

هيرو ٺڪر

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

ڊاڪٽر بشير احمد شاد

انور پيرزادو

انور پيرزادو

ڊاڪٽر فهميده حسين

ڊاڪٽر فهميده حسين

انجو ماکيجا

انجو ماکيجا

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو

عبدالواحد آريسر

عبدالواحد آريسر

جوهر بروهي

جوهر بروهي

ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي

تاج جويو

تاج جويو

استاد لغاري

استاد لغاري

جامي چانڊيو

جامي چانڊيو

سليم ڀٽو لطيفي

سليم ڀٽو لطيفي

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا پارکو شارح ۽ مترجم2

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا پارکو شارح ۽ مترجم2 : ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (2011- 1917): سنڌ جو نامور عالم، اديب، لـسـانيـات، لوڪ ادب ۽ لطيـفيـات جو پارکـو ۽ محـقـق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ٻوليءَ، ڪلاسيڪي شاعريءَ، موسيقي، لغات ۽ لطيفات جي موضوعن تي وڏي جاکوڙ ۽ تحقيق وسيلي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو املهه خزانو متعدد ڪتابن جي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي، اردو، عربي، فارسي، انگريزي ۽ سرائيڪي زبانن تي عبور حاصل هو. 1924ع ۾ پرائمري تعليم ڳوٺ پليي خان لغاريءَ مان حاصل ڪرڻ بعد 1929ع ۾ نوشهري فيروز جي مشهور مدرسي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪيائين. 1943ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ايم. اي جو امتحان ۽ وڪالت جو امتحان پاس ڪيائين. 1947ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ايڊيوڪيشن جي موضوع تي ايم. اي ڪيائين ۽ 1949ع ۾ ساڳئي موضوع تي، ساڳي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر بلوچ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن ۾ پهرين پروفيسر، پوءِ ڊائريڪٽر ۽ ڊين فيڪلٽي آف ايڊيوڪيشن بڻيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڊسمبر 1973ع کان جنوري 1976ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو. ان کان پوءِ وفاقي وزارت تعليم ۽ ثقافت ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي/ سيڪريٽري، فيڊرل رويو بورڊ جو ميمبر، ميمبر پي ڪميشن، اسلام آباد، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ جو ڊائريڪٽر، اسلامي يونيورسٽي (هاڻي بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي) اسلام آباد جو وائيس چانسلر، نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو صلاحڪار، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو پهريون چيئرمئن، سنڌ حڪومت ۾ نگران وزير تعليم، زراعت ۽ جهنگلي جيوت، علامه آءِ. آءِ. قاضي چيئر سنڌ يونيورسٽيءَ جو اعزازي ڊائريڪٽر وغيره رهيو. ڊاڪٽر صاحب جي علمي ۽ تحقيقي ڪمن ۾ جامع سنڌي لغات [پنج جلد]، اردو سنڌي ۽ سنڌي اردو لغت (غلام مصطفيٰ چنا سان گڏ)، سنڌي لوڪ ادب جي رٿا هيٺ 40 ڪتابن جي ترتيب (سڀ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل)، شاهه جي رسالي جي رٿا، ڇاپي ۽ قلمي نسخن کي ڀيٽي 10 جلد ڇپائڻ، رسالي جو مستند متن ڇپائڻ، ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام جي سلسلي ۾ قاضي قادن جو رسالو، شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام، ميين شاهه عنات جو ڪلام، خليفي نبي بخش جو رسالو، شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو، راڳ نامو: صوفي صادق فقير سومرو، رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو، ڪليات حمل، ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري، ڪليات سانگي، خليفي غلام نبي لغاريءَ جو رسالو تيار ڪيائين. ٻولي، ادب، تاريخ ۽ موسيقيءَ بابت ڪيترا ڪتاب ڇپايائين ۽ ٻين موضوعن تي پڻ ڪيترا ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جي علمي پورهئي ۾ شامل آهن. ڊاڪٽر صاحب جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو شاهه جي رسالي جو مستند متن تيار ڪرڻ آهي. ان ڏس ۾ هن شاهه جي رسالي جي سمورن قلمي ۽ ڇاپي رسالن کي آڏو رکي، پهرين ڪجهه ڀيٽاڀيٽي رسالا شايع ڪيا، جن ۾ برٽش ميوزيم وارو رسالو ۽ ٻيا رسالا اچي وڃن ٿا. شاهه جي رسالي جي ترتيب ۽ شاهه جي رسالن جي سرچشمن بابت ڪتاب لکيائين ۽ مختلف سُرن بابت ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپايائين ۽ آخر ۾ شاهه جي رسالي تي 10 تحقيقي جلد تيار ڪيائين، جن ۾ 8- 9 جلد رسالي جي مستند متن تي مشتمل هو ۽ ڏهون جلد رسالي ۾ موجود ڌارئين ڪلام تي مشتمل هو. ان کان سواءِ ڌار رسالي جي سموري شاعريءَ تي مشتمل مڪمل جلد به ڇپايائين. ان کان سواءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۽ شاهه جي راڳ تي تحقيق ڪري هڪ اهم ڪتاب شايع ڪرايو: ‘سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ’. هيءُ ڪتاب شاهه جي موسيقيءَ تي پهريون جامع ڪتاب آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي تاريخي ماخذن تي ‘چچنامو’، ‘تاريخ معصومي ’ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب ايڊٽ ڪري، حواشي لکي ڇپايا. ڪيترن اديبن ۽ عالمن سندس سُونهپ هيٺ پي. ايڇ. ڊي جا تحقيقي مقالا لکيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 6 اپريل 2012ع ۾ وفات ڪئي. ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو (1917-1986): عربي زبان جي عالم ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ کي عربيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪندڙ ڊاڪٽر فضل رحيم سومري، حيدرآباد ۾، حڪيم محمد امين سومري جي گهر ۾، 1335هه بمطابق 1917ع ۾ جنم ورتو هو. هن مئٽرڪ جو امتحان جامعه عريبه حيدرآباد مان پاس ڪيو. کيس ننڍي هوندي کان ئي عربي زبان سان والهانه عشق هو. اهو ئي سبب آهي، جو شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو مرحوم به سندس وڏي همت افزائي ڪندو هو. هڪڙي ڀيري هن بسنت هال، حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي صدارت ۾ منعقد ٿيل ڪانفرنس ۾ عربي زبان ۾ تقرير ڪئي. فضل رحيم سومري، ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪري ڊاڪٽري پيشو اختيار ڪيو ۽ پنهنجي وقت جو وڏو ڊاڪٽر تسليم ڪيو ويو. علاج ۾ کيس وڏي هٿ شفا هوندي هئي. هن گهڻو عرصو سعودي عرب ۾ گذاريو. ان دوران هن عربي زبان تي عبور حاصل ڪري ورتو. نتيجي طور هن سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ‘شاهه جي رسالي’ جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. هن ترجمي جو ڪم 1980ع کان شروع ڪيو ۽ چئن سالن اندر مڪمل ڪري ورتو. 8 اپريل 1984ع تي سندس مڪمل شاهه جي رسالي (30 سرن سميت) جي ترجمي جو مهورت، ان وقت جي پاڪستان جي وزير دفاع مير علي احمد خان ٽالپر، توحيد پبليڪيشن جي اهتمام هيٺ حيدرآباد ۾ ڪيو هو. مهورت جي موقعي تي ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو خود به موجود هو ۽ سندس وڏي پذيرائي ڪئي وئي هئي. فضل الرحيم سومري، ان ئي زماني ۾ شاهه لطيف جي سوانح عمري عربيءَ ۾ ترجمو ڪري 35 صفحن تي مشتمل هڪ ڪتابڙو ڌار شايع ڪيو هو، جنهن ۾ هن شاهه لطيف جي حياتي، دور ۽ سندن وڏن جي سنڌ ۾ آمد کان سواءِ ڪجهه مؤرخن ۽ ماخذن جا نالا به ڏنا هئا. شاهه جو رسالو ڪل يارهن جلدن (سوانح سميت 12 جلدن) ۾ ڇپائي، جلد بند ڪري پيش ڪيو ويو هو. فضل رحيم سومري پهرين، شاهه جا مختلف سُر ڌار ڌار ڪتابڙن جي صورت ۾ ڇپايا ۽ بعد ۾ سندس شاهه جو رسالو (عربي ترجمو) مڪمل صورت ۾ ڇپيو. هن 69 ورهين جي ڄمار ۾، 17 مارچ 1986ع تي سعودي عرب ۾ انـتـقـال ڪيو. سـندس جـنازو سعـودي عـرب کان حيدرآباد آڻي ڪينٽومينٽ واري قبرستان ۾ پنهنجي والد جي پيرانديءَ تدفين ڪئي وئي. گنگارام سمراٽ (1918-2004): مشهور محقق، تاريخدان، اديب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي برک ماهر گنگارام گيانچند سمراٽ، 15 سيپٽمبر 1918ع تي سن، ضلعي دادوءَ (موجوده ضلعي ڄام شوري) ۾ ڄائو. محترم جي ايم سيد جي حويليءَ سان گڏ سندس گهر هوندو هو. ورهاڱي کانپوءِ سال 1948ع ۾ 30 سالن جي پڪيءَ ڄمار ۾، وطن جا وڻ ڇڏي، سهجپور بوگا، احمدآباد، ڀارت ۾ وڃي آباد ٿيو. کيس ادب ۽ تاريخ سان خاص لڳاءُ هو. هن کي نه رڳو سنڌي، پر هندي، سنسڪرت ۽ انگريزي زبانن تي به وڏو عبور حاصل هو. هن سنڌ ۽ هند جي تاريخ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ تاريخ بابت تاريخي مفروضن کي پنهنجي وسيع مطالعي جي آڌار تي رد ڪيو. هن هند ۽ سنڌ جي تاريخ، هندو ڌرم جي پاڪ ڪتابن ۽ شاهه لطيف بابت ڪافي ڪجهه لکيو ۽ تحقيق ڪئي. وطن سنڌ جي محبت سندس هر تحرير مان بکندي هئي. جي. ايم. سيد سان سندس ويجهڙائي رهي هئي، اُن ڪري هند ۾ رهندي جي. ايم. سيد سان وڏي عرصي تائين سندس لکپڙهه رهي. جڏهن 1964ع ۾ نامور محقق سراج الحق ميمڻ جو ڪتاب ‘سنڌي ٻولي’ ڇپيو هو ته هڪ مضمون ۾ اُن تي هن تنقيد ڪئي هئي، جنهن تي جي ايم سيد کيس خط لکي ڏک جو اظهار ڪيو هو ته، “هڪ ته اسان وٽ تحقيق ٿئي ڪا نه ٿي، ٻيو وري جيڪڏهن ڪي نوجوان قلم کڻن ٿا ته مٿن بيجا تنقيد ڪرڻ، سندن تحقيق جو رستو روڪڻ جي برابر آهي.” اُن جي جواب ۾ هن خط لکي وضاحت ڪئي هئي ته “مـون ڪـجهه غلطـيـن جي نشاندهي ڪئي هئي، باقي مون کي سراج لاءِ صدق هو، تڏهن ته لکيو اٿم ته، هندستان ۾ ڪـو اهـڙي اوچـي درجـي جو سـنڌي ساهتيه ڪونه ٿو نڪري، جـنهن سان هن ڪتاب جي ڀيٽ ڪري سگهجي. باقي سنڌ ۾ جيڪو ساهـت پئي نڪتو آهي، تنهن معيار کان هيءُ ڪتاب هڪ نئين حيثيت رکـي ٿو. سنڌي هئڻ جو ناز ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيارُ ليکـڪ جي نس نس ۾ ايترو ته گهرو اوتيل آهي، جو مهراج دوارڪا پرشـاد کي به شهه ڏئي ٿو وڃي. نوجوان ليکڪ جيڪا ڪوشش ڪئي آهي، سنڌيءَ کي نکاري بيهارڻ ۾ جا هن جي جدوجهد آهي، تنهن لاءِ هـر سنڌيءَ کي ناز هئڻ گهرجي.” جي ايم سيد ۽ گنگارام سمراٽ جي اها خط وڪتابت جي ايم سيد جي ڪتاب ‘اڄ پڻ چڪيم چاڪ’ ۾ موجود آهي. گنگارام سمراٽ جي ڇپيل ڪن ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) آريا ورت (1947ع)، (2) ڀارت ورش (1966ع)، (3) سمـراٽ چندرگپت (1974ع)، (4) گيان گنگا (1975ع)، (5) سنڌو سؤير (سنڌ جو پراچين اتهاس (1979ع)، (6) شُـڌ رامائڻ (والميڪي: 1989ع)، (7) نئون چچنامو- ڀينڪر دوکو (1991ع)، (8) موهن جو دڙو (1992ع)، (9) گهر گرهست- گيان ساگر (1993ع). گنگارام سمراٽ ’آريه وير‘ ۽ ’سنڌو متر‘ ماهوار رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. هي 2004ع ۾ ڀارت جي شهر احمدآباد ويجهو سهجپور بوگا ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پروفيسر آمنه خميساڻي (1919-2007): تعليمي ماھر ۽ استاد، پروفيسر آمنه خميساڻي، ضلعي دادوءَ جي پاٽ شھر ۾، 16 اپريل 1919ع تي ڄائي، سکر جو اڳوڻو ڪليڪٽر علي بخش چنو سندس والد ھو، مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي سينٽ جوزف اسڪول مان پاس ڪيائين. بي. اي 1943ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان ۽ ايم. اي انگلش، 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ ساڳئي ئي سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي شعبي جي ليڪچرر مقرر ٿي. هن 1963ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ‘سترھين صديءَ جي انگريزي ادب ’ جي موضوع تي ڊپلوما ڪئي. 1969ع کان 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي سان وابسته رھي. هن سبجيڪٽ ايڪسپرٽ طور پشاور يونيورسٽي، بلوچستان يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. 1983ع ڌاري اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي اٺٽيھين اجلاس ۾ نمائندگي ڪيائين. پاڻ عورتن واري رتبي جي پاڪستاني ڪميشن جي ميمبر ۽ ساڳي ڪميشن جي 1984ع واري ڇپيل رپورٽ جي سھڪاري ايڊيٽر پڻ رھي. آمـنـه خـميـساڻـيءَ مختلـف موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيا، جن مان ‘سنڌ جي عورت’، ‘ڪربلا کان اڳ ۽ پوءِ’، ‘اسلام ۾ عورت جو مقام’ ۽ ٻيا موضوع شامل آھن، ان کان سواءِ انگريزي ادب ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي معاملن تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾:
(1) Drama Between Two World Wars, (2) Casual Peeps at English Literature, (3) Sindh’s Contribution to English مشهور آھن. تعليمي ميدان ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندڙ آمنه خميساڻي 1985ع ۾ وزٽنگ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿي. آمنه خميساڻيءَ جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو شاهه جي رسالي جو نثر ۾ مڪمل انگريزي ترجمو آهي، جيڪو ثقافت کاتي سنڌ پاران 2001ع ۾ ڇپجي پڌرو ڪيو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو 2014ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪم کيس شاهه جي ڄاڻو ۽ مترجمن ۾ اهم مقام ڏنو. هيءَ تعليمي ماهر، 2007ع ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪري وئي. شيخ اياز (1922-1997): جديد سنڌ، ويهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، تن ۾ شيخ اياز جو نالو مٿانهون آهي. اياز سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪري، ان ۾ زندگي، جدت ۽ ندرت پيدا ڪئي. سندس شاعريءَ جا 40 کان مٿي ڪتاب ڇپيل آهن. هن ڪهاڻيون به لکيون، جن جو ڪتاب ڇپيل آهـي. آتـم ڪٿـا جـا چـار جـلـد، جيل جي ڊائري'>ساهيوال جيل جي ڊائري ۽ يادگيرين تي مشتمل ڪتاب ‘ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون’ به لکيو. شيخ صاحب کي شاهه لطيف جي جديد شارحن ۾ اهم مقام حاصل آهي. هن شاهه لطيف جي شاعريءَ ۽ پيغام جي حوالي سان ڪيترائي مضمون لکيا آهن، جن جا عنوان هن ريت آهن: (1) ڀٽائي، اسان جي تاريخ جي پورڻتا (2) ڀٽائي، سنڌ جو خواب (3) شاهه جي شاعريءَ جا ٻه پاسا (4) مولانا رومي ۽ شاهه لطيف (5) سنڌ جو فيلسوف: شاهه لطيف وغيره. ان کان سواءِ شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۽ نثري ڪتابن ۾ شاهه جي فڪر ۽ شعري عظمت جو مختلف هنڌن تي تفصيلي ذڪر ڪيو آهـي، جنهن سموري (شعري ۽ نثري) ڪم کي تاج جويي سهيڙي، ڪتابي صورت ڏني آهي ۽ اُهو ڪتاب ‘جر ۾ ٿو جرڪان’ عنوان سان 1999ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن ڇـپائي پڌرو ڪيو آهي. شاهه لطيف جي حوالي سان شيخ اياز جو وڏي ۾ وڏو ڪم ‘شاهه جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو’ آهي. 1952ع ۾ حڪومت پاڪستان جي تعليم کاتي هڪ اهم فيصلو ڪيو ته ‘شاهه جي رسالي’ جو اردو ترجمو ڪيو وڃي. اُن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضيءَ، نامياري تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ کي هن ڪم جي نگراني سونپي. پير صاحب، شيخ اياز جهڙي وڏي شاعر کي شاهه جي عظيم شاعريءَ جي ترجمي لاءِ راضي ڪيو ۽ شيخ اياز ڪمال مهارت سان شاهه جي رسالي جو منظوم تخليقي ترجمو تڪميل تي پهچايو. شيخ اياز جي منظوم اردو ترجمي ڪيل شاهه جي رسالي جو پهريون ڇاپو به سنڌ يونيورسٽيءَ 1962ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جا ان کانپوءِ چار ڇاپا سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ ڇپائي پڌرا ڪيا ۽ پنجون ڇاپو ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2009ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. شيخ اياز کي سنڌي ۽ اردو زبانن تي هڪجهڙو عبور حاصل هو. اردوءَ جو مشهور شاعر محسن ڀوپالي لکي ٿو ته، “شيخ اياز کي شاهه لطيف سان جنون جي حد تائين عشق هو. شاهه جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو ان جو پهريون ثبوت آهي ۽ آخري ثبوت پنهنجي آخري آرام گاهه لاءِ ڀٽ شاهه جي سرزمين پسند ڪرڻ آهي.” شيخ اياز جي شاهه سان عقيدت جو ثبوت سندس هيٺيون بيت ۾ ملي ٿو: ‘مون وٽ مڙيوئي بيت، تو وٽ آهن آيتون’ شيخ اياز، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي روح ۾ سمائي ترجمو ڪيو آهي. هن نه معنيٰ کي مبهم ٿيڻ ڏنو آهي ۽ نه ئي اثر کي زائل ڪيو آهي. شيخ اياز ترجمي وقت بيت ۽ وائيءَ جي هيئت بدران قلعي، مثنوي ۽ گيت [خاص ڪري واين] جي هيئتن کي ڪم آندو آهي. شيخ اياز جي ترجمي سان گڏ مقدمي کي به وڏي اهميت آهي. هي مقدمو شاهه جي سوانحي خاڪي ۽ تعارف تي اڪتفا نه ٿو ڪري، پر شاهه جي شاعريءَ جو هر رُخ کان گهرو اڀياس به پيش ڪري ٿو. هن رسالي ۾ شاهه جي رسالي جا 29 سُر ترجمو ڪيا ويا آهن (جيڪي علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ هئا). شيخ اياز مقدمي ۾ سُرن، عوامي داستانن ۽ ڪردارن جو به تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. هن ترجمي ۾ اهي بحر ۽ وزن ڪم آندا آهن، جيڪي اردو ۽ هنديءَ ۾ مستعمل آهن. هي شاهه جي رسالي جو اردو ترجمو ڊيمي سائيز جي 672 صفحن تي مشتمل آهي. شيخ اياز 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي ۽ ڀٽ شاهه ۾ ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي مدفون آهي.  رشيد احمد لاشاري [1970-1922]: نامور شاعر، عالم ۽ اديب رشيد احمد ولد خان لاشاري'>زرڪ خان لاشاري، 16 مئي 1922ع تي ڳوٺ ملگزار، تعلقي نصيرآباد، ضلعي سبي، بلوچستان ۾ جنم ورتو. هي اسڪول ملگزار ۾ چار درجا اردو پڙهيو. والد جي وفات بعد سندس مامي حمزي خان ۽ چاچي عبدالعزيز خان سندس پرورش ڪئي. 1931ع ڌاري سندس وڏا لڏي ڪنڌڪوٽ سنڌ ۾ آباد ٿيا، جتي 1932ع ۾ سندس والد گذاري ويو. هن اسڪول سوڀي خان اوڳاهي، تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌي پڙهي، 1936ع ۾ ورنيڪيولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. 1937ع کان 1940ع تائين حضرت سلطان باهورح جي اولاد مان صاحبزادي فيض سلطان سان گڏ هن پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان جو سير ڪيو ۽ زياده عرصو حضرت سلطان باهوءَ جي درٻار (شورڪوٽ، پنجاب) ۾ رهيو، اتان 1941ع کان عربي ۽ فارسي پڙهڻ شروع ڪيائين. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ مولانا عبدالحڪيم شڪارپوري، مولانا حبيب الله ٺيڙهوي ۽ مولانا فقير محمد ڪنڌڪوٽيءَ وٽان فارسي ۽ ‘ڪنز ۽ ڪافيه’ تائين عربي پڙهيو. 1944ع کان تعليم کاتي ۾ پرائمري ماستر مقرر ٿيو ۽ 1948ع ۾ ٽريننگ ڪاليج جو ٻيو سال پاس ڪيائين. زماني جي گردش سبب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مختلف اسڪولن، جهڙوڪ: ڳڙهي خيرو جمالي، مدرسه نورالاسلام روهڙي، مدرسه دارالهديٰ ٺيڙهي، پرائمري اسڪول کهڙا، فيض هاءِ اسڪول گنبٽ، پرئڪٽيسنگ اسڪول ٽريننگ ڪاليج خيرپور ۽ پرائمري اسڪول آسن مل ٽي. اوجها ڪراچيءَ ۾ ماستر ٿي رهيو. اپريل 1949ع کان ڊاڪٽر دائودپوٽي مٿس خاص نوازش ڪري کيس ضلعي حيدرآباد لاءِ اٽينري اردو ٽيچر مقرر ڪيو، جتان ترقي ڪري ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ استاد مقرر ٿيو. رشيد احمد لاشاري، پنجاب يونيورسٽيءَ مان اديب فاضل (اردوءَ) جو امتحان 1947ع ۾ ڏنو ۽ 1953ع ۾ اورينٽيئل ڪاليج حيدرآباد مان اديب عالم پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين ۽ اورينٽيئل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿي رهيو. هي ڪجهه وقت تائين سنڌي ادبي بورڊ جي لغت اسڪيم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نظرداريءَ هيٺ عبدالڪريم سنديلي ۽ محمد بخش واصف سان گڏ ريسرچ اسسٽنٽ ٿي رهيو. 1956ع ۾ طويل بيماري ۽ ڪن ٻين اهم سببن ڪري نوڪري ڇڏي ڪراچيءَ آيو ۽ فلمن لاءِ ڪهاڻيون، مڪالما ۽ گيت لکيائين. انهن فلمن ۾: عمر مارئي، پرديسي، سسئي پنهون، شهرو فيروز، چانڊوڪي، پنو عاقل (سنڌي)، هماري زبان (اردو) ۽ نئين ڪرن (اردو) شامل آهن. انهيءَ عرصي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اسڪرپٽ رائيٽر به ٿي رهيو. 1958ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪيائين، جتان ڊسمبر 1959ع ۾ کيس ڪن ڳالهين ڪري ملازمت کان الڳ ٿيڻو پيو. 1960ع کان ادارده نئين زندگيءَ جي عملي ۾ شامل ٿيو. رشيد احمد لاشاري پنهنجي دور جو باڪمال شاعر هو. هو سنڌي، اردو، سرائيڪي (ملتاني)، پنجابي، بلوچي، پشتو، فارسي، عربي ۽ انگريزي ٻوليون ڄاڻندو هو. هن نثر توڙي نظم ۾ تمام گهڻا ڪتاب لکيا. رشيد احمد لاشاري، سنڌ جي ترقي پسند ۽ جديد فڪر وارن اديبن خلاف لکڻ سبب تڪراري رهيو. سندس نثر ۽ نظم ۾ 30 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيل آهن، جهڙوڪ: (1) ‘معلم اردو’ (1951ع)، (2) ‘اردو اصول’ (1951ع)، (2) ‘اسلام '>تاريخ اسلام ’ (ٻه حصا: 1954ع)، (3) ‘ڪليات گدا’ (ترتيب: 1957ع)، (4) ‘سچل جو سرائيڪي ڪلام’ (ترتيب: سال 1958ع)، (5) ‘مثنوي نل دمنيتي’ (ناٽڪ: 1959ع)، (6) ‘بلي شاهه جون ڪافيون’ (ترتيب: 1962ع)، (7) ‘يوسف زليخا’ (قصو: 1964ع)، (8) ‘حضرت سـلـطان باهو’ (1964ع)، (9) ‘سچل جو رسـالو’ (ترتيب: 1965ع)، (10) ‘شڪنتلا’ (ناٽڪ)، (11) ‘بيدل جون چونڊ وايون’ (1961ع)، (12) ‘ادب ڪي آڙ مين’، (13) ‘اسلام '>تاريخ اسلام ’ (ٻه ڀاڱا)، (14) ‘رسالو خواجه غلام فريد’ شامل آهن. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: ‘سوغاتِ رشيد’ ۽ ‘رياضِ رشيد’ شايع ٿيل آهن. رشيد احمد لاشاري لطيفيات جو ڄاڻو هو. هن جا ان ڏس ۾ هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) شرح سُر ڪلياڻ (1954)، (2) شرح سُر مومل راڻو، (3) شرح سُر حسيني (1954)، (4) شرح سُر مارئي (1960)، (5) شاهه جون وايون (1962)، (6) منتخب شاهه جو رسالو (1962)، (7) رُوحِ لطيف، (8) شاهه جون چونڊ ڪافيون، (9) لطيف باغ جو سير، (10) شرح سُر سارنگ، (11) شرح سُر سسئي آبري، (12) شرح سُر کنڀات. رشيد لاشاري 19 سيپٽمبر 1970ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. ڊاڪٽر الياس عِشقِي (1922-2006): اردو ۽ سنڌي زبانن جو ناميارو شاعر، اسڪالر، اديب ۽ لطيف شناس، ڊاڪٽر الياس عشقي، 25 ڊسمبر 1922ع تي جئپور جي هڪ علمي گهراڻي ۾ ڄائو. سندس والد علامه زري جئپوري، هڪ بهترين شاعر ۽ عالم هو. ڊاڪٽر الياس عشقي، اردو، سنڌي ۽ فارسيءَ جو وڏو شاعر هو. هن 1945ع ۾ آگري يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (فارسي) ۽ 1947ع ۾ ايم. اي (اردو) جون سندون ورتيون. 1950ع ۾ ريڊيو پاڪستان سان وابسته ٿيو ۽ عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين ۽ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو. هن کي فارسي، سنڌي، اردو، هنديءَ ۽ انگريزي ٻولين تي مڪمل عبور هو. 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس فارسي ڪلام جو مجموعو ‘شهر آشوب’، 1949ع ۾ ملتان مان شايع ٿيو. ان کان سواءِ سنڌي شاعرن جي ڪلام جو سندس منظوم اردو ترجمو ‘موج موج مهران’، انجمن ترقي اردو ڪراچيءَ طرفان شايع ٿيل آهي. هن کي خاص ڪري شاهه لطيف جي ڪلام تي وڏو عبور حاصل هو. هن شاهه جي ڪيترن سُرن جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، جنهن جو فارم ساڳيو سنڌي بيت وارو رکيائين. سندس ترجمو اصل ڪلام واري لذت ڏئي ٿو. هن جو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت هڪ تحقيقي، تنقيدي ۽ تجزياتي اڀياس تي مشتمل اردوءَ ۾ ڪتاب ‘آواز لطيف’ 2014ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جيڪو ڪتاب هن 1999ع ۾ تيار ڪيو هو، پر اُن جي اشاعت، سندس وفات کان 8 سال پوءِ ٿي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر الياس عشقيءَ ڄاڻايو آهي ته سندس لطيف شناسيءَ جي آغاز ۽ مرشد لطيف سان عقيدت کي 50 سال (1999ع ۾) پورا ٿيا آهن. هن شاهه جي اڀياس لاءِ سنڌي زبان سکي. شاهه لطيف جي ڪلام کي سمجهڻ جي شروعات هن ريڊيو تي موسيقيءَ جي پروگرامن ڪرڻ سان ڪئي. هو لکي ٿو ته “جڏهن منهنجو شاهه لطيف جو مطالعو وڌيو ته عجيب تجربو ٿيو، جنهن لفظ جي تلاش (مختلف لغتن ۾ نه ملڻ سبب) مهينن تائين رهندي هئي، اها هڪ ڏينهن شاهه لطيف پنهنجي ڪنهن بيت رستي سمجهائي ڇڏيندو هو.” عشقي صاحب جي مطالعي هيٺ ديوان حافظ، مثنوي مولانا روم ۽ ديوان غالب سان گڏ شاهه جو رسالو هميشه گڏ رهيو. عشقي صاحب، شاهه لطيف جي شاعريءَ کي مختلف آوازن ۾ ورهائي، هي ڪتاب لکيو آهي. هو لکي ٿو ته: “ڪتاب جي تحرير دوران آءٌ اڪثر مرشد جي آوازن جي طلسم ۾ گهيرجي محو ٿي ويندو هوس. آءٌ هڪ هڪ آواز جو پڙاڏو ڀانت ڀانت جي نمونن ۾ ٻڌندو رهيس ۽ اهي ئي آواز اوهان تائين پهچايان ٿو. مون مرشد جي هڪ آواز ۾ جيترا آواز ٻڌا آهن، انهن ۾ واڌارو به ٿي سگهي ٿو، جهڙوڪ: حب الوطنيءَ جو آواز، سياست جو آواز، فطرت جي منظرن جو آواز، غريب ۽ مظلوم انسانن جو آواز وغيره.”- ڪتاب هيٺين عنوانن تي مشتمل آهي، مشرق جو آواز، تصوف جو آواز، شاعر جو آواز، ٻهراڙي ۽ ٻهراڙيءَ جي فيلسوف جو آواز، نسوانيت جو آواز، علم جو آواز، فن جو آواز، نغمي جو آواز، منفرد آواز، ضمير جو آواز. ان کان سواءِ ضميمي ۾ هن شاهه جي حالات زندگي، شاهه جي مذهب، شاهه ۽ مستشرقين، شاهه جي رسالي جا قلمي ۽ ڇاپي رسالا، شاهه لطيف تي جديد تحقيق، شاهه جي بيتن جو وزن ۽ سنڌي تلفظ جا مسئلا شامل آهن. هي ڪتاب شاهه لطيف تي جديد تحقيق جي حوالي سان اهم آهي. ڊاڪٽر الياس عشقيءَ کي 14 آگسٽ 2000ع تي حڪومت پاڪستان ‘هلال امتياز’ جي اعزاز سان نوازيو. سندس وفات 16 جنوري 2006ع تي سعودي عرب ۾ پُٽ وٽ ٿي، جتان سندس ميت کي آڻائي حيدرآباد سنڌ ۾ دفن ڪيو ويو.  پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي [1924-2006]: سنڌي ٻوليءَ جي برک ڪهاڻيڪارِ، ناول نگارِ، نقاد، اسڪالر ۽ شاعرِ، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، 17 سيپٽمبر 1924ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ رامچند هيراننداڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق حيدرآباد جي عامل خاندان سان هو. هوءَ جڏهن ڏهن سالن جي مس هئي ته سندس پيءُ گذاري ويو. پوپٽي هيراننداڻي، ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ، ان ئي اسڪول ۾ ماسترياڻي مقرر ٿي. صبح جو اسڪول ۾ ماستري ڪندي ۽ شام جو هوءَ ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳي. فارسي ۽ سنسڪرت ٻولين سان کيس شروع کان ئي دلچسپي هئي. بي. اي جي امتحان ۾ هن انگريزي ۽ سنڌيءَ سان گڏ سنسڪرت ۽ هندي به کنئي هئي. هن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي اَوج تي رسائڻ لاءِ پاڻ سان ڪيل وچن کي پاڙيندي، سڄي حياتي اڪيلي گذاري ۽ شادي نه ڪيائين، ان ڪري کيس ڪماري پوپٽي هيراننداڻي سڏيو ويندو هو. ورهاڱي کانپوءِ ڀارت هلي وئي ۽ ممبئيءَ ۾ ماستري ڪيائين. 1960ع ۾ نيشنل ڪاليج باندرا ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ استاد مقرر ٿي، پر ساڳئي وقت هوءَ ڪامرس ڪاليج چرچ گيٽ ممبئيءَ ۾ به پارٽ ٽائيم پروفيسر هئي ۽ پروفيسر جي عهدي تان ئي اڳتي هلي رٽائر ٿي. پوپٽي هيراننداڻيءَ هندستان ۽ هندستان کان ٻاهر ڪافي دنيا گهمي ڏٺي. سنڌي ٻوليءَ، ساهت، راڳ ۽ نرت جي پروگرامن، سماجي گڏجاڻين ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هوءَ ڀارت جي مختلف شهرن: گانڌي ڌام، احمدآباد، جئپور، اجمير، انڊور، اُجين، ڀوپال، جهوناڳڙهه، لکنو، ڪانپور، ڪلڪتي، بئنگلور ۾ ويندي رهندي هئي. هندستان کان ٻاهر به ڪيترن ملڪن، جهڙوڪ: سينگاپور، هانگ ڪانگ، بئنڪاڪ، جاپان، ملائيشيا، انڊونيشيا، انگلنڊ، فرانس ۽ ڪئنري ٻيٽ وغيره جو سفر پڻ ڪيائين. وپٽي هيراننداڻيءَ جو شمار سنڌيءَ جي تيز رفتار ليکڪائن ۾ ٿيندو هو. سندس قلمي ڪاوشن ۾ ڪهاڻين جا طبعزاد 10 مجموعا، مراٺي ۽ هنديءَ ۾ ترجمو ٿيل ٻه مجموعا، انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل هڪ مجموعو (Coward)، هيري شيوڪاڻيءَ سان گڏ ترتيب ڏنل ‘چونڊ سنڌي ڪهاڻيون’ (2001)، چار طبعزاد ناول، شاعريءَ جا ٽي مجموعا (‘روح سندي رُڃ’، ‘مان سنڌڻ’ ۽ ‘دُن هيٺان دٻلي’)، مضمونن ۽ ٻوليءَ بابت 20 کان وڌيڪ ڪتاب، هڪ آتم ڪٿا (‘منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق’: 1981)، سنڌي ادب جي تاريخ تي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب History of Sindhi Literature وغيره شامل آهن. پوپٽي هيراننداڻيءَ، شريمد ڀاڳوت (انگريزيءَ مان)، ڪبير جي جيوني (انگريزيءَ مان)، ۽ وويڪانند جي جيوني (هنديءَ مان) ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا. پوپٽي هيراننداڻي ڪهاڻيڪار، ناول نويس، شاعر، ناٽڪ ڪار ۽ محقق طور سنڌ ۽ هند جي مشهور ليکڪ رهي آهي. سندس ڪهاڻيون ڏاڍيون سگهاريون آهن. ناول ۽ ڪهاڻي سندس من پسند موضوع آهن، پر پوپٽيءَ لسانيات ۾ به پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن. ان ڏس ۾ سندس ڪتاب ‘ڀاشا شاستر’ (1962)، (2) سنڌي ٻولي، (3) ٻولي منهنجي ماءُ اهم ڪتا آهن. هن سنڌي ادب تي انگريزيءَ ۾ History of Sindhi Litearture ڪتاب پڻ لکيو. پوپٽي هيراننداڻيءَ، الهاس ننگر ۽ ممبئيءَ جي ادبي ڪلاسن ۾ توڙي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت دوران بيباڪيءَ سان تنقيد ڪرڻ کان ڪڏهن نه ڪيٻايو. هند ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ طور تسليم ڪرائڻ لاءِ هليل تحريڪ جي اڳواڻن ۾ هوءَ به شامل هئي. ‘اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا’ سان آخر تائين سندس لاڳاپو رهيو. ناٽڪن ۽ سنڌي ثقافتي پروگرامن ۾ گهڻو حصو وٺندي رهي. ڀڳونتي ناواڻيءَ کان سنڌيت جا ڪلام ڳارائڻ کان سواءِ ڀارت جي مشهور سنڌي نرتڪيءَ انيلا سندر کان ‘سنڌيت جي سرهاڻ’ سنگيت پِلي ڪرايائين. پوپٽيءَ کي ادبي خـدمتن تي ڪيترائي اوارڊ ۽ انعام پڻ مليـا، جهڙوڪ: (1) ساهتيه اڪادمي اوارڊ (1982ع)، (2) مهاراشٽر حڪومت پاران گرو پرسڪار“ (1990ع)، (3) اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا پاران اوارڊ (1998ع)، (4) انٽرنيشنل لطيف اوارڊ (1990ع)، (5) سنڌي نو رتن (1993ع) وغيره. پوپٽي هيراننداڻي، تصوف ۽ ويدانت جي به ڄاڻو هئي. ان حوالي سان هن جو ڪتاب ‘سنڌي مسلمان ڪوين جي هندي ڪوتا’ (1981) هڪ اهم ڪتاب آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۽ فڪر جي حوالي سان پوپٽيءَ جا ٻه ڪتاب مشهور آهن: (1) ‘شاهه: سنڌي تهذيب جو روح’ (1983) (2) ‘شاهه لطيف جا سورما ۽ سورميون’ پوپٽيءَ ڪيترا ناٽڪ پڻ لکيا. ‘راڻي پدمڻي’ سندس ناٽڪن جو ڪتاب آهي. ان کانسواءِ هن نرت ناٽڪ تي هڪ ڪتاب ‘نرتڪ نائڪائون ۽ ڀڳت’ (2001) به لکيو. سندس شاهه جي سورمين تي لکيل نرت ناٽڪ، انيلا سندر اسٽيج ڪيا هئا، جن وڏي مقبوليت ماڻي. پوپٽي هيراننداڻيءَ 17 ڊسمبر 2006ع تي بمبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو.  خان شيخ'>ٻانهون خان شيخ (1928-2008): خان شيخ'>ٻانهون خان شيخ، ڀٽائيءَ جي شارحن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. هي ڀٽ شاهه، ضلعي مٽياري جو ويٺل هڪ عالم شخص هو. هي روينيو کاتي جو رٽائرڊ آفيسر هو. 19 اپريل 1928ع تي ڀٽ شاهه ۾ ڄائو. شاهه لطيف جي رسالي سان وڏو شغف رهيس. لطيف سائينءَ جي درگاهه جي فقيرن جو صحبتي رهيو. ويهه سال راتين جا اوجاڳا ڪري، هن، فقير محمد ابراهيم جو راڳ ٻڌو ۽ ان جي يادداشت وارو سمورو ڪلام قلمبند ڪرڻ کان پوءِ تمر فقير جي اوطاق ۾ رکيل شاهه جي گنج (1207 هه/ 1792ع جي لکيل)، ميين احمد ڀٽائيءَ جي لکيل رسالي (1304 هه/ 1886ع)، ميين محمد ۽ ميين حسين جي لکيل رسالي (1300 هه/ 1882) ۽ ماستر محمد سارنگ لنجواڻيءَ جي لکيل رسالي ۽ سمورن ڇاپي رسالن کي ڀيٽي، هن 1960ع ۾ شاهه جي رسالي جو هڪ مسودو تيار ڪيو. ان وچ ۾ کيس ٻه پراڻا قلمي نسخا، ٽنڊي مير محمود جي مير صاحبن جي ڪتبخاني مان ۽ سيد مسڪين شاهه کاڻوٺيءَ جي ڪتبخاني مان هٿ آيا ۽ 1949ع، 1974ع ۽ 1977ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڇپايل رسالن کي به هن آڏو رکيو. اهڙيءَ طرح شاهه جي رسالي جو مڪمل متن 31 سرن، 4469 بيتن ۽ 300 واين تي مشتمل، لفظي ۽ اصطلاحي معنيٰ سميت تيار ڪيائين. هن شاهه جي رسالي جا ٽي ڀاڱا شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي (ڀاڱو پهريون: 2000ع، ڀاڱو ٻيو: 2012ع، ڀاڱو ٽيون: 2012ع ۾) ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، جن ۾ هن بيتن کي صحيح اچارن سان پڙهڻ لاءِ اعرابون ڏنيون ۽ ڏکين لفظن جون معنائون پڻ ڏنيون. ٻانهي خان ڊگهي بيماريءَ سبب 19 آڪٽوبر 2008ع تي وفات ڪئي. معمور يوسفاڻي [1929-1993]: مشهور اديب، شاعر ۽ لطيف شناس، معمور يوسفاڻيءَ جو جنم، 25 جنوري 1929ع تي ڳوٺ حاجي پير محمد پليءَ ۾ ٿيو. بعد ۾ سندس وڏا پنهنجو ڳوٺ حاجي نبي بخش پلي ٻڌي ويٺا. معمور صاحب پنهنجي والد جي نسبت سان يوسفاڻي سڏائيندو هو. معمور صاحب جا وڏا عالم، فاضل، شاعر ۽ چڱا مڙس ٿي گذريا آهن. معمور صاحب ننڍپڻ ۾ مدرسي جي بنيادي عربي، فارسي ۽ معمولي سنڌي تعليم بعد ٻني ٻاري جي ڪم سان لاڳاپجي ويو. پر علم جي پياس کيس ٻيهر تعليمي درسگاهن ڏانهن وٺي وئي. 1952ع ۾ سنڌي فائنل ڪيائين. 1963ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنائين. بعد ۾ منشي فاضل (فارسي)، اديب فاضل (اردو) ۽ اديب فاضل (سنڌي) جا امتحان ڏنائين. ايم. اي سنڌي پاس ڪرڻ بعد سندس آخري تعليمي مقصد ‘سنڌي ٿري لهجي جو گرامر’ موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ هو، پر طبيعت جي ناسازيءَ سبب اهو ڪم تڪميل تي پهچي نه سگهيو. معمور صاحب پرائمري استاد طور ملازمت شروع ڪئي ۽ آخر ۾ ايڇ. ايس. ٽي جي عهدي سان رٽائر ٿيو. ڪجهه عرصو بيٽ آفيسر به رهيو. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ به رهيو. اعزازي طور سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر ۽ اورينٽيئل ڪاليج محمد عالم پلي ۾ پروفيسر ٿي ڪم ڪيائين. 1945ع کان شعر و شاعري شروع ڪيائين. ابتدائي تخلص ‘غمناڪ’ ۽ ‘خالد’ بعد ۾ ‘معمور’ جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس موضوع تاريخ، جاگرافي، لوڪ ادب، ٻاراڻو ادب، آثار قديمه ۽ لطيفيات رهيا. شاعريءَ جو سٺو پارکو ۽ نقاد هو. سندس واسطو بزم ادب صوفي فقير، تنظيم فڪر و نظر سکر، جميعت الشعراءِ سنڌ ۽ سنڌي ادبي سنگت سان رهيو. شاهه جي رسالي جي صحت، تلفظ، تاريخ، جاگرافي، ماڳن مڪانن، ٻولي، گرامر ۽ روحاني رازن تي تحقيقي ڪم ڪيائين. ان ڏس ۾ سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ست سورهيه، ڏهه ڏاتار (2) لطيف جا ٿر تان ڀيرا (2001) (3) ڍوليو ڍٽ ڌڻي (شاهه لطيف جو ٻين ڪلاسيڪي شاعرن سان تقابلي اڀياس: 2003) (4) ڀٽائيءَ جو مطالعو (تحقيقي مقالا: 2005) ان کان سواءِ معمور صاحب، شاهه لطيف جي گرامر تي به ڪيترا سُر وار مقالا لکيا، جنهن کي ‘شاهه جي رسالي جو گرامر’ عنوان سان سندس فرزند ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنو آهي، ۽ ڇپائيءَ هيٺ آهي. ان کان سواءِ معمور صاحب جو هڪ ٻيو اڻ ڇپيل ڪتاب ‘لطيف ۽ ٿرپارڪر’ عنوان سان به ڇپائيءَ جو منتظر آهي. معمور صاحب جي ٻين ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ‘آڏي ڍال مَ ڍار’ (نـظـم)، (2) ‘پکـن منجـهه پـساهه’ (نـظـم)، (3) ‘سُـتـا اُٿـي جـاڳ’ (نظم)، (4) شاهه ولي الله جا همعصر شامل آهن. معمور يوسفاڻي صاحب، 24 ڊسمبر 1993ع تي وفات ڪئي.  مولوي غلام مصطفيٰ دادوي [2002-1930]: نامياري تعليمدان، استاد ۽ ليکڪ غلام مصطفيٰ دادويءَ جو پورو نالو غلام مصطفيٰ ولد جمعو خان پنهور هو. سندس جنم 1930ع ڌاري ڳوٺ ڦل پنهور، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. هن ابتدائي ديني تعليم محمد سليمان صدائي (ميمڻ) جي مدرسي دارالفيوض دادوءَ مان حاصل ڪئي. بعد ۾ درس نظامي ۽ اديب عالم جو امتحان پاس ڪيو. ان دوران ڊائريڪٽر انسٽرڪشن سنڌ، شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽي سان سندس ملاقات ٿي، جنهن کيس تعليم کاتي ۾ عربيءَ جو استاد مقرر ڪيو. غلام مصطفيٰ دادوي پنهنجي تدريسي سفر دوران ضلعي ٺٽي، ٽنڊي باگي، ميهڙ ۽ دادو ضلعن جي مختلف هاءِ اسڪولن ۾ عربيءَ جي استاد طور پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندي گورنمينٽ هاءِ اسڪول سوسائٽي، نمبر-1، حيدرآباد مان رٽائر ٿيو. صدر اسڪندر مرزا جي دؤر حڪومت ۾ حيدرآباد ۾ ‘ڪل پاڪستان عربي ڪانفرنس’ ڪوٺائي وئي، جنهن ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان عربيءَ جا عالم شريڪ ٿيا. شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو پڻ ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هو. هن ڪانفرنس کي منعقد ڪرڻ ۾ غلام مصطفيٰ دادويءَ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان سلسلي ۾ مولانا فضل احمد غزنويءَ، دادوي صاحب سان ڀرپور سهڪار ڪيو، جنهن غزنوي هوٽل حيدرآباد جو هڪ ڪمرو هن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي هُو پنهنجي ذاتي استعمال ۾ آڻڻ بجاءِ عربيءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪتب آڻيندو رهيو ۽ پاڻ ان تنظيم جو جنرل سيڪريٽري به رهيو. جيئن ته هن مولانا سليمان صدائيءَ وٽ تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ صدائي ديوبند جو فارغ التحصيل عالم هو، ان ڪري غلام مصطفيٰ دادويءَ جو عقيدو پڻ ديوبندي عالمن وارو ئي رهيو. مولوي غلام مصطفيٰ دادويءَ ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪيا، جـن ۾ ‘تـعـارف الـقـرآن’، ‘درس الـقـرآن’ (30 سيپارا: ترجمي سميـت)، ‘قرآن شريف جون تشبيهون’، ‘سوانح عمري علامه عمر بن محمد دائودپوٽو’، ‘مـولانا جـلال الـدين رومـيءَ جـي سوانح عمري’، ‘وسيلا سڀ وسـار’، ‘امام ابن تميم جي سوانح عمري’ ۽ ‘توحيد جو سبق’ ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. هيءُ پهريون سنڌي عالم هـو، جنـهـن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. سـندس ان ڪـم ۾ خـرطـوم يونيورسٽي، سوڊان جي وائيس چانسلر ساڻس ڀرپور سهڪار ڪيو. هن جي شاهه جي منتخب رسالي جو عنوان آهي: ‘الشاهه عبداللطيف بهتائي و منتخباة اشعاره’. هن ڪتاب ۾ شاهه صاحب جي عربيءَ ۾ سوانح لکڻ سان گڏ مختلف سرن جو عربي ترجمو شامل آهي. هي ڪتاب ‘ڪتاب المرڪز’ العربي توحيد، حيدرآباد، 1992ع ۾ شايع ڪيو هو. غلام مصطفيٰ دادوي تعليم کاتي مان رٽائر ٿيڻ بعد به پنهنجيون تدريسي سرگرميون برقرار رکيون، کيس پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ عربي ٽيچر مقرر ڪيو ويو. ان کان سواءِ ڪافي عرسي تائين هُو پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ شاگردن کي قرآن جي تعليم پڻ ڏيندو رهيو. غلام مصطفيٰ دادوي، منظور چيمبرس، حيدرآباد ۾ مفت ۾ عربي سيکاريندو هو ۽ شاگردن کي مفت ڪتاب فراهم ڪندو هو. هن عالم شخص 2002ع ۾ وفات ڪئي ۽ گمناميءَ واري حالت ۾ ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ڦل پنهور ۾ دفن ڪيو ويو.  محمد حسين ڪاشف [1930-2012]: سنڌ جو برک اديب، استاد، محقق ۽ لطيف شناس محمد حسين ڪاشف 3 فيبروري 1930ع ۾ چمبڙ شهر [ضلعي ٽنڊي الهيار] ۾ حافظ محمد عمر ڪنڀار جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين. 1944ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪري پرائمري استاد ٿيو. 1962ع ۾ ‘اديب عالم’ پاس ڪيائين. اڳتي هلي هيڊماستر ٿيو ۽ جنوري 1990ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائر ڪيائين. علم، ادب، تحقيق ۽ لطيف شناسيءَ سان کيس ابتدا کان وٺي لڳاءُ هيو، جيڪو زندگيءَ جي آخري پساهن تائين جاري رهيو. محمد حسين ڪاشف وٽ هزارين ڪتابن تي مشتمل هڪ لائبريري موجود رهي، جنهن ۾ تاريخ مذهب، تصوف، لطيفيات ۽ علم ادب جي هر موضوع تي سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽ انگريزيءَ ۾ ناياب ڪتاب موجود رهيا. محمد حسين ڪاشف ادبي دنيا ۾ 1949ع ۾ ‘قوم جا پاسبان’ عنوان سان مختلف اخبارن ۾ مضمون لکيا. هن جي ادبي تربيت مولانا غلام محمد گراميءَ ڪئي. شيخ محمد اسماعيل هن جو تعليم کاتي کان وٺي ادبي دنيا جو همسفر ۽ هم رفيق رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪمشنر حيدرآباد جي آفيس ۾ ‘شاهه عبداللطيف ڀٽائي ريسرچ سينٽر’ جو انچارج رهيو ۽ جڏهن ڪمشنري نظام ختم ڪيو ويو ته هن کي ڪمشنر آفيس مان ڪمرو خالي ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ان وقت ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن ۽ تاج جويو سيڪريٽري هئا، جن جي مشوري سان هن اتي پيل قيمتي مواد (خصوصاً شاهه لطيف جي قلمي نسخن، ڇاپن، رسالن، تصوف وغيره بابت ڪتابن تي مشتمل ٻن الماڙين سميت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي هڪ ڪمري ۾ آڻي رکيا، جتي ڪيترن مهينن تائين پگهار نه ملڻ جي صورت ۾ به تحقيق ڪندو رهيو ۽ شاهه لطيف جي رسالي جي سڄاڻي (انسائيڪلوپيڊيا) تي ڪم ڪندو رهيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سُرن تي ڪم مڪمل ڪري ورتائين. علم دوست اڳوڻي سيڪريٽري ثقافت عبدالقادر منگيءَ اڳتي هلي سندس پگهارن جو تفاوتي بل منظور ڪرايو، پر هيءُ پورهيت اديب ڇهن مهينن تائين چمبڙ کان روزانو حيدرآباد اچي پنهنجو ڪم فرض شناسيءَ سان ڪندو رهيو. محمد حسين ڪاشف لطيف سائينءَ جو وڏو پارکو هو. ان حوالي سان سندس تحقيقي پورهئي جو تفصيل هن ريت آهي: (1) ڪنڌي ڪئونر ٽڙن (مارچ 1990): هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وقت جي سياسي ثقافتي حالتن، شاهه جي صوفياڻي انداز ۽ شاهه جي اهم موضوعن تي 13 تحقيقي مقالا شامل آهن. (2) لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاهه (2005): هن ڪتاب ۾ لطيف ۽ تصوف ۽ لطيف جي سُرن جي حوالي سان انتهائي اهم معلومات فراهم ڪئي وئي آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه بابت 20 اهم مضمون شامل آهن. (3) شاهه جي رسالي جي سڄاڻي (ڀاڱو پهريون: 2010ع): هن ڪتاب ۾ سر ڪلياڻ، سر يمن، سر کنڀات ۽ سر بروي جي ماهيت، راڳ جي حيثيت، سر ۾ آيل اسمن جو احوال بيتن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏني وئي آهي. (4) شاهه لطيف جي سڄاڻي (ڀاڱو ٻيو: 2011): هن ڪتاب ۾ سر سريراڳ، سر سامونڊي، سر گهاتو، سر کاهوڙي ۽ سر کاهوڙيءَ ۾ ڪم آيل اسمن، سر جي ماهيت، راڳ، بيتن ۽ لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏني وئي آهي. ان کان سواءِ سندس شاهه لطيف بابت اڻ ڳڻيا، مضمون، مقالا موجود آهن، جيڪي اشاعت جا منتظر آهن. ان کان سواءِ محمد حسين ڪاشف جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ‘سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم’ (2008): هن ڪتاب ۾ ٺڪر جي ٿانون جي تاريخي اهميت، فن، واڌ، ٿانون جا مختلف تاريخي دور، چڪ جي ايجاد، سواني، مهر ڳڙهه، آمري، ڪوٽڏيجي، هڙپا، موهن جي دڙي ۽ ٻين هنڌن جي ٿانون جي فرق چٽن جي جائزي وغيره جو تفصيل ڏنل آهي. ان کان سواءِ ٿانون جي قسمن سان گڏ ڪنڀار جي ڪارڄ ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي لغت به شامل ڪئي وئي آهي. (2) وتايو فقير (ترتيب): هي محمد حسين ڪاشف جو ترتيب ڏنل ڪتاب محترم عبدالقادر منگيءَ (ڪنوينر وتايو فقير ادبي ڪانفرنس) پاران 2006ع ۾ ڇپرايو ويو، جنهن ۾ ڪانفرنس ۾ پڙهيل مختلف عالمن جا مقالا شامل آهن. هن کي ‘لطيف ايوارڊ’، ‘صدارتي اوارڊ’ (پرائز آف پرفارمنس) سان گڏ مختلف 21 اوارڊ مليا. آخري عمر ۾ پاڻ دل جي عارضي ۾ مبتلا ٿيو، سندس دل جا چار وال بند هئا، ڊاڪٽرن کيس ٻاهرين ملڪ علاج جو مشورو ڏنو پر هو وسيلن جي اڻ هوند سبب ڊاڪٽرن جي تجويز ڪيل دوائن تي چئن سالن تائين وڏي همٿ سان زنده رهيو. 13 سيپٽمبر 2012ع تي رات جو مٿس دماغي فالج جو حملو ٿيو. مسلسل ڪوما ۾ رهڻ بعد هن 25 سيپٽمبر 2012ع جي رات جو اٺين وڳي دم ڌڻي حوالي ڪيو، کيس اباڻي قبرستان چمبڙ ۾ دفن ڪيو ويو.  رسول بخش پليجو'> رسول بخش پليجو [جنم: 1930ع]: سنڌ جو نامور دانشور، اديب، نقاد ۽ سياسي اڳواڻ رسول بخش پليجي جو به شاهه جي ڄاڻن ۾ شمار ٿئي ٿـو. هن جنگـشـاهـي، ضلعي ٺـٽـي ۾، 20 جنوري 1930ع تي، علي محمد پليجي جي گهر ۾ جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم مقامي ملا مڪتب مـدرسـي ۽ سيڪنڊري تعلـيـم ٺٽـي هـاءِ اسڪـول ۽ سـنڌ مـدرسـة الاسلام ڪراچيءَ ۾ ورتي. ان کان پوءِ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان قانون جي ڊگري (ايل. ايل. بي) حاصل ڪيائين. سندس شمار ملڪ جي وڏن ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ناميارن وڪيلن ۾ ٿئي ٿو.رسول بخش پليجو'> رسول بخش پليجو گهڻ رخين صلاحيتن جو مالڪ آهي. کيس ادب، سماج، سياست، تاريخ، سماجي سائنس ۽ جدلياتي علمن جي وڏي ڄاڻ آهي. رسول بخش پليجو سنڌ جي سياست جو متحرڪ ڪردار رهيو آهي. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ هن سنڌي اديبن ۽ سنڌي ادبي سنگت سان گڏ، سياسي ميدان ۾ جي. ايم. سيد، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ سان گڏجي سرگرميءَ سان حصو ورتو. جڏهن 1968ع ۾ جي. ايم. سيد، ايوبي مارشل لا دوران هڪ وڏي عرصي جي نظربنديءَ کان پوءِ آزاد ٿي، سياست کان ڪناره ڪشيءَ جو اعلان ڪري ‘بزم صوفياءِ سنڌ’ قائم ڪئي ته جي ايم سيد اُن تنظيم جو صدر ۽ رسول بخش پليجو سيڪريٽري بڻيو. ان پليٽ فارم تان سنڌ جي مختلف درگاهن تي جي ايم سيد خطبا ڏئي ‘سنڌي قوم جو جديد تصور’ پيش ڪيو. ان جدوجهد ۾ محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ رسول بخش پليجي اهم ڪردار ادا ڪيو. ون يونٽ خلاف تحريڪ دوران جي. ايم. سيد 1969ع ۾ هالا ۾ ڪنوينشن ڪوٺائي ‘سنڌ متحده محاذ’ جو بنياد وڌو، جنهن ۾ ون يونٽ ٺاهيندڙ ٻئي مُک ڪردار- محمد ايوب کهڙو ۽ پير علي محمد شاهه راشدي به شامل هئا، ۽ سڀني گڏجي ون يونٽ جي مخالفت ڪئي هئي. ان بنياد تي بعد ۾ جي. ايم. سيد عوامي ليگ جي سربراهه کي سنڌ گهرائي، ون يونٽ جي مخالفت ڪرائي هئي، ۽ ائين سنڌ جي سياستدانن ۽ اديبن جي ڪوششن سان، 1 جولاءِ 1970ع تي ون يونٽ جو خاتمو ٿيو. محمد ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشديءَ جي ‘سنڌ متحده محاذ’ ۾ شموليت تي ڪجهه نوجوانن کي اختلاف هئا ۽ پليجي صاحب جا به سيد سان اختلاف ٿيا. ان بعد هن پنهنجي سياسي واٽ ڌار منتخب ڪئي، ۽ هڪ نئين پارٽي ‘عوامي تحريڪ’ جو بنياد، 1970ع ۾ حيدرآباد ۾ وڌائين. ان جـو پهريون صدر ائڊووڪيـٽ حفيـظ قـريـشـي ۽ جـنـرل سيـڪريـٽري رسول بخش پليجو ٿيا ۽ ٻين ميمبرن ۾ فاضل راهو، سيد عالم شاهه، سردار محمد خان مگسي، يوسف ڪيڙانو، قاسم پٿر، شير خان لنڊ، قاضي غفار وارهه وارو، گل حسن ڪيڙانو ۽ ٻيا شامل هئا. عوامي تحريڪ جي مُک ڪمن ۾ ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ لکائڻ لاءِ جاکوڙڻ، سرڪاري زميـنن جـي نيلامي بند ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، سنڌي ٻـولي ڪـنويـنشـن ڪـوٺائڻ، مــزدورن ۽ هارين جـون ڪــانفرنسون سـڏائڻ، ايـم. آر. ڊي تحــريـڪ ۾ سـرگـرميءَ سـان حـصـو وٺـڻ، ڪــالابـاغ ڊيـم ۽ ٿل ڪئنال خلاف جدوجهد سان گڏ ڪانفرنس ڪوٺائڻ، دهشتگرديءَ خــلاف ڪانـفـرنـس ڪـوٺـائڻ، وڏيرن جي خانگي جيلن کي ختم ڪرڻ، توڙي ڪاروڪاري ۽ جرڳا سسٽم ختـم ڪرڻ لاءِ جـدوجهد ڪرڻ، 1992ع ۾ سکر کان ڪراچيءَ تائين،2001ع ۾ ڀٽ شاهه کان ڪراچيءَ تائين ۽ 2005ع ۾ سکر کان ڪراچيءَ تائين ۽ 2009ع ۾ ڪنڌڪوٽ کان ڪراچيءَ تائين ڪامياب لانگ مارچ ڪرڻ ۽ چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ جي بحاليءَ واري جدوجهد ۾ حصو وٺڻ شامل آهن. اها سموري جدوجهد رسول بخش پليجي جي قيادت ۾ سندس پارٽيءَ ڪئي. هن 1970ع ۾ ‘تحريڪ’ رسالو به شروع ڪرايو، جنهن جو پهريون ايڊيٽر قاسم پٿر ۽ سيد عالم شاهه هئا. هي رسالو مختلف وقتن تي بندش پوڻ جي باوجود نڪرندو رهيو. پليجي صاحب، عوامي تحريڪ جون مختلف ذيلي تنظيمون جهڙوڪ: (1) هاري تحريڪ (1974ع)، (2) سنڌي شاگرد تحريڪ (1977ع)، (3) سنڌي مزدور تحريڪ (1978ع)، (4) سجاڳ ٻار تحريڪ (1978ع)، (5) سنڌياڻي تحريڪ (1986ع)، (6) سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ (1988ع) ۽ (7) هندو سجاڳ تحريڪ (2003ع) قائم ڪيون. پليجو صاحب عوامي تحريڪ سان گڏ مختلف پارٽين ۽ اتحادن ۾ به شامل رهيو. هي 1974ع ۾ اي. اين. پي جو جنرل سيڪريٽري رهيو. 1978ع ۾ پاڪستان عوامي جمهوري اتحاد قائم ڪرڻ ۾ حصو ورتائين، 1979ع ۾ ’پاڪستان عوامي تحريڪ‘ ۾ شامل ٿيو، 1983ع ۽ 1986ع ۾ ايم. آر. ڊي (M.R.D) ۾ ڪردار ادا ڪيائين، ۽ ان جو ڪنوينر به رهيو. پليجي صاحب 1987ع ۾ سنڌ عوامي تحريڪ ۽ ان جي ذيلي تنظيمن تي مشتمل ‘سنڌي عوام جو اتحاد’ جوڙيو ۽ 1988ع ۾ سن ۾ سائين جي. ايم. سيد جي سربراهيءَ ۾ ‘سنڌ قومي اتحاد’ جي قيام ۾ حصو ورتو. جنهن کان جلد ڌار ٿي ويو. 2000ع ۾ ‘سنڌ پاڻي ڪميٽي اتحاد’ ۽ ‘گريٽر ٿل ڪئنال ايڪشن ڪميٽيءَ’ جو ميمبر رهيو. رسول بخش پليجو سياسي جدوجد دوران ڪيترا ڀيرا جيل ويو. هن ڪوٽ لکپت جيل ۾ رهڻ دوران ‘ڪوٽ لکپت جو قيدي’ نالي ڪتاب لکيو. ورهاڱي بعد سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ادبي لهر اُڀري، جنهن جو ادبي حوالي سان مهندار شيخ اياز هو، جنهن جي خلاف رجعت پسندن وڏي واويلا ڪئي ۽ اياز جي شاعريءَ کي الحاد ۽ ڪفر جي شاعري قرار ڏنو ته ان دور ۾ ابن حيات پنهور [اسان جو ادب ۽ اديب] ۽ مولانا گراميءَ [مشرقي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات] ۽ رسول بخش پليجي [انڌا اونڌا ويڄ] ڪتاب لکي جواب ڏنو. پليجي جي تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
(1) انـڌا اونــڌا ويـڄ (تنقـيـد)، (2) صبـح ٿيـنـدو، (3) ڌراڙن جـا ڌڪـ، (4) جن جهوناڳڙهه جلايو (تاريخي مضمون)، (5) سَندي ذات هنجن (تنقيد)، (6) پسي ڳاڙها ڳل (ڪهاڻيون)، (7) اوهان جي پڄاڻان (عالمي شاعريءَ جو ترجمو)، (8) ڪوٽ لکپت جو قيدي، (9) وڳ ڪيئن وسرياءِ (پٽ ڏانهن خط)، (11) سياسي ادب (جلد I، II، III)، ۽ (12) هرڻ هٺيلا بيٺا سوچين. پليجي صاحب جي تنقيدي ڪتابن: ‘انڌا اونڌا ويڄ’، ‘ذات هنجن '>سندي ذات هنجن ’ ۽ ‘هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن’ ۾ جديد سنڌي ادب جي تذڪري سان گڏ ڪٿي ڪٿي اُن جي تحفظ ۽ جواب ۾ شاهه لطيف جي بيتن کي پيش ڪيو ويو آهي. هونئن پليجي صاحب جي اڪثر تقريرن ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي تشريح ۽ فڪر جي دائمي قدرن جو عام ذڪر هوندو آهي. سندس اهڙين تقريرن ۽ ٽڙ پکڙ مضمونن کي گڏ ڪجي ته شاهه جي حوالي سان سندس معنيٰ ۽ تشريح کي آڏو رکي کيس بلاشبه ‘شاهه لطيف جو جديد شارح’ سڏي سگهجي ٿو. سندس شاهه بابت نقطه نظر سمجهڻ لاءِ سندس هيٺين مضمونن کي پڙهي سگهجي ٿو: (1) لطيفي روايت ۽ اُن جي پوئواري [ويهڻ مون نه وڙاءُ: 1967] (2) لطيف جي شاعريءَ جو انقلابي ڪردار [تحريڪ: 1973] (3) لطيف جي شاعريءَ جا فڪري سرچشما [ليڪچر] محترم پليجي صاحب جا شاهه صاحب بابت 18 کن ليڪچر ۽ تقريرون، محترم جامي چانڊيو ترتيب ڏئي، ‘لطيف جي شاعريءَ جا انقلابي ڪردار’ عنوان سان ڇپائي رهيو آهي.  ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي (جنم: 1930): لسانيات جي ماهر، محقق ۽ عالم، پروفيسر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو جنم، 7 نومبر 1930ع تي ڪشنچند جيٽلي جي گهر ۾، حيدرآباد، سنڌ جي فقير جي پڙ وٽ ‘مُکي گهٽيءَ’ ۾ ٿيو. هـن پـرائمـري تعليـم حيدرآباد جي نوودياليه مان ۽ ثانوي تعليم ساڌو نولراءِ هيرانند اڪيڊمي، حيدرآباد مان پرائي. سندس ڏاڏو پنڊت ٽوپڻداس شيوارام وڏو عالم ۽ مارٽنڊ آيرويد مهاودياليه جو پرنسپال هـو، جـڏهــن تـه مـرلـيـڌر جيٽلي جو والد ڪشنچند جيٽلي پڻ ساڳئي ودياليه ۾ استاد هو. هن خاندان جا فردَ، ايامن کان وٺي، سنڌي، هندي ۽ سنسڪرت ٻولين جا ودوان رهيا هئا. مـرليـڌر جا وڏا اصل ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ‘ڦَـڪا’ جـا ويـٺـل هئا، جن کي پوءِ سنڌ جي ڪـلهـوڙي حـاڪـم غـلام شـاهه ڪـلهـوڙي لڏائي، حيدرآباد ۾ اچي رهايو هو. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي کي 12 سالن جي ننڍيءَ ڄمار ۾، پنهنجي ڏاڏي جي صحبت ۾ ادب سان چاهه پيدا ٿيو، 1941ع ۾ هيرانند اڪيڊميءَ، مُکي گهٽيءَ ۾ هڪ لائبرري کولي وئي، جنهن کي پروفيسر راجپال جي نظرداريءَ هيٺ مرليڌر جيٽلي هلائيندو هو. ورهاڱي وقت هن، مائٽن سان گڏ، آگسٽ 1947ع ۾ سنڌ جا وڻَ ڇڏيا. پهريائين جوڌپور ۽ پوءِ مستقل طور مهاراشٽر رياست جي شهر پوني ۾ اچي ٿانئيڪا ٿيا. مرليڌر جا ڪتابَ سنڌ ۾ رهجي ويا هئا، جنهنڪري سندس من بنهه بيچين هو، ان ڪري هو ڊسمبر 1947ع ۾ سنڌ موٽي آيو ۽ ڪتابَ کڻي واپس وريو. هن مارچ 1949ع ۾ بڙودا جي سنڌي هندو هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي. مرليڌر ننڍي هوندي کان ئي سٺو چترڪار ۽ خوشخط هو، ان ڪري کيس بڙودا ميوزيم ۾ ‘خوشخط’ جي نوڪري ملي وئي. هن 1961ع تائين هندي ۽ سنسڪرت ۾، پوني يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪري ورتيون. 1965ع ۾ ڊيڪن ڪاليج ريسرچ انسٽيٽيوٽ، پوني مان لسانيات ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. ساڳئي ڪاليج ۾ 1960ع کان وٺي 1964ع تائين ريسرچ فيلو رهيو. 1964ع کان 1966ع تائين آر. ڪي. تلريجا ڪاليج، الهاس نگر ۾ ليڪچرار رهيو ۽ 9 فبروري 1966ع تي کيس لسانيات پڙهائڻ لاءِ دهلي يونيورسٽيءَ ۾ مقرر ڪيو ويو، جتان هن 6 نومبر 1996ع تي پروفيسر طور رٽائر ڪيو. هن جي نگرانيءَ ۾ موتيلال جوتواڻي، موهن لال شرما، سنتداس جهانگياڻي، سشيلا موٽواڻي، رُڪمڻي ناگراڻي ۽ روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي، پي. ايڇ. ڊي جون ڊگريون حاصل ڪري چڪا آهن. ان کان سواءِ هو سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي لاءِ ‘اعزازي چڪاس پروفيسر’ پڻ آهي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ 20 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾: (1) لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي (1965ع)، (2) ’ساهتيه جو اتهاس‘ (1972ع)، (3) ميگهه دوت (ڪاليداس جي ڪوتا جي وياکيا: 1981ع)، (4) هوتچند مولچند گربخشاڻي (موتيلال جوتواڻيءَ سان گڏ: 1985ع)، (5) اوائلي شايع ٿيل سنڌي لوڪ ڪهاڻيون (1986ع)، (6) سنڌوءَ جون لهرون (سنڌُو رسالي جا ليکَ: 1989ع)، (7) ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ جو جيوَن ۽ رچنائون (1990ع)، (8) سنڌي پهاڪا ۽ محاورا (هڪ اڀياس: 1993ع)، (9) سنڌي ڀاشا وياڪرڻ (هندي: 1997ع)، (10) سنڌي ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ (1999ع)، (11) سنڌي ڀڳت (هندي: 1999ع)، (12) سنڌي ساهت جي جهلڪ (تنقيدي مضمون: 2000ع)، (13) سنڌي ڌوني وگيان (لسانيات: 2000ع)، (14) ‘ڀارتي ساهتيه ڪوش’ (نگيندار جي ايڊيٽرشپ ۾ تيار ڪيل هن هندي ڪوش ۾ ڊاڪٽر مرليڌر 100 سنڌي ليکڪن جا پروفائيل شامل ڪيا آهن)، (15) ڀارتيه ڪهاوت (وشوناٿ دنڪر نروڻيءَ جي ايڊيٽرشپ ۾ تيار ٿيل ٽن ڀاڱن واري هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سـنـڌيءَ جـا 1200 پهاڪا، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنا آهن)، (16) انسائيڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر (هن پنجن جلدن جي ڪتاب ۾ 100 کان وڌيـڪ داخــلائـون ڊاڪـٽـر مـرلـيـڌر جــون داخـل ڪـيل آهن)، (17) هندي- سنڌي شبد ڪوش- وغيره شامل آهن. ان کانسواءِ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جا 200 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا هند ۽ سنڌ جي مقبول رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ڪجهه سال ممبئيءَ مان سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ هفتيوار ‘هند واسيءَ’ جو سب ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر جيٽلي کي علمي ادبي خدمتن تي ڪيترائي اوارڊ، انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾: سنڌي ساهتيه اڪيڊمي، دهليءَ طرفان سند ۽ انعام (1997ع)، ‘سنڌي ٻوليءَ جو سرشٽو ۽ لکاوٽ’ ڪتاب تي NCPCL طرفان انعام، ‘سنڌي ڌوني وگيان’ ڪتاب تي ڀارتيه ساهتيه پريشد طرفان اوارڊ (2001ع)، سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران اوارڊ (2004ع)، رام بخشاڻي فائونڊيشن پاران اوارڊ (2007ع)، NCPCL طرفان اوارڊ ۽ انعام (2009ع)، سنگيت آچاريه ماسٽر چندر اڪيڊميءَ طرفان اوارڊ (2009ع)، رام پنجواڻي ٽرسٽ، بمبئيءَ پاران اوارڊ (2010ع)، اتر پرديش سنڌي اڪيڊميءَ، مڌيه پرديش سنڌي اڪيڊميءَ ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ پاران اوارڊ شامل آهن. مرليڌر جيٽلي ساهتيه اڪيڊمي، ڪي. ڪي برلا فائونڊيشن جو ميمبر، ڪي. ڪي برلا فائونڊيشن جي سنڌي ٻولي ڪميٽيءَ جو صدر، گورنمينٽ آف انڊيا جي انساني ڀلائيءَ واري وزارت جي سنڌي ايڊوائزري ڪميٽيءَ جو وائيس چيئرمئن، سينٽرل ساهتيه اڪيڊميءَ جو ميمبر ۽ سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جو وائيس چيئرمئن رهي چڪو آهي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، شاهه جي پارکن مان آهي. هن شاهه بابت ڪيترا مضمون لکيا آهن ۽ هند ۾ شاهه تي ٿيل تحقيق بابت تفصيلي مقالو لکي، سنڌ وارن جي معلومات ۾ اضافو ڪيو آهي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي شاهه بابت لکيل مضمونن ۽ مقالن جو ڪتاب ‘شاهه جي رسالي جو اڀياس’ (1992) ڇپجي مڃتا ماڻي چڪو آهي، جنهن ۾ هُن شاهه جي ڪافي قديم لفظن ‘ڪيڪاڻ’ ۽ ٻين بابت تفصيلي بحث ڪيو آهي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ‘سنڌي وئتپتي ڪوش’ (Etomological Dictionary of Sindhi) تي به ڪم ڪيو آهي.  ڊاڪٽر موتي پرڪاش [1931-2015]: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، ناول نگار ۽ نقاد موتي پرڪاش، 15 مئي 1931ع تي ڳوٺ دڙي، ضلعي ٺٽي ۾ سکرامداس شرما جي گهر ۾ جنم ورتو. تعليمي حوالي کان هن بي. اي (آنرس)، ايس. ٽي. سي، بي. ايڊ ۽ سنڌي ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي (ممبئي يونيورسٽي) ڪئي. موتي پرڪاش جون هڪ شاعر، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار، ناٽڪ نگار طور وڏيون خدمتون آهن. هيءُ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو هند ۾ سچو سپاهي ۽ سفير رهيو آهي. ‘اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا’ جي پليٽفارم تان سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃرائڻ وارن اڳواڻن: ڪيرت، اتم ۽ مالهيءَ جو ساٿي رهيو. اڄ هند ۾ سنڌي ٻولي زنده آهي ته ان ۾ ڊاڪٽر موتي پرڪاش جون خدمتون به شامل آهن. موتي پرڪاش جي ادبي پورهئي جو وچور هن ريت آهي: (1) آءُ ته چوريون چنگ (شاعري: 1959ع)، (2) انڌيرو اجالو (ناول: 1963ع)، (3) گلڙن جهڙا گيت (ٻارن لاءِ شاعري: 1983ع)، (4) چڻنگ وِچَ چولي (شاعري: 1983)، (5) ادبي گل (مضمون)، (6) دل جون ڳالهيون (يادگيريون)، (8) ڏٺي ڏينهن ٿيام (يادگيريون: 1986ع)، (9) سي سڀ سانڍيم ساهه سان (سفرنامو: 1987ع)، (10) جيءَ اندر جهاتيون (مذاقي ڪهاڻيون)، (11) تنهنجي ڳليءَ جون ڳالهڙيون (شاعري: 2006ع). موتي پرڪاش ڪيترا ڪتاب ترجما به ڪيا، جهڙوڪ: (1) ڪالندي (تارا شنڪر بئنرجيءَ جو بنگالي ناول)، (2) ادينا (تاجڪستاني ٻوليءَ جو پهريون ناول)، (3) ڪاڪو ڪلُو Three men in a boat- (جيروم ڪي. جيروم جي مزاحيه ليکن جو ترجمو)، (4) انڊر سيڪريٽري (رميش ميهتا جو ٽه- فصلو هندي ناٽڪ). موتي پرڪاش نه رڳو ڊراما لکيا، پر ان ڏس ۾ عملي ڪم به ڪيائين. ‘سنڌو ڪلا مندر’ ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي ۽ ان جي بانيڪارن مان هو. هن 250کن ڊراما لکيا، جيڪيAIR تان نشر ٿيا، جن مان ‘رات هڪ طوفان جي’ ۽ ‘اڃا ته مان ننڍڙي آهيان’ ڪافي مقبول ٿيا. موتي پرڪاش فلمي کيتر ۾ به وڏو ڪم ڪيو. جهڙوڪ: (1) رات هڪ طوفان جي (سنڌي فلم جا ڪجهه گيت، مڪالما ۽ اسڪرين پلي)، (2) نقلي شان (سنڌي فلم- مڪالما)، (3) اڃا ته مان ننڍڙي آهيان (سنڌي فلم جا ڪجهه گيت ۽ مڪالما). موتي پرڪاش جي آل انڊيا ريڊيو سان 1956ع کان 1977ع تائين وابستگي رهي. هي ۽ هيرو ٺڪر اهي پهريان سنڌي اديب آهن، جن آل انڊيا ريڊيو تان سنڌيءَ ۾ خبرون پڙهيون ۽ صحافت ۽ ريڊيو جا نوان سنڌي اصطلاح تخليق ڪيا. هي ڊسمبر 1976ع ۾ آڪاش واڻي، نئين دهليءَ جي سنڌي نيوز يونٽ جو انچارج به رهيو. ڊاڪٽر موتي پرڪاش ‘سنڌي ساهت منڊل’ جو وائيس چيئرمئن ۽ سيڪريٽري، سنڌو ڪلا مندر جو باني، سنڌو ڪلا نڪيتن ممبئيءَ جو باني سيڪريٽري، کل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ سڀا جو سيڪريٽري ۽ ڪلچرل سيڪريٽري، ساهتيه اڪيڊميءَ جو صلاحڪار، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ ليکڪ به رهيو آهي. ادبي سفر ۾ کيس ڪيتريون ئي مڃتائيون مليون آهن. ‘گلڙن جا گيت’ ڪتاب تي تعليم واري وزارت طرفان کيس 1975ع ۾ انعام ڏنو ويو. سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا طرفان کيس 1987ع ۾ سنڌي ادب جو اوارڊ ۽ 20 هزار روپيا روڪ انعام ڏنو ويو. سندس سفرنامي ‘سي سڀ سانڍيم ساهه سان’ تي 1985ع ۾ کيس ساهيته اڪيڊمي نيو دهليءَ طرفان اوارڊ ڏنو ويو. ان کان سواءِ سنڌي ادب ۾ خدمتن جي اعتراف طور مهاراشٽر سنڌي اڪيڊميءَ طرفان 10 هزار روپيا انعام (1998ع)، گورنمينٽ آف انڊيا پاران ‘راشٽر اڌياپڪ پرسڪار’ (1989ع)، ادبي خدمتن تي پروفيسر رام پنجواڻي اوارڊ (1989ع)، ادبي خدمتن تي ايشوري ٻائي بختاڻي اوارڊ (1999ع)، سهيوڳ فائونڊيشن ممبئيءَ پاران نارائڻ شيام اوارڊ (2001ع)، پريه درشتي اڪيڊميءَ جو ادبي اوارڊ ۽ 25 هزار روپيا انعام (2002ع)، سنڌي اڪيڊمي هلي سرڪار پاران ادبي اوارڊ ۽ هڪ لک روپيا (2006ع). هن ورهاڱي کان اڳ توڙي پوءِ سنڌي ادب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي. هن ڪهاڻين کان سواءِ شاعري، ڊراما، ناول ، تنقيدي مضمون ۽ اخباري ڪالم تمام گهڻا لکيا. 1952ع کان تعليم جي ميدان ۾ به هن پاڻ چڱو موکيو آهي، هن ڪي. جي کلناڻي هاءِ اسڪول ممبئيءَ جي پرنسپال طور (1968ع کان 1977ع تائين) ذميواريون احسن طريقي سان سنڀاليون. ان کانپوءِ هن دبئيءَ ۾ انڊين هاءِ اسڪول کوليو ۽ ان جو پهريون پرنسپال رهيو. هن اسڪول سان 1977ع کان 2002ع تائين وابسته رهيو. ساڌو نولراءِ اڪيڊمي، آديپور جو اعزازي ڊئريڪٽر 2006ع کان رهيو. ان کان سواءِ ڊاڪٽر موتي پرڪاش، انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو 2002ع کان 2006ع تائين ڊائريڪٽر پڻ رهيو. ڊاڪٽر موتي پرڪاش، شاهه لطيف جو وڏو ڄاڻو هو. هن شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استريءَ جو چِٽ عنوان سان ممبئي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. هن شاهه لطيف جي شاعري، فن ۽ فڪر تي ڪيترا مقالا لکيا آهن ۽ سنڌ مان ڪيترن محققن جي شاهه لطيف ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان ٿيل پي ايڇ ڊي ٿيسزن جو چڪاس گائيڊ به رهيو آهي. ڊاڪٽر موتي پرڪاش، 4 آگسٽ 2015ع تي بمبئيءَ ۾ وفات ڪئي.  عبدالغفور الستي (1931-2014): ليکڪ، محقق ۽ سماجي اڳواڻ عبدالغفور الستيءَ، 21 جنوري 1931ع تي شهر دڙي، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ۽ مڊل جا پهريان ٽي درجا انگريزي، اي. وي اسڪول ميرپور بٺوري ۾ پڙهيو. تاريخي درسگاهه سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان 1948ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، 1948ع ۾ انگريزيءَ جي استاد طور اي. وي اسڪول دڙي ۾ مقرر ٿيو. 1950ع کان 1960ع تائين آبپاشي کاتي ۾ سول انجنيئر رهيو. 1961ع ۾ نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي لوئر بئريج ۾ 1970ع تائين سول ٺيڪيداري ڪيائين. هن جو علم ۽ ادب سان لاڳاپو 1955ع کان قائم رهيو. هو 1957ع ۾ ون يونٽ خلاف سنڌي اديبن جي هلچل ۾ شامل رهيو. ناميارو اديب ۽ ڏاهو ليکڪ محمد ابراهيم جويو سندس استاد رهيو آهي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ هُن ٽي ڪتابڙا ڇپائي سڄي سنڌ ۾ مختلف ماڻهن ۾ مفت ورهايا، جن ۾ ‘هي بيت ستايل سانگين جا’، ‘سنڌي ٻولي’ (نظم) ۽ ‘او سنڌ جون عورتون اُٿو!’ (نثر) شامل آهن. ادبي سفر ۾ کيس محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز، حفيظ قريشي (سينيئر) جي صحبت حاصل رهي. 1971ع ۾ هُن ماهوار ‘ملير ڊائجيسٽ’ جاري ڪيو ۽ 1974ع ۾ ان رسالي ۾ حڪومت خلاف لکڻ تي کيس جيل اماڻيو ويو ۽ رسالي تي پابندي لڳائي وئي. بعد ۾ هو 1974ع ۾ ئي ان وقت جي اطلاعات واري وفاقي صلاحڪار پير علي محمد راشديءَ سان معاون خاص ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. هن فقير منش جاکوڙي ڪارڪن 1986ع ۾ ‘الست’ نالي سماجي تنظيم جو بنياد وڌو، جنهن جو مقصد غريب ٻارڙن لاءِ تعليم جي فراهمي هو. ان تنظيم سبب ‘الستي’ سڏجڻ لڳو. الستيءَ، شاهه لطيف جي شاعريءَ جو عاشق ۽ شارح رهيو آهي. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو 1986ع ۾ ڇپيو. ان ۾ هن لطيف سائينءَ جي رسالي جي چونڊ 786 بيتن جو منظوم ترجمو ڪيو آهي. سندس تصنيفن ۾ ‘شاهه جي رسالي’ جي انگريزي ترجمي سان گڏ ‘سنڌي ٻوليءَ کي للڪار ’ ۽ ‘بالغن جي تعليم لاءِ الستي پهريون ڪتاب’ شامل آهن. ان کان سواءِ ڪيترائي ڪتابڙا ڇپرائي عام تعليم لاءِ مفت ورهايائين. هُن ماضيءَ ۾ ع. غ. سنڌيءَ جي نالي سان شعر روح رهاڻ مخزن ۾ 1988ع تائين لکيا. سندس آتم ڪٿاٻنڌڻ ٻاروچن سين’ به ڇپيل آهي. هن سال 2014ع ۾ وفات ڪئي.  پروفيسر سنتداس جهانگياڻي [1996-1929]: نامور محقق، ليکڪ ۽ لطيـف شـناس، سنتداس جهانگياڻيءَ، حيدرآباد، سنڌ ۾، 20 جولاءِ 1929ع تي منگهارام جهانگياڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن بي. اي آنرس (ممبئي)، ايم. اي (پنجاب) ۽ صحافت ۾ ڊپلوما (ڀارتيه وديا ڀون) ڪرڻ کانسواءِ دهلي يونيورسٽيءَ مان Shah Abdul Latif and His Times عنوان تي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سنتداس جهانگياڻي، ڊاڪٽر هرو مل سدارنگاڻي ‘خادم’ جو ويجهو عزيز هو ۽ نئين دهليءَ ۾، هڪ ئي گهر جي ٻن ڀاڱن ۾ گڏجي رهندا هئا. سنتداس ڪيترا تحقيقي مقالا، مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيون، جيڪي هند، سنڌ جي نامور رسالن: مهراڻ، نئين زندگي، هند واسي، رم جهم، گل ڦل ۽ سنڌوءَ ۾ شايع ٿيا. سنتداس جهانگياڻيءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ‘ادب جي راهه ۾’ (چونڊ تحريرون: 1958ع)، ‘هل پنهل’ (مضمون: 1967ع)، ‘پاپ جي مايا’ (ڪهاڻيون ۽ ادب لطيف: 1968ع) اچي وڃن ٿا. لطيفيات جي حوالي سان سندس هيٺيان ٻه ڪتاب ڇپيل آهن: (1) سِپون سُوجهي ڪڍيون (شاهه لطيف تي تحقيقي مضمون: 1985ع) br/>
(2) Shah Abdul Latif and His Times (1986) سنتداس جهانگياڻي، ديش بنڌو ڪاليج دهليءَ ۾ سنڌي شعبي جو سربراهه، وائيس پرنسپال ۽ پرنسپال به رهي چڪو آهي.
 رشيد ڀٽي [1988-1933]: ناميارو ترقي پسند اديب، محقق، نقاد ۽ شاعر رشيد ڀٽي، حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ جو فرزند، 20 آگسٽ 1933ع تي ڳوٺ اروڙ، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هن شروعاتي تعليم سکر مان ورتي، 1959ع ڌاري لا ڪاليج سکر مان ايل. ايل. بي ڪري وڪالت شروع ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1984ع ڌاري سنڌي ادب ۾ ايـم. اي ڪيائين. سندس والد به مشهور صحافي ۽ اديب هو، جنهن جي اثر هيٺ رشيد ڀٽيءَ ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو. هُو ‘المناراخبار ۽ ‘پرهه ڦٽي’ مئگزين جو ايڊيٽر، ‘نئين سنڌ’، ڪراچي ۽ ‘الوحيد’ ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر رهيو. هو شروع کان روشن خيال سوچ جو مالڪ رهيو. 1954ع ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ۽ ڪجهه عرصو جيل ۾ به رهيو. خوش مزاجيءَ ۽ کري ڳالهائڻ سبب دوستن ۾ سندس الڳ سڃاڻپ رهي.
رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ٻئي منظم دور جي باني ميمبرن مان هو ۽ تنوير عباسيءَ کان پوءِ 11 سالن تائين سيڪريٽري جنرل رهيو. رشيد ڀٽي، محمد ابراهيم جويي، شيخ اياز، شيخ عبدالرزاق راز، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، مولائي شيدائي، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، نورالدين سرڪي، رسول بخش پليجي، آفاق صديقي، غلام رباني آگري ۽ جي ايم سيد جو ساٿي رهيو.
سياسي حوالي سان عوامي ليگ سنڌ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾ به رهيو. سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ حيدربخش جتوئيءَ سان گڏ ڪم ڪيائين. نامور اديب ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ س۾ به حصو ورتائين. 1987ع ۾ سنڌ انٽيليڪچوئل فورم جو بنياد وڌائين.
1972ع ۾ ‘سنڌي ٻولي، قومي ٻولي’ تحريڪ ۾ رشيد ڀٽي ڀرپور حصو ورتو. ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ به سندس وڏو ڪردار رهيو.
رشيد ڀٽي پاڪستان رائٽرز گلڊ، سنڌ جو سيڪريٽري به رهيو. ڪجهه وقت سکر لا ڪاليج ۾ اعزازي پروفيسر طور خدمتون سر انجام ڏنائين. 1971ع ۾ سکر بار جو جوائنٽ سيڪريٽري به رهيو.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ‘گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ’ (ڪهاڻيون: 1963ع)، (2) ‘دنيا جا عظيم افسانا’ (ترجمو: 1966ع)، (3) ‘آڏي ڍال مَ ڍار’ (چونڊ قومي ۽ رزميه شاعري، ترتيب: 1966ع)، (4) ‘عاشق زهر پياڪ’ (پنج ائڪٽي ناٽڪ: 1968ع)، (5) ‘رياست ۽ آزادي’ (ترجمو: 1968ع)،
(6) ‘پاڪستان جا پراڻا شهر’ (تاريخ: 1981ع)، (7) ‘ديس ستا، دل وارا جاڳيا’ (ڪهاڻيون)، (8) ‘اوڀاريون لهواريون’ (تقريرون)، (9) ‘سياري جي رات’ (طنزيه ۽ مزاحيه ڪهاڻيون)، (10) ‘سچ جو فلسفو’، (11) ‘ڪميونسٽ پڌرنامو’ (ترجمو)، (12) ‘چتر ليکا’ (ترجمو: هندي ناول)، (13) ‘وِيرن جي وسندي’ (ترجمو: ويٽنامي ناول)، (14) ‘سنڌ جا پراڻا شهر’ (مولائي شيدائي جا تاريخي مضمون، ترتيب)، (15) ‘ڀلاري ڀونءَ’ (پرل ايس. بَڪ جي ناول جو ترجمو: ڪلال سان گڏ)، (16) ‘پاپ ۽ پيڙا’ (ناول)، (17) ‘باغي’ (نذرالاسلام: ترجمو)،
(18) ‘جيءُ جياريو جن’ (وڇڙيل ساٿين کي شرڌانجليون: 1990ع)،
(19) ‘جڏهن جهوڪ جهريو’ (شاهه عنايت شهيد بابت سبط حسن جي مضمونن جو ترجمو)، (20) ‘بين الاقوامي انقلاب جو راههِ عمل’،
(21) ‘تضادن بابت’ (تضادن جو فلسفو)، (22) ‘تصوف اور ڪلاسيڪي سنڌي شاعري’ (اردو: 2010) شامل آهن.
رشيد ڀٽيءَ شيخ اياز جي ڪتاب ‘خط، انٽرويو ۽ تقريرون’ جي پهرئين ڀاڱي ۾ 118 صفحن جو طويل ۽ شاهڪار مهاڳ لکيو، جنهن ۾ دنيا ۽ سنڌي ادب جي روشن خيال ۽ ترقي پسند ڪردار ۽ ان ۾
شيخ اياز ۽ ساٿين جي جدوجهد تي روشني وڌل آهي. اهڙيءَ ريت هن شيخ اياز جي سنگيت ناٽڪ ‘ڀڳت سنگهه کي ڦاسي’ تي به تفصيلي مهاڳ لکي ڀڳت سنگهه ۽ ساٿين جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. سندس هي ٻئي مهاڳ تاريخي حيثيت رکن ٿا. ان کان سواءِ محمد ابراهيم جويي ۽ رسول بخش پليجي کان پوءِ رشيد ڀٽي ٽيون اهم اديب آهي، جنهن شيخ اياز جي شاعريءَ جو اهم اڀياس لکيو.
رشيد ڀٽي، سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ادب، ثقافت، تاريخ، سياست ۽ قديمي آثارن بابت مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪيترا مضمون لکيا.
رشيد ڀٽي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ تصوف تي وڏي ڄاڻ رکندو هو ۽ ان حوالي سان سندس نقطه نظر روشن خيال ۽ سيڪيولر هو. هن سچل شناسي ۽ لطيف شناسيءَ جي ميدان ۾ به ڪافي مضمون لکيا. ‘سچل جو مڪتب ’ (1993) ڪتاب سندس روشن خياليءَ جو مظهر آهي. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت انگريزيءَ ۾ تحقيقي ڪتاب
‘Great Poet’ (Kalhora Period: 1700-1783) لکيو هو، جيڪو 2002ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي حياتي ۽ شاعريءَ تي نئين رُخ سان تحقيق ڪئي وئي آهي ۽ ان دور جي سياسي، اقتصادي، تهذيبي ۽ مذهبي حالتن، مغل سلطنت ۽ ان جي ڏن ڀرو ملڪ سنڌ جي حاڪمن ڪلهوڙن جي حڪومت جو جائزو وٺي، شاهه جي شاعريءَ جي اهميت ۽ ڪردار تي روشني وڌي وئي آهي. هي ڪتاب ايڇ. ٽي. سورلي ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪتابن کانپوءِ لطيف جي دور تي هڪ اهم ڪتاب آهي.
سنڌ جو هي ارڏو اديب، صحافي ۽ سياستدان 16 فيبروري 1988ع تي وفات ڪري ويو. کيس چئن پٽن ۽ ٻين نياڻين جو اولاد آهي.
سراج [1933-2013]: سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي دانشور، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، محقق، قانوندان، ماهر لسانيات ۽ لطيف شناس ‘سراج’ جو پورو نالو سراج الحق ولد محمد يعقوب ميمڻ هو. هن 24 آڪٽوبر 1933ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد يعقوب ‘نياز’ ميمڻ وقت جو بهترين تعليمدان ۽ علم ۽ ادب سان اٿاهه چاهه رکندڙ شخص هو. سندس ترجمو ڪيل ‘ديوان حافظ’ سنڌي ادب ۾ يادگار حيثيت رکي ٿو. سراج تي پنهنجي والد جي مزاج ۽ علميت جو گهرو اثر ٿيو ۽ شروع کان ئي لکڻ، پڙهڻ سان واسطو رهيس. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان وٺڻ کانپوءِ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوري يونيورسٽيءَ ۾ ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. سندس تعليم بي. اي (آنرس)، ايم. اي (ايڪانامڪس) ۽ ايل. ايل. بي هئي. سراج ملازمت جي ابتدا محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي پريس ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪئي، جتي هو پروف ريڊنگ ۽ ترجمي جو ڪم ڪندو هو، جتان 1953ع ۾ ‘سنڌي ادبي بورڊ’ ۾ نوڪريءَ لاءِ کيس سنڌ جو برک ڏاهو محمد ابراهيم جويو وٺي آيو ۽ 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1957ع ۾ سي. ايس. ايس جو چٽاڀيٽيءَ جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽئڪس کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو ۽ سندس جاءِ تي شمشير الحيدري، سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيو. سراج صاحب کي جنرل يحيٰ 1969ع ۾ جبري طور 303 پهرينءَ صف جي سنڌي آفيسرن سان گڏ ملازمت مان رٽائر ڪيو. سندس خلاف الزامن مان مکيه سرڪاري ملازمت ۾ هوندي قومپرست ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ۽ قوميت جي موضوع تي لکڻ هو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت وڪالت ڪيائين ۽ ڪامياب وڪيل رهيو. 1971ع ۾ ڪراچيءَ مان ‘هلال پاڪستاناخبار جو اجراء ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر ٿيو. هن اخبار ذريعي سراج، جديد صحافت ۾ نوان ۽ اڇوتا لاڙا آندا، جنهنڪري کيس سنڌي جديد صحافت کي ‘نئون جنم ڏياريندڙ’ چيو وڃي ٿو. هن 1977ع ۾ هلال پاڪستان مان استعيفا ڏني ۽ واپس وڪالت جي شعبي سان لاڳاپجي ويو ۽ عمر جي آخري عرصي تائين سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو. انڪم ٽيڪس قانون تي مهارت سبب کيس ان مضمون جي ميدان ۾ ‘انسائيڪلوپيڊيا’ چيو ويندو هو.
سراج، سنڌي ادب جي هڪ گھڻ پاسائين شخصيت رهيو، سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾ ‘اي درد هلي آءُ’ جي نالي سان شايع ٿيو ۽ ٻيو مجموعو ‘اٺون ماڻهو’ 1985ع ۾ شايع ٿيو. جديد سنڌي ادب ۾ سراج تخليقي ۽ تاريخي ناول لکيا. هي پهريون سنڌي ناول نگار هو، جنهن ٽن ناولن تي ٻڌل ‘پياسي ڌرتي رمندا بادل’ جي نالي سان پهرين ٽريالاجي لکي. سراج، سنڌ جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو. سراج جو پهريون ناول ‘پڙاڏو سوئي سڏ’ (1979ع) سنڌ تي ارغونن ۽ ترخانن جي قهري دور جي تاريخ تي ٻَڌل آهي. سندس ٻيو ناول ‘مرڻ مون سين آءُ’ (1988ع) به اُن جو تسلسل آهي. ان کان سواءِ ‘منهنجي دنيا مرگھه ترشنا’، ‘منهنجي دنيا هيڪل وياڪل’، ‘سڀ رنگ سانول'>تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول’ سندس اهم ناول آهن، جن جي ٽريالاجي ‘پياسي ڌرتي رمندا بادل’ عنوان سان شايع ٿي. سراج ڊراما به لکيا، جن وڏي مقبوليت ماڻي، انهن ناٽڪن مان اڪثر شاهه جي بيتن ۽ داستانن جي روشنيءَ ۾ لکيل آهن، جن مان ‘گهاتو گهر نه آئيا’ [شاهه جي سر گهاتوءَ تي ٻڌل]، ‘جر ۾ ڦوٽو جيئن’، ‘پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا’ ۽ ‘تنهنجي تند تنوار’ [سر پيرويءَ تي ٻَڌل آزاد نظم ۾ ناٽڪ] اهم آهن. هڪ مترجم جي حيثيت سان هن ‘چين جي هارين کي زمين ڪيئن ملي’، ‘چونڊ آمريڪي افسانا’ [غلام ربانيءَ سان گڏ]، ‘ڏکڻ مان ٿو سج اڀري’ [ڪرشچندر جي ناول جو ترجمو] ۽ ڊاڪٽر ايس. پي ڇٻلاڻيءَ جي ڪتاب: Economic Conditions in Sindh 1595-1984 جو ترجمو ‘سنڌ جي اقتصادي تاريخ’ ترجما ڪيا.
سراج پنهنجي صحافتي زندگيءَ ۾ روزاني هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهڻ دوران اهم مسئلن تي ايڊيٽوريل لکڻ کان سواءِ ‘رتيءَ جي رهاڻ’ ۽ ‘ملان جي ڊوڙ’ ۽ جاڳو اخبار ۾ ‘سياسي منظرنامو’ جي سري سان سوين مضمون ۽ ڪالم لکيا. هن س. م. لاهوتيءَ جي نالي سان به ڪافي مضمون ۽ ڪالم لکيا. سراج شاعري به ڪئي، ابتدا ۾ هن ‘بسمل’ تخلص ڪم آندو.
لسانيات جي حوالي سان سندس اهم تصنيفسنڌي ٻولي’ 1964ع ۾ ڇپيو، جنهن سنڌي ادب ۾ ٻوليءَ جي ارتقا جي حوالي سان نوان بحث ڇيڙيا. هن ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو هن سنڌ جي ٻين عالمن سان اختلاف ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت مان نڪتل زبان، دراوڙي ڪُل جي زبان ۽ ‘سامي سٿ’ جي زبان وارن نظرين ۽ مفروضن کي رد ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اصلوڪي ۽ بنيادي ٻولي قرار ڏنو، سندس راءِ کي شروع ۾ جن عالمن قبول نه ڪيو هو، تن به تحقيق بعد آخر ۾ اچي ساڳي ڳالهه ڪئي. هن ڪتاب کي ’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ پاران انعام پڻ مليو ۽ 2009ع ۾ هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ٻيو ڇاپو ۽ انگريزي ترجمو پڻ شايع ٿيو. سراج زندگيءَ جي آخري سالن ۾ ٻه انگريزي ڪتاب لکي مڪمل ڪيا:
(1) History of Sindh and Sindhi Language
(2) Biography of an Unknown Sindhi.
جن مان پهريون ڪتاب ڇپجي چڪو آهي.
هن باوقار اديب ۽ عالم، 2 فبروري 2013ع تي اسُر ويل، دل جي دوري سبب نيشنل ميڊيڪل سينٽر ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو، کيس 4 فيبروريءَ تي گِزري قبرستان، ڊفينس، ڪراچيءَ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
سراج جو شاهه لطيف سان عشق هو، ۽ هو کيس جي ايم سيد ۽ ٻين قومي سوچ وارن دانشورن وانگر ‘سنڌ جي قومي تشڪيل ۽ آزاديءَ جو شاعر’ ۽ سنڌ جي سڃاڻپ جي علامت سمجهندو هو. هن ‘رتيءَ جي رهاڻ’ ۽ ‘سنڌ جي منظرنامي’ عنوان سان لکيل پنهنجا ڪيترا ڪالم شاهه جي بيتن کي بنياد بنائي لکيا هئا.
سراج صاحب دلي طرح ڪوشش ڪئي ته شاهه جي رسالي جي معياري ۽ جامع لغت جوڙجي، جنهن ۾ هر لفظ جو تلفظ، ڌاتو (Etomology) ڏجي ته جيئن خبر پوي ته اهو لفظ نج سنڌي آهي يا ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ مان مستعار ورتل آهي. ان حوالي سان شاهه جي مخصوص معنيٰ ڏئي، ان ۾ حوالي طور شاهه جي بيتن جو استعمال سمجهائجي. هن ان ڏس ۾ پنهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر آفتاب ابڙي ۽ فقير محمد لاشاريءَ کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاح ڪئي، پر اهو ڪم پورو نه ٿي سگهيو، پوءِ به ڪاغذ جي ڪارڊن تي شاهه جي بيتن جي لفظن ۽ معنيٰ تي تيار ٿيل مواد ڊاڪٽر فهميده حسين وٽ موجود آهي، جنهن کي يا ته مڪمل ڪرڻ گهرجي يا جيڪو به آهي اشاعت هيٺ اچڻ گهرجي.
سراج شاهه جي سُرن جي روشنيءَ ۾ ڪيترا ناٽڪ لکيا، جهڙوڪ: ‘گهاتو گهر نه آئيا’، ‘جر ۾ ڦوٽو جيئن’، ‘پوچا ڏٺم پير’، ‘تنهنجي تند تنوار’ وغيره. انهن ۾ سندس مقصد، شاهه لطيف جي داستانن ۽ انهن ۾ سمايل مفهوم کي سمجهڻ هو. هن پنهنجي ٻن ناولن: ‘پڙاڏو سو ئي سڏ’ ۽ ‘مرڻ مون سين آءُ’ جا عنوان به شاهه جي بيتن جي اڌ سٽ تان لکيا، جنهن مان هن جي شاهه سان نسبت ۽ پيار ثابت ٿئي ٿو. هن شاهه بابت ڪيترا فڪري ۽ تحقيقي مضمون ۽ ڪالم لکيا، جن ۾ ‘لطيف ۽ وحدت الوجود’ 5 قسطن تي مشتمل هو ۽ سندس ٻيا مضمون به ان حوالي سان اهم آهن. سراج شاهه جي بيتن جو انگريزي ترجمو ڪيو هو، جيڪو Sindh Quarterly رسالي جي ڪيترن اشاعتن ۾ ڇپيل آهي. سراج جي شاهه تي لکيل مضمونن ۽ شاعريءَ جي انگريزي ترجمي تي مشتمل ڪتاب تاج جويي ترتيب ڏنو آهي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي (1934-1999): سنڌ جي ناليواري عالم، شاعر، محقق، مترجم، لطيفيات جي ماهر ۽ سچل شناس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي عباسي هو. هن 7 ڊسمبر 1934ع تي، ضلعي خيرپور جي هڪ ننڍڙي شهر سوڀي ديري ۾ گل محمد عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ساڌو هيرانند اڪيڊمي، ڪراچيءَ مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. انٽر سائنس ڊي جي. سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي شاگرديءَ واري زماني کان شاعري ڪندو هو. ابتدا ۾ روايتي شاعري ڪيائين، پر اڳتي هلي سنڌي جديد شاعريءَ ۾ نوان لاڙا آندائين؛ ان ڪري سندس شاعري سنڌي ادب ۾ نئين حيثيت سان اجاگر ٿي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ شمشير الحيدريءَ، سنڌي شاعريءَ، خاص ڪري نظم ۽ آزاد نظم ۾ نوان تجربا متعارف ڪرايا.
تنوير عباسيءَ جون سنڌي ادب ۾ وڏيون خدمتون آهن. سنڌي ادب جڏهن ورهاڱي کان پوءِ نئين سر اُسري رهيو هو، تڏهن تنوير عباسي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن ۽ شاعرن مان هو، جيڪي سنڌي ادب جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. هن جو شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو، پر شاهه جي شاعريءَ ۽ سچل سرمست، خوش خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ ٻين جي شاعريءَ تي سندس تحقيق ۽ ڪاوش، کيس اهم ۽ منفرد اسڪالر واري حيثيت ڏياري ڇڏي آهي. تنوير عباسيءَ جي علمي ۽ ادبي ادارن سان وابستگي، هڪ وڏي عرصي تائين رهي. پاڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو تصور ڏيندڙ ۽ ان جي ائڊوائيزري بورڊ جو آخر تائين ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي رٿا جوڙيندڙ، شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽي ڪراچيءَ جو ميمبر، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جو باني ۽ مستقل ميمبر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل (11 سالن تائين)، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سچل يادگار ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري، سچل چيئر، شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو باني ڊائريڪٽر ۽ سچل سرمست ميلي ڪاميٽيءَ جو ڪيترائي سال آرگنائيزر ۽ ٻين ڪيترن ادارن سان وابسته رهيو.
هن جو علمي ادبي پورهيو وڏو آهي. سندس شاعريءَ جا ڇهه ڪتاب، ٻه سفرناما، ڪجهه ترجما ۽ خاڪن ۽ ادبي مضمونن جا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن.
تنوير عباسي وڏو لطيف شناس هو. هن 1976ع ۾ ‘شاهه لطيف جي شاعري’ عنوان سان تحقيقي ڪتاب لکيو. بعد ۾ شاهه تي وڌيڪ تحقيق ڪري، ٽي ڪتاب لکيائين، جن کي اڳتي هلي نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1989ع ۾ ‘شاهه لطيف جي شاعري’ جي عنوان سان گڏائي ڇپايو. هي ڪتاب شاهه جي جديد تحقيق جي حوالي سان اهم ترين ڪتاب آهي، جيڪو ٻيو ڀيرو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري به ڇپايو آهي. هن ڪتاب ۾ تنوير عباسيءَ شاهه لطيف جي حوالي سان هيٺين عنوانن تي جديد تحقيق ۽ تنقيد جي روشنيءَ ۾ مضمون لکيا آهن ۽ سندس نالو نهايت مٿانهون آهي.
(1) شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ادبي پسمنظر
(2) شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سياسي ۽ تاريخي پسمنظر
(3) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدر
(4) شاهه لطيف جي عوامي شاعري
(5) شاهه لطيف جي عڪسي شاعري
(6) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ رنگن جو اڀياس
(7) شاهه لطيف جي اهڃاڻي شاعري
(8) شاهه لطيف جا سورما ۽ سورميون
(9) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ زورائتو اُچار
(10) ساجن سونهن سُرت
(11) سر گهاتوءَ جو اڀياس
سچل چيئر ۾ ويهي شاهه جي هڪ قديم نسخي تي به ڪم ڪيو هو، جيڪو اڃا اشاعت هيٺ اچي نه سگهيو آهي.
ويهين صديءَ جو هيءَ ڏاهو انسان، 25 نومبر 1999ع تي، اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
 ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (1935-2011): سنڌ جي ناليواري اديب، عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جو مڪمل نالو عبدالجبار ولد ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو آهي. هن 26 نومبر 1935ع تي ڳوٺ پير فتح شاهه، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم بدين مان ڪرڻ بعد مئٽرڪ 1956ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. انٽرميڊيٽ 1958ع ۾، بي. اي آنرس 1960ع ۾، ايم. اي 1962ع ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ ڪئي ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1966ع ۾ هن چيني ٻوليءَ ۾ ڊپلوما چين جي شهر بيجنگ مان ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما خانه فرهنگ ايران، حيدرآباد (ايران) مان 1973ع ۾ ڪئي. عبدالجبار جوڻيجي صاحب 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان، ڊاڪٽر غلام علي الانا جي رهبريءَ هيٺ ‘سنڌي شاعريءَ تي فارسي زبان جو اثر’ عنوان هيٺ پي. ايڇ. ڊي ڪئي.
1962ع ۾ ئي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪري سنڌي شعبي جو چيئرمئن ۽ پوءِ 1993ع کان 1995ع تائين ڊين آف آرٽس فئڪلٽي ٿيو، جتان 26 نومبر 1995ع تي رٽائر ڪيائين. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ کيس لاڙ ميوزيم بدين جو اعزازي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. هن ڊائريڪٽر جي حيثيت سان پنج سال ادبي ۽ ثقافتي خدمتون سرانجام ڏنيون. ميوزم جي ترقياتي ڪمن سان گڏ ثقافتي ڪم پڻ ڪيائين. سندس 200 کان مٿي تحقيقي مقالا ۽ 73 ڪتاب ڇپيل آهن. هيءُ هيڪ (HEC) ۾ 2007ع کان 2009ع تائين پروفيسر ٿي رهيو آهي.
جوڻيجو صاحب، شاهه لطيف جو وڏو شارح ۽ موسيقيءَ جو ڄاڻو هو. هن جا شاهه لطيف تي هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) ڪتراللطيف (1961ع)
(2) لطيفيات (ببليوگرافي: 1997ع)
(3) ڪشف الابيات (1995ع)
(4) شاهه لطيف (اردو: 2005ع)
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، 12 جون 2011ع ۾ وفات ڪئي.
آغا سليم (2016- 1935): سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ناول نگار، ڊرامانگار، محقق ۽ لطيف شناس، آغا سليم شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو. بي. اي تائين تعليم ورتائين. ريڊيو پاڪستان مان اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. هن جي ڪهاڻين جا ٽي ڪتاب، چار ناول، ڊرامن جو هڪ ڪتاب، مختلف تهذيبي موضوعن تي ڪيترا ڪتاب ڇپيل آهن. هن ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۽ جديد سنڌي شاعريءَ، خاص ڪري شيخ اياز جي حوالي سان به اهم ڪم ڪيو آهي. پر سندس وڏي ۾ وڏو ڪم شاهه لطيف جي شاعريءَ ۽ موسيقيءَ تي تحقيق آهي، ان ڏس ۾ هن جا هيٺيان ڪتاب اهم آهن، جيڪي ڇپجي وڏي مڃتا ماڻي چڪا آهن.
(1) لات جا لطيف جي (شاهه جي شاعريءَ بابت فلسفيانه مضمون)
(2) رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي (منظوم اردو ترجمه)
(3) Melodies of Shah Abdul Latif Bhitai (چئن جلدن ۾ شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو)
(4) سنڌ ۾ موسيقيءَ جي روايت ۽ شاهه لطيف جا سُر
(5) جيڪي ڏٺو سو مون (شاهه لطيف بابت مضمون)
(6) لالن لال لطيف ڪهي (شاهه جي واين جو اردو ترجمو)
آغا سليم، شيخ اياز کانپوءِ ٻيو سنڌي اديب آهي، جنهن شاهه جو مڪمل رسالو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي. ان جي انفراديت اها آهي ته هن شاهه جي رسالي جو هي ترجمو بيت ۽ وائيءَ جي هيئت ۾ ڪيو آهي ۽ ان کي شاهه جي ساڳين سُرن ۾ ڳائي سگهجي ٿو. پوين ٻن ڪتابن ۾ شاهه جي شاعريءَ جو جديد دور جي تقاضائن ۽ دنيا جي مختلف شاعرن جي بيان ڪيل عالمي قدرن (values) جي روشنيءَ ۾ جائزو ورتو آهي.
هن آخري وقت تي شاهه جي گنج جي مڪمل انگريزي ۽ اردو ترجمي جو ڪم هٿ ۾ کنيو هو، جنهن کي ذري گهٽ مڪمل ڪري چڪو هو ته سندس زندگيءَ جا پسادهه پورا ٿيا. اهو ڪم ناگپال ۽ ڊاڪٽر مخمور بخاري نظر مان ڪڍي مڪمل ڪري چڪا آهن.
آغا سليم، 13 اپريل 2016ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.
محمد سومار شيخ [1935-1986]: مشهور اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد، محمد سومار ولد الهبچايو شيخ، پهرين جنوري 1935ع تي، بدين ضلعي جي ڳوٺ قرهيي ڀانڊاريءَ ۾ ڄائو. سندس والد شاعر ۽ صوفياڻو مزاج رکندڙ هو. محمد سومار شيخ، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ميان جي عارف ۽ هاشم منڌري وٽ، ڳوٺ دينار ٽالپر ۾ پڙهيو. ان بعد ڳوٺ غلام حسين جماليءَ جي مڪتب مان پڙهڻ کان پوءِ 1967ع ۾ اديب فاضل سنڌيءَ جو امتحان پاس ڪيائين. 1952ع ۾ باقاعدي لکڻ شروع ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي کيس تاريخ ۽ تهذيب بابت تحقيق ڪرڻ ۾ دلچسپي رهي. هن ان سلسلي ۾ وسيع مطالعو ڪيو. خودڪار نموني مختلف ماڻهن وٽ وڃي، جهرن جهنگن، برن، دڙن ۽ ڀٽن بابت تحقيق ڪري، سنڌ جي تاريخ بابت نئون مواد لکيائين. تحقيق ڪرڻ جو کيس قدرتي ڏانءُ هو. هن جيتوڻيڪ لکڻ جي شروعات شاعري ۽ افسانن سان ڪئي، پر ستت ئي ثقافتي تاريخ تي قلم آرائي ڪري، نهايت ضخيم مواد ڪَٺو ڪيائين.
سومار شيخ ابتدا ۾ ‘ابن الله بچايو’ جي نالي سان اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو هو. هن قديم آثارن، تاريخ، لوڪ ادب، سوانح ۽ ثقافت بابت تحقيق ڪئي. ان کان سواءِ هن زيورن، نانگن، بلائن، وڻن ٻوٽن، هنرن ۽ لاڙ خطي بابت به لکيو. ڪيترن شاعرن جي شاعريءَ جا مجموعا مرتب ڪيائين ۽ سوانح عمريون لکيائين. سندس ڇپيل پهريون ڪتاب ‘آڌي رات’ (1955) آهي. جڏهن 1974ع ۾ بدين ضلعو قائم ٿيو ته محمد سومار شيخ کي اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ سرڪاري عملدارن جي دلچسپيءَ ۽ تعاون سان بدين ۾ پهريون ‘ثقافتي ميلو’ لڳرايائين ۽ ‘بدين جي ثقافتي تاريخ’ ڪتاب پڌرو ڪيائين. تنهن کانسواءِ بدين ضلعي تي سندس ٻيا به ڪيترا ڪتاب آهن، جن ۾ ‘بدين ضلعي جو مطالعو’ نهايت اهم آهي.
سومار شيخ 1952ع ڌاري ٽنڊي باگي مان سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري، ان ئي سال پرائمري استاد مقرر ٿيو. انهيءَ وقت سندس مالي حالتون ڪمزور هيون، ان ڪري هڪ ڀيري پنهنجي لائبرريءَ مان ست مڻ ڪتاب، چوڏهن سؤ روپين ۾ وڪرو ڪيائين. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ روزگار لاءِ بدين ۾ هڪ پريس قائم ڪيائين، جيڪا بعد ۾ وڪرو ڪيائين ۽ پوءِ هو مڪمل ورڪر بڻجي، ثقافت، تاريخ ۽ ادب سان لاڳاپيل هر شيءِ گڏ ڪندو ويو. اڳتي هلي ضلعي ڪائونسل جي همت افزائيءَ ۽ سهڪار سان هڪ ميوزيم قائم ڪيائين، جنهن ۾ ڪيترائي نوادرات جمع ڪرايائين ۽ پوءِ ميونسپل ڪميٽيءَ جي ڏنل هڪ ڪمري کي ميوزيم بڻائي، سڀ ڪجهه اچي اتي رکيائين ۽ ميوزيم کي وڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ لڳو. ان بعد جڏهن بدين ۾ ميوزيم لاءِ رٿيل عمارت جا ٻه ڪمرا ٺهي مليا ته اهو سامان کڻي انهن ڪمرن ۾ منتقل ڪيائين، جيڪو اڳتي هلي ‘لاڙ ميوزيم’ بڻيو.
محمد سومار شيخ جو شاهه عبداللطيف جو به وڏو ڄاڻو هو. سندس شاهه جي ڪلام تي به ڪافي ڪم ٿيل آهي. هن سنڌ جا جهر جهنگ جهاڳي، شاهه لطيف جا ڪيترا گم ٿيل ۽ اڻ ڇپيل بيت هٿ ڪري ڇپرايا. هو ادبي جاکوڙ ۾ عزم وارو ماڻهو، زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ پرعزم رهيو. مالي طور مسڪين هئڻ باوجود لکڻ پڙهڻ ۽ ڪتابن جي اشاعت لاءِ هر وقت جاکوڙ ۾ رڌل رهندو هو. هن ‘لطيف پبليڪيشن’ جو بنياد وڌو، جيڪو سرپرستي ڪرڻ وارن جي ضد ۽ حڪم موجب بدلجندو ‘جيلاني پبليڪيشن’، ‘بدين پبليڪيشن’ ۽ ‘ساگر پبليڪيشن’ بڻيو. هن پنهنجي سوچ پٽاندڙ ان کي ‘لاڙ ادبي سوسائٽيءَ’ جي نالي سان ترقي ڏياري ۽ ان پليٽفارم تان پنهنجا ۽ ٻين اديبن ۽ محققن جا ڪتابَ شايع ڪرايا.
محمد سومار شيخ سڄي ڄمار هڪ ڪارڪن وانگر ادب جي خدمت ڪئي. سندس لکيل ڪتاب 232 آهن، جن مان 47 ڪتاب ڇپيل آهن، اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) آڌي رات (1955ع)، (2) ڪليات فاروق، (3) تاريخ الشعرا لاڙ (ڀاڱو پهريون)، (4) روحاني ابيات، (5) ڪليات شيخ الهبچايو،
(6) گوگو چوهاڻ، (7) ڇوليون، (8) سنڌي آوازن جا تبادلا، (9) بو علي قلندر، (10) ڪلام مرکان شيخڻ، (11) روپا ماڙي، (12) دوها ۽ دونهان،
(13) ڪلام پير ڀاون علي شاههساقي’، (14) ڄراٽيس ڄيري، (15) پيرو فقير جو ڪلام، (16) شيخ قرهئي ڀانڊاريءَ کي ڳائيندڙ شاعر،
(17) بدين: واهه بديڻا تنهنجا ڀاڳ، (18) بدين ضلعي جي اديبن شاعرن ۽ فنڪارن کي تحسين، (19) منتخب ڪلام رئيس عالم خان نظاماڻي، (20) بدين ضلعي جا مشاهير، (21) بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ، (22) ڪـڇـيـن جـا قـول، (23) لـطيـف سـائيـنءَ جـا لاڙ تـان ڀـيـرا،
(24) سنڌ جا زيوَر، (25) بدين ثقافتي ميلي جي ڪهاڻي، (26) سـنڌ جون سـورميـون، (27) ٽيڙُو اُڀا ٽي، (28) اڻمٽ نقش، (29) ڪلام جڙيل عباسي، (30) پير شاهه قادري، (31) مناجات ساقي، (32) پرڏيهين جا پيغام، (33) ڪلام الهه بچايو شيخ، (34) برج ڀاشا جو گرامر (مهراڻ ۾ ڇپيل) وغيره.
سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جو وڏو تعداد آهي، جيڪي تاريخ، لطيفيات، ثقافت، لغت وغيره جي موضوعن تي آهن. شيخ صاحب ڪافي تعداد ۾ شاعري به ڪئي. سندس شعري مجموعو ‘دوها ۽ دونها’ 1971ع ۾ لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين طرفان شايع ٿيل آهي.
شيخ محمد سومار شاهه لطيف جو وڏو ڄاڻو هو، هن جاکوڙ ڪري مختلف هنڌن تان شاهه لطيف جا اڻلڀ بيت هٿ ڪيا. لطيفيات جي سلسلي ۾ سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا
(2) شاهه جا گم ٿيل بيت (سر مارئي)
(3) شاهه جا گم ٿيل بيت (ست سُر)
شيخ سومار جي ڪوششن سان 1980ع ۾ لاڙ ميوزيم جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن جو کيس پهريون انچارج مقرر ڪيو ويو. هن لاڙ ميوزيم جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون، جيڪي ڪامياب ٿيون ۽ لاڙ ميوزيم ثقافتي وٿن ۽ تاريخي شين تي مشتمل شاندار اداري جي صورت ورتي، پر کانئس پوءِ ان ميوزيم جي حالت چڱي نه رهي. کيس ‘بدين ضلعي جي تاريخ’ ڪتاب تي سنڌالاجيءَ اوارڊ ڏنو. ان کانسواءِ تحقيقي خدمتن جي روشنيءَ ۾ تنظيم ’نظر و فڪر، سنڌ‘ طرفان پڻ کيس اوارڊ ڏنو ويو.
سنڌ جي هن نامور اديب، ٻولي شناس، محقق ۽ عالم، 24 آڪٽوبر 1986ع تي بدين ۾ وفات ڪئي.
 ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي (1936- 2008): سنڌ جي نامياري اديب
۽ اسڪالر ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جو پورو نالو موتي لال واڌومل جوتواڻي آهي. سندس جنم 13 جنوري 1936ع تي سکر، سنڌ ۾ سندس ناناڻن جي گهر ۾ ٿيو. سندس ٻالڪ پڻو چئن شهرن، روهڙي، سکر، جيڪب آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ گذريو. ننڍپڻ جو وڏو حصو هن ڏاڏاڻي گھر روهڙيءَ ۾ گذاريو، روهڙيءَ ۾ هن جو گھر ٽڪر محلي ۾ هو. موتي لال جوتواڻيءَ جو ڏاڏو ۽ وڏا ماما حلوائي هئا، سندس ڪٽنب ۾ فقط هن جو والد ئي هو. جيڪو مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. نه صرف ايترو، پر سندس والد ديس جي آزاديءَ جي هلچل
۾ به خوب حصو ورتو. موتي لال جي والد روهڙيءَ ۾ شام جي وقت ‘راتڙي پاٺشالا’ هلائي، قومي سکيا ڏيڻ جو فرض نڀايو. اتي هندي ۽ انگريزي سيکاري ويندي هئي. بعد ۾ سندس والد کي جيڪب آباد ۾ شيوارام اسڪول ۾ استاد مقرر ڪيو ويو ۽ پوءِ ڪي. جي. کلناڻي هاءِ اسڪول ۾ تعليمدان طور خدمتون سرانجام ڏنائين. انهن ٽنهي شهرن ۾ موتي لال جوتواڻيءَ به تعليم حاصل ڪئي. موتي لال کي شروع کان ئي ادب ۽ ٻولين سان لڳاءُ هو. هيءُ جڏهن يارهون درجو پڙهندو هو، تڏهن کيس مرهٽي زبان سکڻ جو شوق ٿيو، پر سندس اهو شوق اڌورو رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته سندس والد جي بدلي لجپت نگر اڪيڊمي نئين دهليءَ ۾ ٿي ۽ کيس اوڏانهن وڃڻو پيو. موتي لال مئٽرڪ جو امتحان دهليءَ جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. سندس والد 1976ع ۾ گذاري ويو. موتي لال جي شادي 21 مئي 1961ع ۾ ٿي. سندس گهر واريءَ جو نالو راج آهي. شاديءَ وقت راج جي عمر 19 سال ۽ موتي لال جي عمر 25 سال هئي. کيس ٽي پٽ ٿيا.
هي شروعاتي دور ۾ 1962ع تائين اسڪول ۾ استاد رهيو. 1962ع کان 1965ع تائين آل انڊيا راجڪوٽ ۾ سروس ڪيائين. 1965ع ۾ ديش بندو ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ساڳئي ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو ۽ ان ئي عهدي تان رٽائر ٿيو. کيس برٽش ميوزيم لنڊن ۽ هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا ۾ وزيٽنگ اسڪالر طور خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو حاصل ٿيو. هن هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، هلائي ۽ سيول ۾ هندستاني ادب تي ليڪچر ڏنا.
ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي پنهنجو ادبي سفر ڪهاڻين لکڻ سان شروع ڪيو. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مضمون نگار ۽ محقق هو. ڊاڪٽر جوتواڻيءَ جا ٽي درجن کن ڪتاب ڇپيل آهن. سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپيل سندس ڪتابن تي ڪافي ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي.
ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ شاهه جو وڏو ڄاڻو، شارح ۽ مترجم
هو. هن شاهه لطيف بابت ‘شاهه لطيف- هز لائيف اينڊ ورڪس’
(Shah Latif- His life and Works) عنوان تي دهلي يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي، جيڪا هند ۾ ڇپجڻ کان سواءِ سنڌ ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، 2006ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي. هن ڪرتارسنگهه عرش کي شاهه جي پنجابي ترجمي وقت ڪافي مدد پڻ ڪئي هئي.
هي 2004ع ۾ سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي جي دعوت تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ 2006ع ۾ سنڌ به آيو هو ۽ ڀٽ شاهه ۾ شاهه لطيف ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪئي هئائين. هن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سنڌي شعبي جي دعوت تي ‘شاهه ۽ سنڌيت ’ تي ليڪچر به ڏنو هو.
ڊاڪٽر جوتواڻيءَ جي آتم ڪهاڻيآتم ڪٿا’ جي نالي سان 2006ع ۾ ڇپي آهي. کيس 2002ع ۾ صدارتي اوارڊ ‘پدم شري’ ڏنو ويو.
ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ، جنوري 2008ع ۾ وفات ڪئي.
امداد علي سرائي [2002-1936]: فقير امداد علي سرائي، لطيفيات جو وڏو ڄاڻو هو. هن فقير عالم خان ڪاٺيي جي گهر ۾، نصيرآباد، ضلعي لاڙڪاڻي ۾، 4 سيپٽمبر 1936ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم نصيرآباد مان ۽ مئٽرڪ ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل. ايل. بي ڪيائين. ٺٽي ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلرڪ طور ملازمت ڪيائين. بعد ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار، انچارج مختيارڪار ۽ آفيس سپرنٽينڊنٽ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن رهيو. هن ٺٽي ۾ نوڪري ان ڪري ورتي، جو کيس ننڍي هوندي کان شاهه جي رسالي سان لڳاءُ هو ۽ سندس چواڻي رسالي جي 70% ٻولي لاڙي آهي. شاهه جي رسالي جي ابتدائي سکيا ۽ تعليم مرحوم فقير طيب جت کان ورتائين، جيڪو لطيف سائينءَ جي 130 حاضري فقيرن مان نهيٽي فقير جت جو تڙپوٽو هو. ان کان سواءِ فقير عبدالله ميمڻ، فقير حاجي صديق فقيراڻي جت (ڪيٽي بندر)، فقير حاجي خميسي چانڊيي ۽ فقير رمضان جت جو صحبتي رهيو. فقير رمضان جت جو والد فقير احمد جت، شمس العلماءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي سان رسالي جي ترتيب ۾ ڪافي وقت مددگار رهيو هو.
سرائي امداد علي، شاهه جي ڪلام جي تحقيق ۽ اڻ ڇپيل ڪلام هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ سال 1981ع ۾ ڀارت ويو، ساڻس گڏ شاهه جا ٻه پارکو حاجي خميسو چانڊيو ۽ رمضان جت گڏ هئا. ڀارت ۾ هُو رڻ ڪڇ، ٻاڙمير، آدي پور، گانڌيدام، احمدآباد، ڪلياڻ ڪئمپ (الهاس نگر) ۽ ممبئيءَ جو سفر ڪيو، جتي هن جون ملاقاتون حاجي بصريي جت، آگي جت، آدم جت، سيد محمد شاهه نابين ۽ مائي مٺان سان ٿيون. هن شاهه جي بيتن جي سلسلي ۾ نارائڻ سر، ڪوٽيسر مندر، ڏيڻودر جبل (تعلقي نکراٽي)، لوڻيا ڳوٺ ۽ هبي توڙي ٻين قديم تاريخي ڳوٺن جو دورو ڪيو ۽ شاهه صاحب جا اڻ ڇپيل بيت پاڻ سان گڏ کڻي آيو. اهي بيت ‘املهه اڻ توريا’ جي نالي سان سال 1985ع ۾ ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيا. اهو ڪتاب پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڇپرايو هو.
فقير امداد علي سرائيءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ‘املهه اڻ توريا’، (شاهه جا اڻ ڇپيل بيت)، (2) ‘قدم ڪاپڙين جا’، (3) ‘ڪشتي منجهه ڪڻا’. کيس ‘ڪشتي منجهه ڪڻا’ ڪتاب تي 10 هزار روڪ ۽
5 تولا سون جو اوارڊ مٽياري ساداتن کان مليو.
عمر جي حصي ۾ هن ڀٽائيءَ جي مستند رسالي تي ڪم ڪيو. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي گهر جي هيٺان هڪ آفيس پڻ قائم ڪئي هئي. جتي هو پنهنجي ساٿين سان تحقيق ۾ مشغول رهندو هو. پر زندگيءَ کيس مهلت نه ڏني ۽ هو 16 سيپٽمبر 2002ع تي حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ وفات ڪري ويو. وفات کان اڳ ۾ کيس ان ڳالهه جو تمام گهڻو ڏک هو ته هن جو سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن ڪو به قدر نه ڪيو.
 ممتاز مرزا [1997-1938]: سنڌ جو ناميارو اديب، محقق ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پارکو ممتاز مرزا ولد مرزا گل حسن احسن ڪربلائي، 1938ع ۾ ٽنڊي آغا ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ممتاز مرزا جو واسطو علمي ۽ ادبي گهراڻي سان هئڻ ڪري کيس ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق هو. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پهرين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان وابسته رهيو، پر ترت سندس والد کيس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وٽ ڊڪشنري آفيس (اولڊ ڪئمپس) ۾ لکپڙهه لاءِ ڇڏي آيو، جتي شيخ محمد اسماعيل جي نگرانيءَ ۾ هن سنڌي لغت تي ڪم ڪندي گهڻو ڪجهه پرايو، 1961ع ۾ جڏهن سندس والد احسن ڪربلائي بيمار ٿيو ته ممتاز مرزا پنهنجي پيءُ وارو ڪم ريڊيو پاڪستان تي ڪرڻ لڳو. 1971ع ۾ ريڊيو جي نوڪري ڇڏي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو انچارج ٿيو، سال 1973ع ۾ اها نوڪري به ڇڏي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پي. آر. او مقرر ٿيو ۽ 1974ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي اسڪرپٽ پروڊيوسر مقرر ٿيو ۽ جتان وري ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي فائز ٿيو، هن سنڌ جي ثقافت جي واڌاري ۽ سنڌ جي فنڪارن کي دنيا جي ملڪن ۾ روشناس ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڪجهه عرصي لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن به مقرر ٿيو، پر بيمار هئڻ سبب سرگرم نه رهيو ۽ ترت ئي
6 جنوري 1997ع تي وفات ڪيائين.
ممتاز مرزا کي شاهه لطيف سان وڏي عقيدت هئي ۽ شاهه جو وسيع مطالعو ڪرڻ سبب کيس ‘لطيفي ٻوليءَ’ تي عبور حاصل هو، جنهن جو اولڙو سندس تحريرن ۾ موجود آهي. هن ڪيترن سالن تائين شاهه لطيف جي ميلي جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن جي انائونسمينٽ ڪندي پاڻ مڃرايو. لطيفيات جي حوالي سان سندس شاندار ڪم لطيف جي درگاهه جي ‘وڏي اوطاق’ تي تمراڻي فقيرن وٽ موجود ‘شاهه جي گنج’ کي موجوده صورتخطيءَ ۾ ترتيب ڏيڻ آهي، جيڪو ڪارنامو سنڌ جي ادب ۽ لطيفيات جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو. ممتاز مرزا جا لطيف شناسيءَ جي سلسلي ۾ هيٺيان مضمون اهم آهن:
(1) ‘سر سامونڊي’ (تحقيقي مقالو: 1962ع)
(2) ‘مارئي ۽ حُب وطن’ (تحقيقي مقالو: 1967ع)
(3) ‘شاهه ڀٽائي ۽ شاهه لطف الله قادري’ (تحقيقي مقالو: 1970ع)
(4) ‘شاهه جا راڳائي’ (تحقيقي مقالو: 1989ع)
ممتاز مرزا جي تصنيف ۽ تاليف ۾ سڀ کان اهميت ‘شاهه جي گنج’ کي آهي، جيڪو ٻن صورتن ۾ ڇپيو:
(1) شاهه جو گنج (جهازي سائيز، دلڪش ۽ ديده زيب ڇپائي: 1997)
(2) شاهه جو گنج (ٻن جلدن ۾، ڊيمي سائيز، 1997)
ممتاز مرزا جي ٻين ڪتابن ۾ هيٺيان شامل آهن:
(1) سنڌ صدين کان (ترتيب: 1982)
(2) وساريان نه وسرن (1988)
(3) فڪر لطيف (اردو: ترتيب: 1991)
(4) لطيفي لات (شاهه لطيف بابت مقالا، ترتيب: 1992)
(5) سدا سُوئيتا ڪاپڙي (1998)
ممتاز مرزا جي شخصيت، علمي ۽ ادبي خدمتن تي، نصير مرزا هڪ خوبصورت ڪتاب ‘سي سهڻو پاڻ سڏائي ويا’ ترتيب ڏنو آهي.
 ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر [2003-1940]: نامور اديب، محقق ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر شاهنواز ولد در محمد سوڍر، 10 مئي 1940ع تي ڳوٺ ٿاڻي سوڍر (فيض محمد سوڍر)، تعلـقـي وارهـه، ضلـعـي لاڙڪـاڻـي (مـوجـوده قـمبـر – شهـدادڪـوٽ) ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ جي مڪتب مان ورتي، قرآن شريف نـاظـره پنهـنجـي ڏاڏي محـمـد خان سـوڍر وٽ پـڙهيـو. اديـب سـنڌي، مئٽرڪ، انٽر ۽ بي. اي تائين تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. 1963ع ۾ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. 1969ع ڌاري ايم. اي سنڌي ۽ 1972ع ۾ بي. ايڊ جا امتحان پاس ڪيائين، اهڙيءَ ريت انٽرنيشنل رليشنس ۾ به ايم. اي جي ڊگري ورتائين. 1973ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿيو، جنهن دوران ٺٽي، لاڙڪاڻي ۽ نئين ديري ڊگري ڪاليجن ۾ ليڪچرر، اسسٽنٽ ليڪچرر ۽ پروفيسر جي عهدن تي فائز رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائيءَ ۾ ‘سنڌي ثقافت ۽ شاهه عبداللطيف’ جي عنوان سان تحقيقي مقالو لکي، 1988ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سنڌي زبان ۾ لکيل شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي سندس هيءَ پهرين ٿيسز آهي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ به لطيفيات تي پهرين ٿيسز آهي.
ڊاڪٽر سوڍر ڪيترو عرصو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ٿي رهيو، آخر ۾ نئين ديري ڊگري ڪاليج مان پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر پنهنجي عمر جو وڏو حصو شاهه لطيف تي تحقيق ڪندي گذاريو. هن تحقيق کانسواءِ شاعري، ڪهاڻي ۽ ڊراما پڻ لکيا. ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، شاهه لطيف ڪانفرنس، سچل ادبي ڪانفرنس سميت ٻين ادبي ميڙاڪن ۾ پابنديءَ سان شرڪت ڪندو هو. سندس شروع ۾ ڊرامن طرف به ڪافي گهڻو لاڙو رهيو. سندس ٻه سنڌي ڊراما ’ڏاڏاڻي ڏيهه ۾‘ (1985ع) ۽ ’نصيب‘ (1986ع) پاڪستان ٽيليويزن تان نشر ٿيا هئا. سندس ڪهاڻيون، تحقيقي مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن.
ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، شاهه لطيف جو ڄاڻو هو. هن جا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن، جيڪي ٽيئي شاهه لطيف جي حوالي سان آهن:
(1) شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1990ع)
(2) ثقافت ۽ شاهه لطيف'>سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف (پي. ايڇ. ڊي ٿيسز: 1991ع)
(3) اوجاڳي اُجاريا (شاهه لطيف بابت مقالا: 2000ع)
سنڌ جي هن عالم، اديب ۽ لطيف شناس، 15 مارچ 2003ع تي وفات ڪئي.
 درِشهوار سيد [1997-1942]: نامور اديب ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر درشهوار سيد، سنڌ جي قومي سياستدان جي. ايم. سيد جي ڌيءُ جو جنم 21 مارچ 1942ع تي سن، ضلعي دادو [موجوده ضلعي ڄام شوري] ۾ ٿيو. جيئن ئي پڙهڻ جيڏي ٿي ته ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ۽ 1947ع ۾ هندن لڏپلاڻ ڪئي. ان ڪري سن جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيندڙ ماسترياڻيون پڻ لڏي ويون، جنهنڪري ابتدائي طور کيس حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ ڀائرن سان گڏ رهايو ويو ۽ ابتدا کان مئٽرڪ تائين ۽ بعد ۾ بي. اي 1967ع ۾ سينٽ جوزف اسڪول ۽ پوءِ ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. 1969ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي فلاسافيءَ ۾ ڪيائين، جڏهن ته فارسي زبان جو سرٽيفڪيٽ ڪورس سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان 1972ع ۾ ڪيائين. ان دوران ئي سندس والد جي. ايم. سيد کيس پي. ايڇ. ڊي ڪرائڻ جو خيال ظاهر ڪيو. 1974ع ڌاري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن وئي. پهرين 1978ع ۾ سسيڪس يونيورسٽيءَ (Sussex University) ۾ داخل ٿي ۽ پوءِ لنڊن جي ايشين سائوٿ اسٽڊيز مان 1984ع ۾ ‘شاهه لطيف جي عالمي پيغام’ تي مشتمل پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. کي شاهه لطيف سان، والد جي صحبت ۾ شغف پيدا ٿيو.
درشهوار سيد پهرين سنڌي عورت آهي، جنهن شاهه لطيف تي انگريزيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي. سندس پڙهائيءَ جي ‘آل سنڌ سيد سادات’ جماعت سميت گھر جي ڪجهه فردن پڻ مخالفت ڪئي، پر سندس والد جي ايم سيد مخالفت باوجود کيس پڙهايو، جنهن جو احوال جي ايم سيد ۽ درشهوار سيد جي وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت تي مشتمل ڪتاب ‘ڏونـگـر سـي ڏوريـنديـون’ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ کيس مخاطب ٿي
جي ايم سيد هڪ هنڌ لکيو هو ته، “تنهنجي علم جي حصول جي ڪاميابي، منهنجي مشن جي تڪميل جو واڌارو آهي.” پيءُ جي ان خواب کي سنڌ جي هن لائق نياڻي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو. سندس شمار سنڌ جي تعليمي ماهرن ۾ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر درشهوار سيد کي سنڌي، انگريزي، اردو ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل هو. کيس پيار ۽ احترام مان ‘جيجي’ به سڏيو ويندو هو. هن 1985ع کان 1991ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جوائن ڪيو ۽ اتي لڳاتار تاريخ جو مضمون پڙهايو. ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدي تي فائز رهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ درس تدريس جا فرض سرانجام ڏيڻ سان گڏ، 1991ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ‘شاهه عبداللطيف چيئر’ جي ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز ٿي. سندس سنڌي، اردو، انگريزيءَ ۾ ڪيترائي مقالا مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا. هن ڪيترن قومي ۽ عالمي سطح جي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي مقالا پڙهيا. کيس ڪافي تعداد ۾ اوارڊ به مليا، جهڙوڪ: ‘ارنيسٽ ٽرمپ اوارڊ’ (1985)، ‘لطيف گولڊ ميڊل اوارڊ’ (1988ع)، ‘سچل سرمست اوارڊ’ (1990) شامل آهن. هن آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن جو بنياد رکي، سنڌي عورتن ۾ جاڳرتا آڻڻ لاءِ ۽ انهن جي حقن لاءِ پتوڙيو ۽ ڪيترن شهرن جا دورا پڻ ڪيائين.
ڊاڪٽر درشهوار سيد جو شاهه لطيف جي حوالي سان هيٺيون ڪم ٿيل آهي:
(1) Universal Message of Shah Abdul Latif (1986)
(2) لطيفي ڪهانيان (اردو: 1993)
(3) شاهه لطيف جي موسيقي
(4) ببليوگرافي آف شاهه لطيف
(5) شاهه جو رسالو (چئن ٻولين ۾ ترتيب) ڀاڱو پهريون
ڊاڪٽر در شهوار سيد، ڊسمبر 1997ع ۾ وفات ڪئي.
 هيرو ٺڪر (جنم: 1942): هند سنڌ جي نامور اديب، شاعر، محقق، مترجم ۽ نقاد، هيري ٺڪر جو جنم 2 مارچ 1942ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. هو اڃا چئين پنجين سالن جو مس هو ته برصغير جي ورهاڱي وقت سندس وچولي طبقي واري ڪٽنب تي مصيبتن جا پهاڙ ٽُٽي پيا. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان ڪيترن هنڌن تان دربـدر ٿـيـنـدو، آخـر ڪـلـيـاڻ ڪئمـپ (مهاراشٽر) ۾ اچي وسيو. سندس پيءُ کي اتي روزگار نه ملڻ ڪري اتي ٻارن کي ڪئمپ ۾ ڇڏي گهڻو دور ناگپور ۾ چاندا ۾ 40 روپين ماهوار پگهار تي نوڪري شروع ڪئي.
ڪلياڻ ڪئمپ ۾ هيري کي هڪ سنڌي اسڪول ۾ داخلا ملي وئي. سندس ماءُ لڇمي ٻائي گهر جي خرچ جي پورائي لاءِ ڏيڍ روپئي درجن جي اگهه تي قميصون سبڻ جو ڪم ڪندي هئي. سندس ڀينرون به پستا (ڏوڏيون) ڀڃڻ جهڙا ننڍا ننڍا ڪم ڪنديون هيون ۽ خود هيرو به اسڪول کان پوءِ واري وقت ۾ جواهري گولا يا قلفيون وڪڻڻ جهڙا ڪم ڪري چار ڏوڪڙ ڪمائي ايندو هو. اوچتو سندس ننڍي ڀيڻ ليلا ڪالرا جي بيماريءَ ۾ گذاري وئي، جنهن جو هيري جي ذهن تي تمام گهڻو اثر ٿيو ۽ هو گم سم رهڻ لڳو. ان ڪيفيت کي ياد ڪندي هيرو لکي ٿو: “ليلان سان گڏ منهنجيون خوشيون به مري ويون، هن جو موت مون کان منهنجيون ساديون ۽ غريباڻيون رانديون- اِٽي ڏَڪر، گولين (چڍن/ بلورن راند) ۽ ڦيٿو، جنهن کي ڦيرائيندي، مان ڊوڙندو هئس، سي به کَسي ويو. مان بي مَنو اسڪول ته پيو ويندو هئس، پر اتي به خالي خالي نگاهن سان هيڏانهن هوڏانهن پيو واجهائيندو هوس ۽ گهر واپس اچڻ تي ڪنڊ وٺي پيو هوندو هئس.” هو ڪلاڪن جا موت، بيمارين، زندگيءَ ۽ آسپاس جي حالتن تي سوچيندو رهندو هو. رات جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ آسماني تارن ۾ پنهنجي ڀيڻ ليلان کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو هو. اهڙين پريشان- ڪُن حالتن ۾ هن ڪتابن جو سهارو ورتو. هن اسڪول جي لئبرريءَ مان ڪيترا ٻاراڻا ۽ ادبي ڪتاب وٺي پڙهڻ شروع ڪيا. ڪتابن هن جي اڪيلائپ کي دُور ڪري ڇڏيو ۽ سندس زندگيءَ ۾ نئين سر چاهه جاڳيو. پندرهن سالن جي عمر ۾ ئي هيري، سنڌي ادب جو چڱو مطالعو ڪري ورتو ۽ کيس پختي ٻولي ۽ سهڻي عبارت لکڻ تي دسترس حاصل ٿي وئي. سندس شعر ۽ ڪهاڻيون ‘هند واسي’ اخبار ۾ شايع ٿيڻ لڳيون. مشهور اديب نارائڻ ڀارتي سندس استاد هو ۽ هي سندس پيارو شاگرد هو.
هيري ٺڪر 1960ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ ساڳئي اسڪول ۾ ماستري ڪرڻ لڳو. ان دوران هن ڪئين نوڪريون ۽ ڌنڌا ڪيا. هو ماستري به ڪندو هو، سيلز مئن بڻجي شهر شهر مال وڪڻندو هو، زالن جي بريزيئرن جي فئڪٽري لڳايائين. هڪ هڪ وقت ٽي ٽي ڌنڌا ڪندو هو، گڏوگڏ لکڻ سان به سندس ناتو قائم رهيو. ڪلياڻ ڪئمپ جي ادبي گڏجاڻين ۾ سرگرميءَ سان شريڪ ٿيندو هو، سنڌي ٽائيمز اخبار لاءِ خبرون لکندو هو ۽ انٽرويو به وٺندو هو. ائين هن پڙهائي به جاري رکي. مڌيه پرديش مان انٽر پاس ڪري پونا يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪيائين. هنديءَ جو وڏو امتحان ‘ساهتيه رتن’ اڳ ئي پاس ڪيو هئائين. 1966ع ۾ پونا يونيورسٽيءَ ۾ هنديءَ ۾ بي. اي پاس ڪيائين.
اپريل 1968ع ۾ ڀارت سرڪار سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ آل انڊيا ريڊيو تان سنڌيءَ ۾ خبرون نشر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سڄي ڀارت مان 70 اميدوار دهليءَ ۾ انٽرويو لاءِ پهتا، جن مان ٽي ڄڻن: موتي پرڪاش، هريڪانت ڄيٺواڻي ۽ هيري ٺڪر کي سنڌي خبرن لاءِ چونڊيو ويو ۽ هي الهاس نگر ڇڏي، دهليءَ ۾ اچي رهيو. موتي پرڪاش ٽن مهينن بعد دبئيءَ ۾ وڃي پرنسپال ٿيو، هريڪانت ڪجهه عرصو سنڌي يونٽ ۾ رهڻ کانپوءِ جنرل نيوز شعبي جو ايڊيٽر وڃي ٿيو، ۽ سنڌيءَ جو ڪم هيرو سنڀاليندو رهيو ۽ 27 سال سنڌي يونٽ جي انچارج طور ڪم ڪندي 2003ع ۾ رٽائر ڪيائين. دهليءَ ۾ 42 سالن جي رهائش دوران سندس ماءُ پيءُ گذاري چڪا هئا. هن 1973ع ۾ پوڄا سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ پُوروي آهي، جيڪا سرڪاري ملازمت ۾ آهي ۽ سندس گهوٽ وڪرم هڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي.
سنڌيت جو جذبو هيري ۾ ننڍي هوندي کان سمايل رهيو. سندس گهر واري به ڪجهه عرصو آڪاش واڻيءَ (آل انڊيا ريڊيو) تي وقتي انائونسر به رهي.
دهليءَ ۾ رهائش دوران هيري جو تحقيق ۽ تنقيد ڏانهن لاڙو وڌي ويو. هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو قاضي قادن جي ڪلام جي کوجنا آهي. هن 76-1975ع ڌاري لوڪ ادب جي تلاش ڪندي، هرياڻا رياست جي راڻيلا ڳوٺ مان ‘دادوَ پنٿين’ جي مَٺِ مان هڪ گرنٿ هٿ ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي اوائلي صوفي شاعر قاضي قادن جا 112 بيت درج هئا، اُهي هن ديوناگريءَ مان پڙهي، تحقيق ڪري، قاضي قادن جي اڳ مليل ستن بيتن سان ملائي، 1978ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. سندس هن تحقيق هيري کي سنڌ ۽ هند جو وڏو محقق ثابت ڪري ڇڏيو. هيري ٺڪر جي تحقيق هتي پڄاڻيءَ تي نه پهتي. هن هرياڻا ۽ راجسٿان جي علائقي جي پراڻن دستخطن جي جاچنا جاري رکي ۽ کيس قاضي قادن سان گڏ دادو ديال، شيخ ڀرڪيي ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جا سوين بيت هٿ آيا آهن، جن تي هن جي تحقيق جاري آهي. هن ڀيرو مل مهرچند (1990) ۽ سُڳن آهوجا (2010) بابت ٻه اهم ڪتاب لکي ڇپايا. ان کان سواءِ هن جي سهيڙيل ڪتابن ۾ بهترين سنڌي مضمون (1990)، قلم جو سپاهي: هيرانند ڪرمچند (2000) شامل آهن. ان کان سواءِ هن ‘ڪرشنچندر جون چونڊ ڪهاڻيون’ (2002) ۽ گوپيچند نارنگ جي ڪتاب ‘پوسٽ ماڊرنزم’ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ‘گوليون’ پڻ ڇپيل آهي. پر هن جي تحقيقي ڪم ۾ سندس ٻه ڪتابتحقيق ۽ تنقيد’ (ادبي مضمون: 1997) ۽ ‘انڊلٺ’ (2008) اهم ڪتاب آهن، جن ۾ هن ‘سنڌي ڪافي اڳي ۽ هاڻي’، ‘ڀارتي سنت ڪاويه ۾ ساميءَ جو اسٿان’، ‘قاضي قادن هڪ مهان يوگي’، ‘قاضي قادن جي ٻولي’، ‘درويش روحل’، ‘ڀارت ۾ سنڌي لوڪ ادب تي ٿيل تحقيقي ڪاويه’، ‘پراڻن دستخطن جي پڙهڻيءَ جا مسئلا’، ‘فنا ٿيڻ کان بچائي ورتو ساهتيه’ (ننڍپڻ جون يادگيريون)، ‘برطانوي حڪومت دوران بندش هيٺ آندل سنڌي ساهتيه’ وغيره شامل آهن.
هيرو ٺڪر، سنڌ ۽ هند جي صوفي ۽ سنت شاعرن تي وڏي تحقيقي ۽ تنقيدي نظر رکي ٿو. هن جتي قاضي قادن، سامي، روحل ۽ ٻين صوفي شاعرن تي لکيو آهي، اتي هن شاهه لطيف بابت به ڪافي تحقيقي مضمون لکيا آهن، جيڪي کيس شاهه جي پارکن ۾ شمار ڪن ٿا. هن جا شاهه لطيف جي حوالي سان ٻين ڪيترن مضمونن سان گڏ ٻه اهم مضمون: (1) ‘شاهه لطيف جو پيغام’، ۽ (2) ‘شاهه لطيف جون اُلٽ ڀاسيون’ تحقيق جي حوالي سان وڏو مقام رکن ٿا. هو سنڌ ۾ به ڪيترا ڀيرا لطيفي پارکوءَ جي حوالي سان، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ جي دعوت تي، شاهه لطيف ادبي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿي، شاهه لطيف جـي فـڪـر انگـيـز پيغـام تي پنهنجا مقالا پڙهي چڪـو آهي، جيڪي شاهه لطيف جي ميلي جي موقعي تي ڇپجي پڌري ٿيندڙ ڪتابن ۾ شامل آهن، جن جو مطالعو هيري ٺڪر جي علمي ڄاڻ ۽ شاهه سان اٿاهه محبت جا ساکي آهن.
 ڊاڪٽر بشير احمد ‘شاد’ [جنم: 1942]: ناميارو شاعر ۽ نثرنگار، ڊاڪٽر بشير احمد ‘شاد’، پهرين اپريل 1942ع تي، شڪارپور ۾ ڄائو. شروعاتي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان، سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ، 1970ع ڌاري بي. ايڊ ڪيائين، 1989ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس مقالي جو عنوان ‘مولانا ثناءُ الله ثنائيءَ جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو’ هو. ڊاڪٽر بشير احمد شاد پنهنجي ملازمت جي ابتدا گورنمينٽ ڪاليج سانگهڙ ۾ ليڪچرر جي حيثيت سان ڪئي. بعد ۾ هو بدلي ڪرائي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي آيو، جتي ائسوسيئيٽ پروفيسر طور 2002ع ۾ رٽائر ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب لکڻ جي شروعات 1958ع ۾ اسڪول واري زماني کان ڪئي. هن وقت تائين سندس سوين ادبي مقالا ۽ لاتعداد شعر مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چُڪا آهن، جڏهن ته سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، جن ۾: ‘امام شامل’ (تاريخ: 1976ع)، ‘اوجاڳو اکڙين’ (شاعري: 1986ع)، ‘لاڙڪاڻو صدين کان’ (ترتيب: 1995ع)، ‘اسلامي تاريخ جون نامور عورتون’ (ترجمو: 1995ع) وغيره شامل آهن.
ڊاڪٽر بشير احمد شاد، لطيفيات تي به ڪافي ڪم ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) ‘پيهي منجهه پاتال’ (لطيفيات: 1992)
(2) ‘ڀلارو ڀٽ ڌڻي’ (1996ع)
(3) ‘ڀٽ جو گهوٽ’ (ترتيب: 1997)
(4) ‘شاهه لطيف هر دور جو شاعر (2008)
کيس ادبي ۽ علمي خدمتن تي 1980ع ۾ شاهه لطيف اوارڊ، 1986ع ۾ شاهه لطيف اوارڊ (پبلڪ اسڪول سکر)، 1989ع ۾ شاهه لطيف اوارڊ (ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو)، مولانا عبدالواحد سنڌي اوارڊ (نئين زندگي پبليڪيشن)، فيض بخشاپوري اوارڊ (فيض اڪيڊمي جيڪب آباد) وغيره ملي چڪا آهن.
ڊاڪٽر صاحب ڪجهه وقت سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي جو صدر ۽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻي جو نائب صدر به رهيو آهي.

انور پيرزادو (1945-2007): سنڌي ادب ۽ صحافت جو ناميارو نالو آهي. سندس اصل نالو محمد پريل هو، پر ادبي دنيا ۾ انور پيرزادي جي نالي سان مشهور ٿيو. 25 جنوري 1945ع تي ڳوٺ ٻَلهڙيجي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتائين. سندس والد شفيع محمد صوفي درويش هو، جيڪو پيٽ پالڻ لاءِ آخري عمر ۾ مسجد جو پيش امام بڻيو.
ننڍپڻ ۾ شيخ اياز جو ڪتاب ‘جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپـڙي’ کان مـتاثـر ٿـيو، ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو صحبتي رهيو.
هن 1955ع تائين پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي. ثانوي تعليم ڏوڪري هاءِ اسڪول مان پڙهيو. 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. انور 1963ع کان 1968ع تائين، موهن جي دڙي اسڪول، ٽڳڙ باغبان (کچي کيڙا اسڪول)، حاجي مشوري اسڪول ۽ شير محمد جوڻيجي اسڪول (تعلقي ڏوڪريءَ) ۾ پرائمري ٽيچر ٿي رهيو.
انور پيرزادو، ٽڳڙ باغبان ۾ استاد هئڻ دوران، ڳوٺ جي وڏيري سيد خادم حسين شاهه جي اوطاق ۾ رهندو هو. وڏيرڪي ماحول جي مشاهدي جو اظهار اڳتي هلي هن هفتيوار ‘برسات’ ۾ ‘وڏيري جي اوطاق مان’ عنوان سان ڪالمن ۾ ڪيو.
هن 1969ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. ايم اي پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر ٿيو. 1970ع ۾ پاڪستان ايئر فورس ۾ پائلٽ آفيسر جي ٽريننگ لاءِ چونڊيو ويو، ڇهن مهينن جي ٽريننگ ڪري ڊيوٽيءَ تي چڙهڻ وارو هو ته مٿس ‘فيلڊ ڪورٽ مارشل’ ۾ بغاوت جو ڪيس هلايو ويو ۽ کيس ست سال سخت پورهئي سان سزا ڏيئي پشاور سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو. انور جو ڏوهه اهو هو ته هن بنگلاديش خلاف آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي ۽ شيخ مجيب الرحمان کي ‘20 صديءَ جو عظيم جنگجو’ قرار
ڏنو هو. فيلڊ ڪورٽ مارشل دوران ونگ ڪمانڊر ۽ ايئر وائيس مارشل يوسف خان کيس آزاد ڪرڻ جي سفارش ڪئي. اهڙيءَ طرح ستن مهينن جي قيد کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. انور لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جا دروازا بند ٿي چڪا هئا، تنهنڪري امر جليل جي سفارش سان کيس هلال پاڪستان اخبار ۾ سب ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. 1975ع ۾ هلال پاڪستان ڇڏي روسي سفارتخاني ۾ انگريزي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ بليٽن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1980ع ۾ روسي سفارتخاني بند ٿيڻ سبب، ان سال ئي ‘ڊان اخبار جو لاڙڪاڻي جو عيوضي ۽ ‘دي اسٽار’ سکر جو بيورو چيف ٿيو. ايم. آر. ڊي هلچل دوران هڪڙي خبر هلائڻ جي ڏوهه ۾ 6 مهينا سزا ڀوڳيائين. ان کان پوءِ جدا جدا اخبارن ‘دي اسٽار’، ‘عوامي آواز’، ‘جاڳو’،
‘سنڌ سجاڳ’، ‘برسات’، ‘سنڌ ٽربيون’ ۽ روزاني ‘سچ’ سان لاڳاپيل رهيو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري ۽ سرگرم ڪارڪنن به رهيو.
انور پيرزادو ڪهاڻيڪار به هو. ‘هوچي منهه’ جي شاعريءَ کان متاثر ٿي شاعري به ڪيائين. هن ڪيترن ڪتابن جا سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا، جن ۾ ‘تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي’ (فيڊرل ڪاسترو جي تاريخي تقرير) اهم آهي.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان’ (شاعري)، ‘متان وساريو’ (2007ع)، ‘سنڌ’ (ڊسمبر 2008)، ‘Sindhi Language and Literature- A brief account’ ۽ ٻيا شامل آهن.
انور پيرزادي ستر واري ڏهاڪي جي شروع ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1973ع کان سنڌي ادبي سنگت کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ ۾ سندس حصو رهيو. هو مُهم جــُو صحافي رهيو آهي. هن نومبر 1989ع ۾ رٻڙ جي ٻيڙين تي جهانگيره کان پورٽ قاسم تائين سنڌوءَ جو سفر ڪيو. کيرٿر ۾ ڪُتي جي قبر تائين سفر ڪيائين ۽ گورک چوٽيءَ تي انهن ڏينهن ۾ پهتو، جڏهن روڊ رستا ڪو نه ٺهيا هئا. ٿر ۽ سنڌو ڊيلٽا جا به تفصيلي پنڌ ڪيائين. هن جي تحريرن جو پسنديده موضوع، سنڌ، شاهه لطيف، موهن جو دڙو ۽ ٿر هئا.
هن شاهه لطيف تي جديد انداز کان لکيو. ٻلهڙيجيءَ جا پيرزادا لطيف جا حافظ سڏيا ويندا آهن، پر انور پيرزادي لطيف جي شاعريءَ جو جديد دور جي تقاضائن مطابق جائزو ورتو. سندس شاهه لطيف تي هيٺيان ڪتاب [تصنيف ۽ ترجمو] ڇپيل آهن:
(1) ڀٽائي [ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو]
(2) Legacy of Shah Latif [سنڌيءَ مان ترجمو]
(3) Social Contract in Shah Jo Risalo (1998ع): هن ڪتاب ۾ ناميارن اسڪالرن جا مقالا سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنا
ويا آهن.
انور پيرزادي 7 جنوري 2007ع تي ڪينسر جي بيماريءَ وگهي وفات ڪئي. سندس لائق اولاد سندس ياد ۾ انور پيرزادو اڪيڊمي قائم ڪري، سندس ڪتاب ڇپائڻ شروع ڪيا آهن.
 ڊاڪٽر فهميده حسين (جنم: 1948): نامور ليکڪا، اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر فهميده حسين، 5 جولاءِ 1948ع تي ٽنڊي ڄام، ضلعي حيدرآباد ۾ پنهنجي وقت جي مثالي استاد محمد يعقوب ميمڻ ‘نياز’ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد جي مسلم گرلس اسڪول مان؛ سيڪنڊري ڪجهه عرصو ميران اسڪول مان پڙهي ۽ پوءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿي، جتان 1964 ۾ امتيازي نمبرن سان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1968ع ڌاري ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. ايس سي ڪري، 1970ع ۾ ايم. اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ اتان ئي 1972ع ۾ سنڌي ادب ۾
ايم. اي ڪيائين. هن 1981ع ۾ ايل. ايل. بي ۽ 1990ع ۾ هندي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما به ڪئي. ڊاڪٽر صاحبه ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ’ عنوان هيٺ 1992ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. ڊاڪٽر اياز قادري (مرحوم) سندس پي. ايڇ. ڊي گائيڊ رهيو. سندس شاهه تي هي تحقيقي ڪم تاريخي ۽ جديد نقطه نگاهه کان نهايت اهم آهي. هن ڪتاب جو اردو ترجمو ڊاڪٽر صاحبه خود ڪيو، اُهو ۽ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو به ڇپجي چڪا آهن. انگريزي ترجمو امجد سراج ڪيو آهي.
ڊاڪٽر فهميده حسين، عملي زندگيءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي نيوز ٽرانسليٽر جي نوڪريءَ سان ڪئي. ان بعد 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ انگريزيءَ جي ليڪچرار مقرر ٿي. 1978ع ۾ هوءَ سنڌي شعبي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. 1997ع ۾ پروفيسر ٿي، بعد ۾ سنڌي شعبي جي چيئرپرسن مقرر ٿي. ان بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ‘شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر’ جي ڊائريڪٽر طور ڏهه سال خدمتون سرانجام ڏنائين. جتي هن لطيفيات جي حوالي سان جديد تقاضائن موجب ڪيترائي ڪتاب ڇپايا. ٽماهي تحقيقي جنرل ‘ڪلاچي’ سندس ادارت ۾ جاري ٿيو. ڪيترن نوجوانن ريسرچ جي ميدان ۾ سندس رهبريءَ هيٺ ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. ان کان پوءِ کيس سنڌ حڪومت طرفان مئي 2008ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن طور مقرر ڪيو ويو، جتي 2015ع مارچ تائين رهي، ڏينهن رات محنت ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت واري جذبي سان فرض نڀايا. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي تحقيقي جرنل ‘سنڌي ٻولي’ جي ادارت سان گڏ اٿارٽيءَ جي اهم رٿا ‘انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا’ جي چيف ايڊيٽر طور 9 جلد ۽ مفصل سنڌي لغت جو هڪ جلد شايع ڪرايائين.
سندس شاهه لطيف جي شاعري، فن ۽ فڪر تي تي هيٺيان ڪتاب ڇپيا آهن:
(1) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ (1992ع)
(2) عبداللطيف ڀٽائي (زندگي، شاعري ۽ فلسفو: اردو: 2008ع)
(3) سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت (1989)
(4) Shah and Sindh (1998)
(5) منتخب ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي ‘شاهه جو رسالو’ [هن ڪتاب ۾ اردو منظوم ترجمو آغا سليم صاحب جو ۽ انگريزي ترجمو امجد سراج ۽ نويد سراج جو شامل ڪيو ويو آهي]
(6) اديون آءُ اڄاڻ (شاهه لطيف بابت مضمون)
انجو ماکيجا (جنم 1948): انجو ماکيجا، پوني (مهاراشٽر رياست، ڀارت) ۾، 17 ڊسمبر 1948ع تي جنم ورتو. هوءَ زندگيءَ جو وڏو حصو ڪئناڊا ۾ رهي، جتي هن ڪنڪارڊيا يونيورسٽيءَ مانٽريال مان ميڊيا (Media) ۾ ايم. اي ڪئي آهي.
انجو ماکيجا مشهور شاعر، ناٽڪ نويس ۽ مترجم رهي آهي. هن کي انڊيا ۾ منعقد ٿيل ‘چوٿين نيشنل شاعري مقابلي’ ۾ سندس نظم
Can you Answer Professer? تي Commendation Prize (1993ع) مليو، جڏهن ته سندس شهرت جو ڪارڻ انگريزي نظم ‘A Farmer’s Ghost’ رهيو، جنهن برٽش ڪائونسل جي سهڪار سان ‘دي پوئٽري سوسائٽي انڊيا’ جي ڪوٺايل ‘پنجين انٽرنيشنل پوئٽري چٽاڀيٽيءَ’ (1994ع) ۾ پهريون انعام کنيو. هن جي شاعري هندستان جي ‘انگريزي شاعريءَ جي انتخاب’ ‘The Dance of the Peacock’ ۾ ڇپيل آهي، جنهن ۾ هندستان جي 151 انگريزيءَ جي شاعرن جو انتخاب شامل آهي، جنهن کي وويڪانند جها (Vivekanand Jha) ترتيب ڏنو ۽ هڊن بروڪ پريس ڪئناڊا ۾ شايع ٿيو.
انجو ماکيجا، تعليم، ٽريننگ ۽ ٽيليويزن جي کيتر ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. هن جا ڊراما ‘خواهشون گهوڙا هجن ها’ (If wishes were horses) ۽ ‘آخري ٽرين’ (The last Train)، BBC جي ‘عالمي ناٽڪ اوارڊ’ (1999ع) لاءِ چونڊيا ويا. هن جي ٻين ڪيترن ڊرامن پڻ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي آهي.
هن جي ٻين ڪمن ۾ ‘All together’ جي اشاعت آهي، جنهن ‘نيشنل فلم فيسٽيول، ڪئليفورنيا’ ۾ ملٽي ميڊيا پراڊڪشن جو اوارڊ (1985ع) حاصل ڪيو. سندس نظمن جي ڪتاب ‘View from the Web’ (1995ع) کي به وڏي مقبوليت حاصل ٿي. هن BBC World Poetry Compitition ۾ به ٻيو نمبر انعام حاصل ڪيو. هن جي ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ ‘انڊو انگلش ڊرامن’ جا ٽي جلد (2007ع)، عورتن جي شاعريءَ جو انتخاب‘We Speak in Changing Languages’ (1990-2007) ۽ ڪهاڻين جي ائنٿالاجي ‘Inside Dark Tunnel’ (2007) مشهور آهن، جيڪي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپيا آهن. ان کان سواءِ سندس شاعريءَ جو هڪ ٻيو ڪتاب Pickling Season جي عنوان سان ڇپائيءَ هيٺ آهي. هن جو هڪ اهم ڪتاب Freedom and Fishers آهي، جيڪو ورهاڱي تي مشتمل سنڌي شاعرن جي شاعريءَ جي انگريزي ترجمي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شيخ اياز ۽ امداد حسينيءَ جا نظم به شامل آهن. هي ڪتاب 1998ع ۾ شايع ٿيو.
انجو ماکيجا ادبي سرگرمين ۾ نهايت پرجوش رهي آهي. هوءَ ساهتيه اڪيڊمي نئين دهليءَ جي انگلش ايڊوائيزري بورڊ تي 2003ع کان 2008ع تائين ميمبر رهي آهي. هوءَ ڪيترين ئي تهذيبي پروگرامن جي آرگنائيزر رهي آهي ۽ پريس ڪلب ممبئيءَ جي تقريبن ۾ پڻ سرگرم رهي آهي. هوءَ انگلنڊ جي رسالي ‘Confluence’ لاءِ ڪالم به لکندي رهي آهي.
انجو ماکيجا جو وڏو ۽ شهرت يافته ڪم شاهه لطيف جي رسالي جو منتخب انگريزي ترجمو آهي، جيڪو هن مشهور سنڌي شاعر هري دلگير سان گڏجي ڪيو ۽ Seeking the Beloved: The Poetry of Shah Abdul Latif عنوان سان اهو ڪتاب پبلشر ‘Katha Books’ 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جيڪو 285 صفحن تي مشتمل آهي. شاهه جي رسالي جو ڀارت ۾ هي پهريون انگريزي ترجمو آهي.
انجُو ماکيجا هن وقت چرچ گيٽ ممبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو (جنم 1948): ناميارو ليکڪ، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، محمد بخش سڌايي جي گهر ۾، پهرين سيپٽمبر 1948ع تي، جيڪب آباد لڳ ڳوٺ ڊِٻ ۾ ڄائو. هن پرائمري ۽ ثانوي تعليم جيڪب آباد مان پرائي، اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1972ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي ۽ 1982ع ۾ صحافت ۾ ايم. اي ڪيائين. هن 1975ع ۾ ايل. ايل. بي به ڪئي. 1989ع ۾ هن نامياري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي نگرانيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي جي سند ورتي. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان هو: ‘شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري.’
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات صحت کاتي ۾ ملازم طور ڪئي، بعد ۾ 1973ع ۾سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، تعليم کاتي ۾ ليڪچرر ٿيو. هن لکڻ جي شروعات 1965ع کان ڪئي.
هـن وقت تائين سندس 21 کان وڌيڪ ڪـتاب ڇپيل آهن، جن ۾: (1) ‘سـفـر زندگـيءَ جـو’ (عـوامـي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ جي شخصيت)، (2) ‘نئين روشنــي’ (عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ تي تنقيد)، (3) ‘سچ سونهن ۽ وريام جي وِرونهن’ (لوڪ ادب: ترتيب)،
(4) ‘سنگ سچ جو’ (لوڪ ادب: ترتيب)، (5) ‘غريبن جو ورثو، هڪ مطالعو’ (تنقيد ۽ تحقيق)، (6) ‘چونڊ سنڌي افسانا، هڪ مطالعو’ (تحقيق
(7) ‘سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘، (8) ‘سنڌي مضمون نگاري’،
(9) ‘جيڪب آباد ۽ جان جيڪب’ (ترتيب)، (10) ‘نعره حق’ (صوفي ٻڍل فقير جي ڪلام جو نثري اردو ترجمو ۽ ترتيب) ۽ ٻيا شامل آهن.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي کي ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ‘شاهه لطيف اوارڊ’، ‘سچل سرمست اوارڊ’، ‘سنڌي ادبي سنگت سنڌ اوارڊ’، ‘ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اوارڊ’ ۽ ٻيا اوارڊ ملي چڪا آهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ جيڪب آباد جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي، ان دوران هن ٻه ڪتاب: (1) ‘سنڌي ڪهاڻيون ’ ۽ (2) ‘ٿا چنگ چرن جت چاهت جا’ (شاعري) شايع ڪرايا. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري ۽ صدر به رهي چڪو آهي.
ڊاڪٽر سڌايو تعليمي ماهر جي حيثيت ۾ بورڊ آف گورنرس سيڪنڊري ائنڊ انٽرميڊئيٽ ايجوڪيشن لاڙڪاڻي جو ميمبر، سچل چيئر جو ميمبر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي ۽ صحافت شعبن جو ميمبر به رهيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس ۽ همدرد يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ ايم فل ۽
پي. ايڇ ڊي جو گائيڊ پڻ آهي. سندس رهبريءَ ۾ ڊاڪٽر ملڪ نديم، ڊاڪٽر منظور سولنگي ۽ ڊاڪٽر رياض احمد شيخ پي.ايڇ. ڊي ڪري چڪا آهن.
هي ‘ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، جيڪب آباد’ جو سيڪريٽري ۽ جيڪب آباد ۾ قائم محترمه بينظير ڀٽو گورنمينٽ لائبرريءَ جي سربراهي ڪري رهيو آهي.
ڊاڪٽر سڌايو، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ بابت سٺي ڄاڻ رکي ٿو. ان سلسلي ۾ هن شاهه لطيف بابت پي ايڇ ڊي به ڪئي آهي. سندس ٻه ڪتاب شاهه جي حوالي سان ڇپيل آهن:
(1) ‘شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري’ (پي. ايڇ. ڊي جو مقالو: 1992)
(2) ‘شـاهه لـطيـف جـو عـوامي شـعـور’ (تحقيق: 2006 )
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ سنڌ توڙي پنجاب جي ڪيترن صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي زندگي ۽ شاعريءَ تي 100 کن مقالا لکيا آهن. هن سنڌي ادبي سنگت پاران 1973ع ۾ جيڪب آباد ۾ شاهه لطيف سيمينار به ڪرايو.
عبدالواحد آريسر (1949-2015): سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب، عبدالواحد آريسر، 11 آڪٽوبر 1949ع تي، ڳوٺ انڙآباد لڳ ھاسي سر ريلوي اسٽيشن، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. هو جادي آريسر نالي هڪ ٻڪرار جو پٽ هو. هن عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صاڀي جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا سنڌي پڙھيا، ان بعد مختلف مدرسن، ڀينڊي شريف، مدرسه ھاشميه سجاول، ڪنگوري (تعلقي ڊگھڙيءَ) واري مدرسي، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاھه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد مان تعليم حاصل ڪئي. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي سندس استاد رھيو آھي. هن اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان 1968ع ۾ مولوي عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو. کيس ابتدا کان وٺي مطالعي ۽ لکڻ پڙھڻ جو شوق ھو.
آريسر صاحب ادبي، مذھبي ۽ سياسي ميدان ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، جي . ايم. سيد، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا حسين احمد مدني ۽ شيخ اياز کان متاثر رھيو. 1972ع ۾ سنڌيءَ ۾ ماھوار ‘پيغام’ رسالو جاري ڪيائين ۽ جي ايم سيد جي تحريڪ ‘جيئي سنڌ’ سان واڳجي ويو.
1977ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمئن ٿيو. سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوءِ قائم ٿيل ‘جيئي سنڌ قومي محاذ’ جو چيئرمئن ٿيو، ۽ ان ئي نالي سان اڳتي هلي هڪ گروپ جو چيئرمئن آريسر صاحب ۽ ٻئي جو چيئرمئن خان قريشي'>بشير خان قريشي رهيو.
آريسر صاحب 30 کان وڌيڪ ڪتابن جو مصنف رهيو آهي. ڪيترا ڀيرا جيلن ۾ رهيو. هن جي ٻئي سياسي ۽ ادبي پورهئي سان گڏ شاهه لطيف تي جديد نقطه نظر سان تحقيق اهم آهي. هن جا شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ڪيترا مضمون ۽ تقريرون سندس مختلف ڪتابن ۾ ڇپيل آهن، پر سندس ڪتاب ‘وريا واهرو’ (1961ع)، جي ايم سيد جي ڪتاب ‘پيغام لطيف’ کانپوءِ قومي نقطه نگاهه کان اهم ڪتاب آهي، جنهن ۾ شاهه جي هن قومي نقطه نگاهه کان جديد تشريح ڪئي وئي آهي.
هن 3 مئي 2015ع تي وفات ڪئي.
 جـوهـر بروهي (جنم: 1950): ‘جوهر’ بروهيءَ جو اصل نالو عبدالقيوم بروهي آهي. هن 29 جنوري 1950ع تي ٿريچاڻي، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ، درس نظامي ۽ دَوره تفسير جا امتحان پاس ڪيا اٿس. ادبي لحاظ کان سنڌي ۽ براهوي زبانن جو ناميارو محقق، شاعر ۽ نقاد آهي. هن بنيادي تعليم مختلف ديني مدرسن مان حاصل ڪئي.
هن مدرسه عربيه فريد آباد، مدرسه عربيه دارالقران ميهڙ، مدرسه عربيه قاسم العلوم گهوٽڪي ۽ مدرسه عربيـه انـور الـرحمـان دريـا خـان مـري نواب شاهه مان ديني تعليم پرائڻ بعد جامع اشرفيه سکر مان سال 1970ع ۾ درسِ نظـامـيءَ جي تڪميل ڪئي ۽ ميهڙ ويجهو مدرسه حفظ القرآن ۾ استاد مقرر ٿيو. هن ميٽرڪ جو امتحان 1992ع ۾ هاءِ اسڪول ميهڙ مان پاس ڪرڻ بعد 1994ع ۾ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي، اسلام آباد مان ‘دعوه ڪورس’ مڪمل ڪيو. ان دوران هي مدرسه عربيه العلوم رحيم يار خان ۽ شيخ التفسير حضرت مولانا عبدالغني جاجرويءَ کان ٻه دفعا قرآن پاڪ جو تفسير پڙهيو ۽ تجويد ۾ استاد قاري محمد مدنيءَ وٽ تعليم پوري ڪئي. سال 1974ع کان مدرسه عربيه محمديه فريدآباد ۾ ديني معلم جي حيثيت سان درس ۽ تدريس جي عمل ۾ مصروف آهي.
جوهر بروهي 1972ع کان سنڌي ۽ براهوي ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيو. ان حوالي سان براهوي ٻوليءَ ۾ محترم نور محمد ‘پروانه’ سندس رهنمائي ڪئي ۽ سنڌي زبان ۾ الحاج رسول بخش خان ڏيرو سندس رهبر رهيو. ادب، مذهب، تاريخ ۽ ثقافت سان گڏوگڏ عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ براهوي ٻولين ۾ هن گهڻ رخي ڌارائن ۾ نمايان ڪم ڪري وڏو نالو ڪمايو آهي. هي پهريون براهوي شاعر آهي، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪيترن سُرن جو براهوي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري براهوي قوم کي لطيف جي پيغام کان روشناس ڪيو.
جوهر بروهي پنهنجي قلم ذريعي براهوي قوم، زبان ۽ ادب جي بي مثال خدمت ڪئي آهي. سنڌي براهوي ۽ اردوءَ جي گهڻن رسالن، اخبارن ۽ يادگار شمارن ۾ مختلف صنفن ۾ سندس مضمون، مقالا، انشائيه، ۽ شاعريءَ سان گڏ سنڌ، بلوچستان، ڪوهستان جي قديم آثارن بابت سندس مضمون ڇپيا آهن. جوهر بروهي ڪاڇي ۽ ڪوهستان بابت وسيع ڄاڻ رکي ٿو، ان حوالي سان هو ڪاڇي ۽ ڪوهستان جي هلندڙ گهمندڙ انسائيڪلوپيڊيا آهي. جوهر بروهي هسٽاريڪل سوسائٽي سب ڊويزن ميهڙ جو چئرمئن به آهي، ان کان سواءِ بزم لطيف ميهڙ جو سرپرست اعليٰ ۽ براهوي پبلڪيشن سنڌ جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جو ڪائونسلر آهي.
سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘احوال غم’ (براهوي شاعري: 1976ع)، ‘گوريج’ (براهوي نثر/ انشائيه: 1980ع)، ‘لولي’ (ٻارن جي شاعري: 2000ع)، ‘براهوي تخليقڪار اور سوانح’ (2000ع)، ‘گلدسته سندهه’ (سندهه کي براهوي شعراء: 2001ع) ۽ ٻيا اهم آهن.
جوهر بروهيءَ جي شاهه جي رسالي جو منظوم براهوي ترجمو (براهوي بدل) ‘لطيفي توار’ عنوان سان، براهوئي اڪيڊمي پاڪستان، ڪوئيٽا، 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه ڀٽائيءَ جي سوانح، شاهه جي شعري صنعتن، شاهه جي رسالي جي موسيقي، شاهه جي رسالي جي 35 سُرن جو تعارف، شاهه جي رسالي ۾ ڪم آيل براهوي لفظن ۽ شاهه جي مقصد عنوان هيٺ تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. ان کانپوءِ ‘لطيفي توار’ هيٺ سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ جو مڪمل براهوي ترجمو ڏنو ويو آهي. جوهر بروهيءَ شاهه جي رسالي جي ٻين ڪيترن سُرن جو به منظوم براهوي ترجمو ڪيو آهي، جيڪو وٽس اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي.
 ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي (جنم: 1952): سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، استاد ۽ محقق ٻلديو مٽلاڻيءَ، لاڙڪاڻي جي هڪ زميندار گهراڻي ۾، بختراءِ مٽلاڻيءَ جي گهر ۾، 24 ڊسمبر 1952ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ جنم ورتو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌيءَ ۾ ايم. اي امتيازي نمبرن سان ڪئي. ان کان سواءِ هو ايم. اي (ايڪانامڪس)، ايل. ايل. بي. D.H.E، ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي آهي. سندس چوڻ موجب 1980ع واري ڏهاڪي ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڌاڙيلن جي آزار ۽ اغوائن جي وارداتن ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچررشپ جي انتخاب دوران ساڻس اختيار ڪيل روِش سبب، هيءُ پنهنجي ڪٽنب سميت، مادر وطن سنڌ کي ڇڏي ڀارت لڏي ويو.
ٻلديو مٽلاڻي پهرين ممبئيءَ جي ‘جئه هند’ ڪاليج ۾ 1981ع کان 1994ع تائين ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو، پوءِ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جو چيئرمئن مقرر ٿيو. هن سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعر سچل سرمست ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي تقابلي مطالعي تي تحقيقي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي ڪئي. هن جئه هند ڪاليج بمبئيءَ ۾ ڪيتريون انٽر ڪاليجئيٽ سنڌي ناٽڪ چٽاڀيٽيون ڪرايون ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترا انٽرنيشنل سنڌي سيمينار ڪرايا، جن ۾ سنڌ مان پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر فهميده حسين، آغا سليم ۽ امر جليل کان سواءِ ٻين ڪيترن عالمن ۽ اديبن کي گهرايائين. هن ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جا بنيادي ڪورس، سنڌيءَ جو سرٽيفڪيٽ ڪورس ۽ سنڌيءَ ۾ ڊپلوما شروع ڪرايا. هو مهاراشٽر رياست جي سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر به رهيو آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن، جن ۾: (1) سچل جون واديون (1991ع)، (2) فن تحقيق ۽ ان جا اصول (ترجمو: 1997ع)، (3) سنڌي لوڪ ادب (ترتيب 1998ع)، (4) Sindhi Medieval Literature: 1998، (5) شاهه ۽ سچل جو تقابلي اڀياس (2003ع)، (6) اڳ نه ڏٺو ڪڏهن (سفرنامو: 2004ع) شامل آهن، جن مان ‘سچل جون واديون’ ۽ ‘فن تحقيق ۽ ان جا اصول’ ڪتاب سنڌ ۾ به ڇپجي چڪا آهن. پويون ڪتاب ڊاڪٽر عبدالستار دلوي، اردو شعبي ممبئيءَ جي چيئرمئن جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو ٻيو ڇاپو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ٻلديو مٽلاڻيءَ ڪيترا اوارڊ ۽ ميڊل پڻ کنيا آهن، جن ۾: الهاس ننگر روٽري ڪلب پاران ‘ووڪيشنل ايڪسيلينٽ اوارڊ’ سلور ميڊل (1997ع) ۽ تعريفي سنَد (2001ع) ممبئي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پاران غير معمولي خدمتن جي عيوض حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ کيس ‘فن تحقيق ۽ ان جا اصول’ ڪتاب تي 2000ع ۾ حڪومت هند جي ايڇ. آر. ڊي وزارت پاران ترجمي جو ساهتيه اڪيڊمي انعام مليو. هو ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو چيئرمئن به رهيو آهي ۽ هن وقت انڌيري (ويسٽ) ممبئيءَ ۾ رهائش پذير آهي. ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي پنهنجي مختصر ڄمار ۾ تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ مڃائي چڪو آهي. هن خاص ڪري سنڌي صوفي شاعرن: شاهه لطيف ۽ سچل سرمست تي گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن ممبئي يونيورسٽيءَ مان شاهه ۽ سچل جي شاعريءَ جي تقابلي اڀياس تي پي. ايڇ. ڊي جي سند حاصل ڪئي آهي. ان کان سواءِ سنڌ جي يونيورسٽين مان شاهه لطيف، سچل سرمست يا سنڌي ٻولي ۽ ادب جي حوالي سان پي. ايڇ. ڊي ڪندڙن جو چڪاس گائيڊ پڻ آهي. کيس شاهه لطيف ۽ سچل جي پارکن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.  تاج جـويو (جنم: 1954ع): سنڌ جي نامياري اديب ۽ شاعر تاج جويي جو شمار به لطيف جي پارکن ۾ ٿئي ٿو. سندس پورو نالو تاج محمد ولد حاجي جويو آهي. هن 6 سيپٽمبر 1954ع تي تعلقي سڪرنڊ [موجوده دولتپور] ضلعي نوابشاهه (موجوده بينظير آباد) جي هڪ ڳوٺ ‘پير ڪولاچيءَ’ ۾ جنم ورتو. پهريون ڪلاس گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن [تعلقي ڪوٽڙي، ضلعي دادو] مان پاس ڪري، باقي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ‘پير شاهنواز’ [پير ڪولاچيءَ] مان حاصل ڪيائين. ڇهين ڪلاس کان نائين ڪلاس تائين ڊي سي (ناز باغ) هاءِ اسڪول قاضي احمد ۾ پڙهيو، جتان مڊل اسٽئنڊرڊ جو امتحان موري سينٽر تي ڏئي ضلعي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري، اسڪالرشپ کنيائين. مئٽرڪ جو امتحان اباڻي شهر سن (تعلقي ڪوٽڙيءَ) مان 1970ع ۾، ڪوٽڙي سينٽر تان پاس ڪيائين. هن جو ارادو ڊاڪٽر ٿيڻ جو هو، پر مائٽ غريب هئڻ ڪري سندس خرچ ڀري نه سگهيا، ۽ هن 1971ع ۾ سڪرنڊ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مان ايس. وي (سينيئر ورنيڪيولر) جي سکيا ۽ امتحان ڏئي، فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. بي. اي سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان ۽ ايم. اي [سنڌي] خانگيءَ طرح سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1978ع ۾ پاس ڪري، فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻيائين. ان کان سواءِ خانگي طرح اديب سنڌي، عالم ۽ فاضل جا امتحان پڻ فرسٽ ڪلاس فرسٽ ۾ پاس ڪيائين. تاج جويو 22 آڪٽوبر 1972ع کان پرائمري استاد طور پرائمري اسڪول طيب لاکي [تعلقي سڪرنڊ] ۾ مقرر ٿيو. مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ بعد، ڪجهه عرصو ڊي. سي هاءِ اسڪول [موجوده ايڇ. ايم. خواجا هاءِ اسڪول] نوابشاهه ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور پڙهايائين ۽ هڪ سال ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول سوسائٽي نوابشاهه (خانگي) ۾ 16 گريڊ ۾ استاد طور رهيو ۽ ان اسڪول جي باني استادن مان آهي. تاج جويو 1982ع ۾ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري جنوري 1984ع کان گورنمنٽ ڪاليج مٺيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو. هو 1986ع کان گورنمينٽ سائنس ڪاليج سڪرنڊ، بعد ۾ 1988ع کان گورنمينٽ سٽي ڪاليج حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙي ۽ گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ليڪچرر ٿي رهيو. سيپٽمبر 1997ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري ٿيو ۽ پنج سال سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ ٻيهر واپس گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪيائين ۽ هڪ ڀيرو وري 10 نومبر 2008ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، جتان 5 سيپٽمبر 2014ع تي BPS-19 ۾ رٽائر ٿيو ۽ 10 مارچ 2015ع تي اٿارٽيءَ جي سيڪريٽريءَ واري عهدي تان استعيفا ڏنائين. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ‘سنڌي ڊڪشنري بورڊ’ ٿي ڪم ڪيائين. تاج جويو نه رڳو شاعر آهي، پر هن سنڌي نثر ۽ شاعري، تنقيد، لطيفيات ۽ سنڌ جي تاريخ جي ميدان ۾ به ڪافي تخليقي ۽ تحقيقي ڪم ڪيو آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ‘سوچون سرها گل’ (اياز گل سان گڏ) 1978ع ۾ ڇپيو، جنهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ، سال جو شاعريءَ جو بهترين ڪتاب قرار ڏيندي، انعام ڏنو. ان کان پوءِ سندس ڇپيل ڪتابن (طبعزاد ۽ ترتيب) جو تفصيل هن ريت آهي:
(1) دنيا جون انقلابي عورتون (ترجمو)، (2) سنڌي گيت (ايم. اي سنڌيءَ جو مونو گراف: 1978ع)، (3) ‘قوم چوي ٿي ٻول’ (استاد بخاري: شخصيت ۽ شاعري)، (4) ‘نيڻ مهٽي خيال جاڳيا’ (جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس-1)، (5) ‘باهيون بيراڳين جون’ (ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اڀياس)، (6) ‘تلسين جي سرهاڻ’ (جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس- II)، (7) ‘جر ۾ ٿو جرڪان’ (شيخ اياز جي لطيف کي ڀيٽا: 1998ع)، (8) ‘سنڌ جي تاريخ جو مطالعو’، (9) ‘اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي’ (اخباري ڪالم)، (10) ‘مان ورڻو هان مان ورڻو هان’ (شيخ اياز جي شاعري ۽ شخصيت جو اڀياس)، (11) ‘آسمان جيڏو ڌرتيءَ جو شاعر’ (شيخ اياز بابت مضمونن جي ترتيب)، (12) ‘قليچ بيگ’ (ترتيب)، (13) ‘ساميءَ تي هڪ نئين نظر’ (ترتيب)، (14) ‘ڊاڪٽر بلوچ- هڪ مثالي انسان’ (2 ڀاڱا ترتيب)، (15) ‘عالمن جو آفتاب- علامه غلام مصطفيٰ قاسمي’ (ترتيب)، (16) ‘انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي- محمد عثمان ڏيپلائي’ (ترتيب)، (17) ‘سٻاجهو ساڃهه وند- محمد ابراهيم جويو’ (ترتيب)، (18) ‘موحد شاعر- حاجي احمد ملاح’ (ترتيب)، (19) ‘ساميءَ ويس سلوڪڙا’ (شيخ اياز جو ساميءَ کي خراج)، (20) ‘وڏو ڪهاڻيڪار، وڏو انسان- نسيم کرل’ (ترتيب)، (21) ‘درازا هل'>آءُ درازا هل’ (شيخ اياز جو سچل سرمست کي خراج)، (22) ‘سُڪل وڻ آءٌ صحرا جو’ (احسن الهاشميءَ جو ڪلام: ترتيب)، (23) ‘سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ’ (هند جي اديبن جو تعارف: 2004ع)، (24) ‘سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال’ (2009ع)، (25) ‘دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت ’ (نياز همايونيءَ جي شاعري: ترتيب: 2009ع)، (26) ‘استاد بخاري: سنڌ جي جوڀن جو شاعر’، (27) ‘شاهه لطيف جا فڪري سرچشما’ (2014)، (28) ‘درازن جي دز جهومي رهي آهي’ (2014) وغيره. تاج جويو شاهه لطيف جو پارکو به آهي. ان ڏس ۾ هن شاهه لطيف جي مختلف سُرن تي تحقيقي مقالن جا هيٺيان ڪتاب ترتيب ڏنا آهن: (1) ‘سُر رپ’، (2) ‘شاهه لطيف: تحرڪ ۽ تحريڪ’، (3) ‘ديسي سيڻ ڪجن’، (4) ‘سر سورٺ’، (5) ‘حسينيءَ جي هاڪ’، (6) ‘سر مومل راڻو’. تاج جويي سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي سموري شعر ۽ نثر کي ثقافت ۽ سياحت کاتي، سنڌ طرفان 21 جلدن ۾ ترتيب ڏيڻ جو ڪم به ڪيو آهي، جنهن مان شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ نثر جا 14 ڪتاب هن خود ترتيب ڏنا آهن. هن جي ايم سيد ۽ عبدالواحد آريسر جا به ڪيترا ڪتاب ترتيب ڏنا ۽ ايڊٽ ڪيا آهن. تاج جـويـي، سـنڌي لـئنگئيـج اٿارٽـيءَ جي اسڪـيم هيـٺ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ايڊيٽر طور 10 جلد به ايڊٽ ڪيا آهن. لطيف شناسيءَ جي حوالي سان ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان مرتب ڪيل ڇهه ڪتاب، شيخ اياز جي نثري ۽ شعري ڀيٽا تي مشتمل ڪتاب ‘جر ۾ ٿو جرڪان’ کان سواءِ سندس ٻه ڪتاب ‘باهيون بيراڳين جون’ ۽ خاص ڪري ‘شاهه لطيف جا فڪري سرچشما’ ڪتاب تحقيقي ۽ تخليقي حوالي سان اهم آهن. پوئين ڪتاب ۾ ‘شاهه: منصور حلاج جو شارح’، ‘شاهه جا فڪري سرچشما’ ۽ ‘ديوان علي ۽ شاهه جي شاعريءَ جو اڀياس’ عنوان وارا سندس مضمون فڪري ۽ تخليقي حوالي سان لطيف شناسيءَ جي ميدان ۾ اوچي معيار جا مقالا آهن.  استاد لغاري (جنم 1956): استاد لغاريءَ جو پورو نالو لقمان ولد محمد عالم لغاري آهي. 21 نومبر 1956ع تي ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. 1968ع ۾ پرائمري ۽ ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ ۽ انٽر کپري (سانگهڙ) مان ۽ ايم. اي 1991ع سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان مڪمل ڪيائين. 1983ع ۾ مسجد اسڪول ٽيچر، 1991ع ۾ جي.ايس.ٽي ۽ 2001ع ۾ ايڇ.ايس.ٽي مقرر ٿيو. انهيءَ دوران پي. ٽي. سي، سي. ٽي ۽ بي. ايڊ جا ڪورس علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد مان ۽ ايم. ايڊ جو ڪورس 2000ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان مڪمل ڪيائين. استاد لغاريءَ باقاعدي لکڻ جي شروعات 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪئي. 1981 ۾ کپري ۾ سنڌي ادبي سنگت جو يونٽ قائم ڪري سيڪريٽري مقرر ٿيو. ساڳئي سال پُڪار پبليڪيشن کپري جو بنياد وڌائين. اهڙيءَ طرح 1990ع واري ڏهاڪي ۾ اخباري سائيز جو هڪ ادبي پرچو ‘ڪاروان بهار’ ۽ ٽي ٻيا ادبي پرچا ڀاڳ جي نالي سان کپري مان شايع ڪيائين. 1983ع ۾ ماٽا (مسجد اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن) جو بنياد وڌائين ۽ ان جو پهريون مرڪزي صدر منتخب ٿيو. استاد لغاريءَ جو شاهه لطيف سان چاهه آهي ۽ هو شاهه لطيف جو پارکو پڻ آهي. سندس ذاتي لائبرريءَ ۾ هن وقت ٻين ڪتابن کان سواءِ شاهه جي رسالن جو قيمتي ذخيرو موجود آهي. خصوصا قلمي، ليٿو، عڪسي، فوٽو اسٽيٽ، پرنٽنگ پريس ۽ ڪمپيوٽر تي ڇپيل سنڌي، سرائيڪي، انگريزي، عربي، اردو ۽ پنجابي ٻولين ۾ شاهه جا رسالا موجود آهن. سندس نمايان ادبي ڪم ‘شاهه جي رسالي جو منظوم سرائڪي ترجمو’ ڪرڻ آهي، جنهن کي ‘شاهه دا رسالا’ جي عنوان سان مهراڻ اڪيڊمي 2010ع ۾ شايع ڪيو. هن شاهه جي رسالي جو رنگين قلمي نسخو خوشخطيءَ سان پڻ 2011ع ۾ لکي پورو ڪيو. هن تمام گهڻا مقالا لکيا آهن، جن ۾ ‘موکي متارا’، ‘ڪلام گرهوڙيءَ جو نئون هٿ آيل قلمي نسخو’ ۽ ‘شاهه جي رسالن جي مختصر تاريخ’ اهم آهن. استاد لغاريءَ شاهه جو رسالو (2013) پڻ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي، جنهن ۾ ‘شاهه جو ڪلام’ ۽ ‘رسالي جو ڪلام’ هڪڙي ئي جلد ۾ ڌار ڌار ترتيب ڏنل آهي. هي رسالو ‘مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور’ پاران ڇپائي پڌرو ڪيل آهي. هن شاهه جي رسالي (سٽ وار سمجهاڻيءَ سان) جا 10 جلد لکي تيار ڪيا آهن، جن مان ٻه جلد سهڻي سنڌ اڪيڊمي کپري پاران ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ هن ‘شاهه جو رسالو’ حمائل سائيز ۾ ترتيب ڏنو آهي، جيڪو 2015ع ۾ سهڻي سنڌ اڪيڊمي، کپري مان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. استاد لغاريءَ کي سال 2013ع ۾ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران ‘لطيف ايوارڊ’ ۽ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران پنجاهه هزار روپيه روڪ انعام پڻ ملي چڪو آهي. استاد لغاريءَ هن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول کپري ۾ ايڇ.ايس.ٽي طور ڪم ڪري رهيو آهي.  ج. ع. منگهاڻي [جنم: 1958؟]: ج. ع. منـگهـاڻـيءَ جو پورو نالو جـنـت خـاتـون ڌيءَ علي محمد بڪڪ آهي. هوءَ سنڌي ادب جي ناليواري ليکڪا آهي. هن ڪراچيءَ جي هڪ ڳوٺ ‘بڪڪ’ ۾ 1948ع ۾ جنم ورتو. سندس والد سيٺ علي محمد هڪ اعليٰ تعليم يافته شخص هو، جنهن جي اثر ۽ تربيت جي ڪري سندس اولاد، پٽ ۽ ڌيئرون، اعليٰ تعليم يافته آهن ۽ مختلف عهدن تي فائز آهن. ج. ع. منگهاڻيءَ جي پهرين لکڻي 1970ع واري ڏهاڪي ۾ ‘هلال پاڪستاناخبار جي عورتن واري صفحي ‘سگهڙين سٿ ’ ۾ ڇپي، ان کان پوءِ سندس لکڻيون مختلف رسالن ۾ ڇپجڻ شروع ٿيون. هيءَ ليکڪا هڪ ئي وقت ٻاراڻي ادب جي ليکڪا هئڻ سميت ناول نگار، لطيفيات جي ڄاڻو، محقق ۽ شاعر آهي. 1982ع ۾ ‘ڪهڙي منجهه حساب’ عنوان سان سندس ناول روزاني هلال پاڪستان ۾ قسطوار ڇپيو هو. سندس ٻاراڻين ڪهاڻين جو ڪتاب ‘پتنگ پٺيان ڊوڙ’ (1986ع)، آگم پبليڪيشن حيدرآباد ڇپايو. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب: (1) ‘خوابن جو ايوان’ (1999ع)، سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي ۽ (2) ‘رولاڪ خـواب’ (2006ع) ۾ سـنت ڪنوررام فائونڊيشـن، احمدآباد پاران ڇپيل آهن. لطيفيات تي ج. ع. منگهاڻيءَ جو تحقيقي پورهيو، خاص ڪري شاهه لطيف جي ٻوليءَ تي ڪوهستاني حوالي سان ڪيل ڪم تحقيق جي ميدان ۾ نئين وک مڃيو پيو وڃي. ان حوالي سان سندس ٻه ڪتاب: (1) ‘ڇپر ڪين ڏي ’ (2002ع) ۽ ‘شاهه لطيف جي ٻوليءَ جو تحقيقي جائزو’ (2005ع)، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران ڇپايل آهن. سندس هڪ ناول ‘رڃ’ (2006ع) سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ج. ع. منگهاڻيءَ جي شاعريءَ ۾ جدت، ٻولي پختي ۽ خيال ترقي پسنداڻا آهن. هوءَ تاج بلوچ جي ادارت هيٺ نڪرندڙ رسالي ماهوار ‘سوجهرو’ مئگزين جي (2003ع کان 2006ع تائين) چيف ايڊيٽر به رهي آهي.
جامي چانڊيو (جنم 1959): نوجوان دانشور، ڪالم نگار، نقاد جامي چانڊيو، 11 مارچ 1969ع تي ڳوٺ ٺوڙهي بجار، تعلقي قمبر، ضلعي لاڙڪاڻي (موجوده ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ) ۾ نامور تعليمدان، فارسيءَ جي عالم شاعر، پروفيسر عبـدالـحـئي چانڊيي جي علمي گهراڻي ۾ پيـدا ٿيو. پرائمري تعليم گـــورنـميــنــٽ پـرائـمـري اسڪول علي خان، قمبر مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڇهون ۽ ستون درجو قمبر هاءِ اسـڪـول ۾ پـڙهيـو. وڌيـڪ تعليـم لاءِ 1981ع ۾ ڪيـڊٽ ڪاليـج پيـٽاري ۾ داخل ٿيو. 1986ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان انٽرميڊيٽ ڪيائين. 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. ايس. سي (فزڪس) ڪيائين. سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ شاگرد سياست ۾ سنڌ، ملڪي ۽ ايشيائي سطح تي سرگرم رهيو. ان ڏس ۾ ٿائيلينڊ ۽ ڀارت ۾ ايشيائي شاگردن جي عالمي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيو. 1995ع ۾ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ادبي رسالي ماهوار بختاور جو ايڊيٽر رهيو. 1997ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ايڊيٽنگ ۽ ٽرانسليشن بيورو جو انچارج ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1998ع کان 2002ع تائين روزاني عبرت حيدرآباد جو انچارج ايڊيٽر رهيو. روزاني ڪاوش، ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي ويءَ سان هڪ ڪالم نگار ۽ ميزبان طور وابسته رهيو. مختلف ملڪي ۽ بين الاقوامي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ مهمان استاد ۽ تربيتڪار طور ليڪچر ڏيڻ سان گڏوگڏ ايشيا، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن جا تعليمي، مطالعاتي ۽ سياسي دورا ڪيائين. کيس اي. پي. اين. ايس طرفان ٻه ڀيرا بهترين ڪالم نگار طور اوارڊ ملي چڪا آهن. سياست ۽ سياسي مئنيجمينٽ جي هڪ ماهر طور سنڌ توڙي پاڪستان ۾ سندس مڃتا آهي. سول سوسائٽيءَ جي ڪيترن ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جو ميمبر رهيو آهي. سندس لکيل ڪتابن ۾: (1) پاڪستان ۾ وفاقيت جمهوريت جو بحران ۽ قومي خودمختياري (آڪٽوبر 2009ع)، (2) تبديليءَ جا محرڪ ۽ سنڌ جو آئيندو، (3) ايم. ڪيو. ايم جي سياست ۽ سنڌ (جون 2007ع)، (4) تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا، (5) ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا (آگسٽ 2007)، (6) ادب، سياست ۽ سنڌي سماج (اپريل 2007ع)، (7) سنڌي ادب ۾ تنقيد- شيخ اياز (ترتيب)، (8) سنڌي ادب ۾ تنقيد- افسانوي ۽ فڪري ادب (ترتيب)، (9) لبرل ازم: هڪ اڀياس، (10) سنڌي ادب ۾ تنقيد- ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري، (11) سنڌ ڪيس (I- آڪٽوبر 2009ع، II- نومبر 2009ع)، (12) جمهوريت، صحافتي اخلاقيات ۽ ميڊيا ۽ (13) رسول بخش پليجي جون مڪمل تحريرون- سياسي ادب (3 جلد: ترتيب) ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته سندس سوين ادبي، فڪري ۽ سياسي مضمون، ڪالم اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هي هن وقت هڪ تحقيقي، علمي ۽ تربيتي اداري CPCS (سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي) جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آهي ۽ ان اداري طرفان انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ تحقيقي ۽ فڪري جرنل ٽه ماهي ‘فريڊم’ جو ايڊيٽر آهي. جامي چانڊيو، جديد سنڌي شاعريءَ سان گڏ شاهه جي شاعريءَ تي عبور رکي ٿو. شاهه جي حوالي سان هن ڪيترا ليڪچر ڏنا، تقريرون ڪيون ۽ مضمون لکيا آهن، جن ۾ هن شاهه جو جائزو جديد دور جي تقاضائن آهر جديد تنقيدي شعور سان ورتو آهي. ان ڏس ۾ سندس هيٺيان مضمون پڙهڻ جوڳا آهن: (1) هڪ جينيئس جو جنم (2) لطيف شناسي: ڀٽائي عظيم ڇو آهي؟ (3) لطيف شناسي ۽ سنڌي سماج جي اڏاوت (4) لطيف جي شاعريءَ ۾ آدرشي انسان جو تصور (5) گوندر گس پرينءَ جو (لطيف جي شاعريءَ ۾ ڏک جو فلسفو) (6) لطيف جي شاعريءَ ۾ فڪري جماليات  سليم ڀٽو ‘لطيفي’ (جنم 1961ع): مشهور لطيف شناس، سليم ڀٽو ولد حاجي محمد عظيم ڀٽو، پهرين آڪٽوبر 1961ع تي ڳوٺ ٻيلي پتڻ، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ميهڙ مان 1976ع ۾ ڪيائين، انٽر 1978ع ۾ خيرپور ناٿن شاهه مان ڪرڻ بعد بي. اي (1982ع) ۽ ايم. اي انگـريـزي (1985ع) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڪجھه وقت جونيئر اسڪول ٽيچر رهيو، 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرار ٿيو. 1987ع ۾ سي. ايس. ايس مقابلي جو امتحان ڏئي ايڪسائيز کاتي ۾ E.T.O طور ڪراچيءَ جي لياريءَ واري علائقي ۾ مقرر ٿيو. هن وقت پراپرٽي ٽيڪس جو ڊائريڪٽر آهي. سليم ڀُٽي لطيفيءَ جو ننڍي هوندي کان وٺي پڙهڻ ۽ لکڻ سان لڳاءُ هو، شاهه لطيف جي سُر مارئيءَ تي لکيل سندس پهريون مضمون 1988ع ۾ روزاني اخبار ‘عوامي آواز’ ۾ ڇپيو. ان کانپوءِ هن شاهه لطيف جـي ڪـلام تي ڪـم ڪـرڻ لاءِ شـاهه جي فـقـيـرن: فـقـيـر محمد جمن مڱـڻـهـار (ٺـٽـو)، مبـارڪ لـغـاري، مڱيـلـڌي لغاري (ٽنڊو محمد خان)، محمد عمر جوکيي (ٺٽو)، سلطان احمد چانڊيي (ميرپور بٺورو) ۽ ٻين سان لڳاتار ڪچهريون ڪري شاهه سائينءَ جي اڻ ڇپيل بيتن هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، ان لاءِ ٻه ڀيرا هندستان به ويو. شاهه لطيف سان عقيدت ۾ ئي هن پاڻ کي ‘لطيفي’ سڏرائڻ شروع ڪيو. هي صاحب لطيفيات بابت تحقيقي مضمون لکڻ سان گڏ ‘لطيفيات’ تي ليڪچر به ڏيندو رهـيـو آهـي. هـو شـاهه عبداللطيف ڀٽائـي چيـئـر ڪراچي يونيورسٽيءَ جـي پـراجيـڪـٽ انـسائيڪلوپيڊيا آف شاهه عبداللطيف جي ايڊيٽوريل بـورڊ جـو ميـمبـر آهـي. هـن مـهراڻ ٽي. وي، سنڌ ٽي. وي سميت مختلف ٽي. وي چـئنلن تي لـطيـف شـناسـيءَ جي حـوالـي سان ڪيترا پروگرام ڪيا آهن.
2004ع ۾ ٻارڙن لاءِ ماهوار رسالو ‘انڊلٺجاري ڪيائين، ان کان اڳ 1992ع ۾ ڪراچيءَ مان ماهوار ‘پورب ’ ۽ 1996ع ۾ ماهوار ‘جاکوڙ’ جاري ڪيائين، جن ۾ لطيفيات سان گڏ ٻين موضوعن تي مواد شامل هـونـدو هـو. 2008ع ۾ رسـول بخـش جـتوئـيءَ سـندس آواز ۽ ترتيب ۾ ‘درس لطيف’ جي عنوان سان ٻه سي. ڊيون رڪارڊ ڪيون. سليم ڀُٽي لطيفيءَ هن وقت تائين ڪيترا ڪتاب ڇپائي چڪو آهي، جن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) ‘شاهه سائين جي شاعريءَ جو جديد فڪر’ (1990ع)، (2) (br/>
(2) Shah Abdul Latif Bhittai-A star just before the down (1992) (3) ‘شاهه جي شاعريءَ جو سچ’ (1993ع) br/>
(4) ‘Horizons of Shah Abdul Latif Poetry’ (1994ع) (5) ‘لات جا لطيف جي’ (1994ع) (6) ‘حقيقت هن حال جي’ (چار جلد: 97-1995ع)<(7) ‘ههڙا سيڻ سڌير’ (2003ع) (8) ‘قدر ڪيميا ان جو’ (2005ع) (9) ‘شاهه سائينءَ جي ڇپيل ۽ اڻڇپيل رسالن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس’ (2007ع) (10) ‘شاهه جي شاعريءَ ۾ سنڌ جا هنر’ (ڊاڪٽر الله رکئي ٻُٽ سان گڏ: 2008ع) <(11) ‘سائوُ هلن سامهان’ (2009ع) <(12) ‘ڳالهه پريان جي ڳُجھه جي’ (2013ع) وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ شاهه تي تحقيق ڪندڙن ۾ محمد عالم سومرو [‘شاهه جو رسالو الف ب وارو’]، سيد مشتاق شاهه بخاري، انب گوپانگ [ڪتاب: ‘ڇپر جي ڇولي’]، رخمان گل پالاري [پي. ايڇ. ڊي ‘شاهه جي ڪلام ۾ لوڪ ادب ’ ]، ڊاڪٽر سيد ام ڪلثوم شاهه [ڪتاب: ‘شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيهه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو’]، سرمد چانڊيو [‘حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي: ڇند وديا’]، ڊاڪٽر عبدالرحمان جسڪاڻي [ڪتاب: ‘شاهه جي شاعريءَ ۾ اسلامي قدر’]، ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر مخمور بخاري، احسان دانش [پي. ايڇ. ڊي: شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج: هڪ اڀياس]، ڊاڪٽر شير مهراڻي [پي. ايڇ. ڊي ڪتاب: ‘شاهه جي شاعريءَ ۾ جماليات’]، محمد هنڱورجو ۽ ٻيا ڪيترا اديب اچي وڃن ٿا، جن جو تفصيل هتي ڏئي نه سگهيا آهيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو